شھيد بشير خان قريشي تاريخي حقيقت! فقير محمد سنڌي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، گهايل ڌرتيءَ جي سيني تي، اهڙي گِهري چيخ ٿين ٿا، جاهر ڪنھن کي جاڳائي ٿي، جا دنيا کي بدلائي ٿي. سنڌ ۾ رتوديرو ماڙين جي شھر طور تمام گهڻو مشھور آهي، انهيءَ شھر ۾ موٽڻ پور محلو به پنھنجي حيثيت رکي ٿو. اهو ان لاءِ ته ڪي شھر پاڻ تاريخي ڏيک ڏيندا آهن ته ڪي وري ان شھر ۾ جنم وٺندڙ شخصيتن جي ڪري به ڏيھان ڏيھه مشھور ۽ سڃاتا ويندا آهن. رتوديرو ۾ ٻيون علمي ادبي ۽ سياسي شخصيتون موجود آهن، انهن ۾ سنڌ جو ارڏو پٽ بشير خان قريشي چنڊ جي روشنيءَ وانگر نمايان نظر اچي ٿو. بشير خان قريشي 10 آگسٽ 1959ع تي غلام مرتضى قريشي جي گهر اک کولي، انهيءَ اکين سان سنڌ جي سورن کي ڳل لاهيندو رهيو. ساري سنڌ هن کي پرينءَ جي پاڇي وانگر محسوس ٿيندي هئي. مسلسل جدوجھد ڄڻ بشير خان جي خمير ۾ شامل هئي. جنھن کان هر سنڌ واسي واقف آهي. زنده دل انسان ئي پنھنجي قوم کي شعور ڏيندا آهن، جن جو هر قدم عملي وک ثابت ٿيندو آهي. سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز چيو ته: ”اڄ لال لھوءَ جي سرگرم تي، ٿي منھنجي ڌرتي رقص ڪري“ اهڙي ئي رقص واري حالت ۾ بشير خان قريشي مسلسل سنڌي قوم لاءِ جدوجھد ڪئي. ان جدوجھد جي سفر ۾ ڪٿي به ٿڪ هئڻ جو احساس ڪونه ڏنو ”فيڊرل ڪاسترو“ عزم ۽ جذبي جي ڳالهه ڄڻ بشير خان قريشي لاءِ چئي آهي ته: جڏهن انسان دلين ۾ ڪي آدرش کڻي نڪرندا آهن ته دنيا جي ڪابه طاقت جيل جون ديوارون يا قبرستان جا پٿر هنن کي دٻائي نه سگهندا آهن، اهڙن انسانن وٽ هڪ ساڃاھه، هڪ جذبو هڪ ضمير ۽ هڪ وفا جو تصور موجود هوندو آهي.“ سنڌ جي ارڏي پٽ بشير خان سياست کي عبادت سمجهي نئين نسل جي رهنمائي ڪئي، جيڪا هن جي مزاج ۾ عشق عنبير وانگر شامل هئي. ڪڏهن ڪڏهن ادارا به اتساهه جو سبب بڻجندا آهن، اهڙو ئي اتساهه بشير خان قريشي کي 1978ع تي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ مليو جنھن جي ڪري بشير خان قريشي سياست جي شروعات شاگرد سياست کان ڪئي، 1978ع تي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان عزم جو وچن ڪري ويٺو، سياست جي ميدان تي نروار ٿيو. 1980ع تي ٽنڊي ڄام جساف جو صدر مقرر ٿيو، پنھنجي خداداد صلاحيت سان اڳتي وڌندو رهيو. 1988ع تائين جساف جو هيرو رهيو. 1990ع تي جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي صدر به رهيو. 1995ع تي جيئي سنڌ قومي محاذ جو قيام عمل ۾ آيو ته اُتي بشير خان قريشي جي همدردي ۽ جدوجھد سڀني کي سيني ۾ پنھنجي عشق وانگر ياد هئي توڙي قريشي جيل ۾ هو، پوءِ به کيس ڊپٽي ڪنوينر چونڊيو ويو، اهو عشق جو سفر هلندو رهيو ۽ ڪا شيءِ جوکم کڻڻ کان پوءِ ئي دلڪش لڳندي آهي. 1998ع تي جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين جي عھدي تائين وڃي رسيو. تاريخ تڏهن اهميت واري ٿيندي آهي جڏهن هن ۾ مسلسل جدوجھد جو رنگ ۽ ڍنگ شامل هجي. ڪرڪ ڊگلس، واهه جي هنڌ تي ياد پيو آهي، جنھن جا جملا انتھائي تاريخي آهن. ”پرواهه ناهي، حالات ڪيترا به خراب ڇونه هجن ۽ اُهي اڃا وڌيڪ بد کان بدتر ٿيندا ويندا ته ڇا؟ منھنجو غصو مون کي تقرير ڪرڻ کان روڪي ڇڏيندو؟ موسى اڪيلو هيو ۽ هن سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڏيکاريو.“ هن دنيا جي اندر جيڪي به فرد ثابت قدم رهيا آهن، اهي تاريخ جا انمول هيرا آهن، اهڙن ئي پختن حوصلن ۽ عزم جو راهي شھيد بشير خان قريشي به هو، جنھن جا حوصلا هماليه کان به وڌيڪ بلند هئا. جنھن جي ڪري سنڌ جي هر ٻرندڙ اِشو تي آواز بلند ڪيو. جنھن جي ڏوهه ۾ ڪيترا ڀيرا جيل ياترا به ڪيائين پوءِ به سنڌ جي عشق هن کي ڪٿي مايوس ڪونه ڪيو. زندگيءَ جي سفر ۾ اڃا ڪجهه جرئتمند دوست ٺاهي ڏنائين. انهيءَ مقصد سان ته توهان کي بلنديءَ طرف وڌڻو آهي ته اول پيڙ کي مضبوط ڪيو. ايئن ئي بشير خان قريشيءَ پارٽيءَ جي پيڙهه کي ڏينھون ڏينھن مضبوط ڪندو رهيو، جنھن جي ڪري پنھنجي زندگيءَ ۾ 6 سالن جي عرصي تائين وقتن به وقت جيل جو منھن ڏٺائين سنڌ جي اندر بشير خان قريشي لانگ مارچ به پنھنجي ديده دليريءَ سان ڪيا، ڏاڍ جي هر موڙ کي ڪمزور ڪندو رهيو، ڪالا باغ ڊيم جي اشو تي بشير خان قريشي جهرَجهنگ هڪ ڪري ڏنو، جسقم جي قيادت ڪندي عاليشان جلسا ۽ جلوس ڪري سنڌ جي عوام جو ڀرپور نموني آواز ايوانن تائين پھچائڻ ۾ ڪامياب ويو. بشير خان قريشيءَ کي پارٽيءَ جا ڪارڪن وڏو ڪري سڏيندا هئا. رتوديرو جو عوام سندس شخصيت سان بي پناهه عشق ڪندو هو، انهيءَ حب ۽ چاهه 1998ع تي بشير خان قريشيءَ کي شھري اتحاد رتوديرو جو سرپرست پڻ چونڊيو ويو. اهڙي طرح بشير خان سان پارٽيءَ جا ڪارڪن ۽ سنڌ جو عوام تمام گهڻو پيار ۽ محبت سان ملندا هئا، پنھجي سوچ کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ سنڌ جا ماڻهو بشير خان جي زندگيءَ کي مثال طور پنھنجي آڏو رکي جدوجھد جو رستو اختيار ڪندا آهن. 1989ع تي هڪ ڪتاب ”جاڳيا جنگ جوان“ سندس جي تقريرن تي مشتمل ڪتاب شايع ٿيو. جنھن مان به ڪافي دوستن اتساهه ورتو. اهڙي طرح ڪي بي منگي جي عشق به ڀڙڪو کاڌو ته 2000ع تي ڪتاب ”آزادي جي راهه م“ بشير خان قريشي مختلف مڪتبه فڪر رکندڙ جي نظر ۾، انهن جونڳالهيون منظرِ عام تي اچي ويون ته سنڌ جو عوام بشير خان سان ڪيتري محبت رکي ٿو. مرڻو آهي سڀ کي، مرندو هت هر ڪو، گنگا جي گود ۾، ڪو سنڌو ڀر ڪو، اهڙوڪم ڪر ڪو، جيڪو ماري موت کي. (شيخ اياز) ڪي بي منگي جي ڪتاب جي فھرست هت ڏيڻ جي ضرورت محسوس ڪري رهيو آهيان، ڪتاب جو مھاڳ اعجاز منگي لکيو آهي، بشير قريشي لاءِ مون وٽ محبت آهي، سيد امداد محمد شاهه، اسان جو نجات ڏياريندڙ اچي ويو، عبدالواحد آريسر، شاگرد استاد لاءِ اثاثو آهي، قمر عباسي، بشير قريشي ڄمندي باغي آهي. اعجاز منگي سياست دل جي چوڻ تي نه ٿيڻ کپي، انعام شيخ، مئن آف ڪرائيسز، يوسف لغاري، بشير خان عملي ماڻهو آهي، مولانا عزيز الله ٻوهيو، جيل سياسي ماڻهو لاءِ درسگاهه آهي، امير بخش عمراڻي، بشير قريشي ليڊر ٺاهيندڙ آهي. اخلاق جوکيو، هي حياتي ساري پياري پر توکان ٿوري گهٽ، رفيق شاهه راشدي، هي سمورا فيصلا دل سان ڪندو هو، الطاف تونيو، اسلام بچاءِ ۾ وڙهڻ جي اجازت ڏي ٿو. ادريس رند هو نئون هڪڙو حلقو ٺاهڻ چاهي ٿو، وهاب پندراڻي، هي مرد مجاهد آهي، بچل شاهه، اسان کي هن تي فخر آهي. شھزادو قريشي. جيل ۾ رهڻ سبب ڀائو شطرنج جو سٺو رانديگر ٿي ويو آهي، پر ذاتي زندگيءَ ۾ هو شطرنج جون چالون نه آزمائيندو آهي، مقصود قريشي چانهه نه پيئندو آهيان. صنعان قريشي، بابا جيل ۾ آهي، مارئي، هو ڀاڄيءَ ۾ ڀينڊيون شوق سان کائيندو آهي، سعيده بشير قريشي، سائين جي ايم سيد جون مون کي چميون ڏيڻ زندگي جو يادگار تحفو آهي. بشير خان قريشي،ڪتاب ۾ عنوان ئي ظاهرڪن ٿا. بشير خان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪيترو عشق ڪيو آهي. جتي به ويو اُتي سڀني سان محبت وارو رويو رکيو جنھن جي ڪري عام ماڻهو بشير خان کي پنھنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏيندو هو. مائوزي تنگ جي خيال تي بشير خان سئو سيڪڙو عمل پيرا نظر ٿو اچي. پنھنجي عزم مضبوط رکو، قرباني کان نه ڊڄو، فتح حاصل ڪرڻ لاءِ هر مشڪل تي عبور حاصل ٿي ويندو لطيف سرڪار چواڻي ته: ويو جاڳائي جيڏيون، برهه هيءُ بيباڪ، چُر ڦرڪاري چاڪ، سُورُ سمھاري ڪين ڪي. پر ديوان حافظ جو شروع وارو غزل جي پھرين مصرع عربي ۾ ئي ٻي فارسيءَ ۾ آهي. جيڪا عشق وارن کي سنيھو ٿي پيش ڪري. ترجمو: سجاڳ ٿي اي ساقي! پيالي کي ڦيراءِ ۽ مون کي پيار، ڇو ته عشق پھريائين سولو ڏسڻ ۾ ٿي آيو، پوءِ ان سخت تڪليفون پيش آيون، جن کي اهو شراب ئي آسان ڪندو. تنھنڪري ته بشير خان قريشيءَ کي عشق جي سرڪ لڳل هئي جو هر هنڌ، هرماڻهونءَ ۾ پرينءَ جو حسن جمال پسي حقيقي جھان جوڙڻ جي ڪوشش ۾ هو. ڪي ٿوراماڻهون آهن جن کي پنھنجي اندر جو نور نظر ايندو آهي. باقي اها اصل حقيقت آهي ته هن سنسار ۾ عطائي سياسي ماڻهن جي گهڻائي آهي جيڪي روز جي بنياد تي خلق خدا کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن. باقي ٿورائي اهڙن ليڊرن، اڳواڻن ۽ رهنمائن جي آهي جن کي صديون پڄاڻان به انسانن جي ذهنن جي عسڪرين تي اڃا گلاب جي پنکڙين وانگر تازا توانا نظر ايندا آهن. اهي ڪڏهن به وسڙڻ جھڙا نه آهن جو انهن کي وساري سگهجي. دنيا جي اندر زندگيءَ کي فنا آهي، جيڪا هر حال ۾ ختم ٿئـڻي آهي، جي ايئن آهي ته پوءِ پنھنجو ڏينھن سجايو بڻايون، ڪجهه نه ڪجهه ڪري وڃو. بشير خان پنھنجي زندگيءَ جو هر پل سڦلتو بڻائي امرتا پائي، 7-اپريل 2012ع تي زندگيءَ جا سبب راز جدوجھدون،ڌرتيءَ سان ڪيل عشق سنڌي کي ارپي، پاڻ وڃي رتوديرو باءِ پاس تي هميشه لاءِ آرامي ٿيو. عاشق زهر پياڪَ، وِهُه ڏسي وهُسَن گهڻو، ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ. لڳي لنئون لطيف چئي، فنا ڪيا فراق، توڻي چڪين چاڪ، ته به آهه نه سَلِن عام کي. ڀٽائي سرڪار جو جيڪو شعر عشق جي منزل يا دڳ تي لکيل آهي، اهو جدوجھد ڪندڙ فردن لاءِ اتساهه جو سبب آهي. ميڙ منٿ قافلا، مظلوم عوام جو سگهارو آواز بشير خان قريشي جي روپ ۾ نھايت شاندار طريقي سان حل ٿيندا هئا، رٺل ڌرين کي آسانيءَ سان کير کنڊ ڪري سنڌي قوم مان رنجشون ختم ڪرڻ لاءِ جسقم چيئرمين تاريخي ڪردار ادا ڪيو جيئن سنڌي پاڻ ۾ ڪڏهن به رٺل نه هجن، سدائين متحد هجن ته جيئن پنھنجي زندگيءَ جي هر مسئلي کي آسانيءَ سان حل ڪري ترقي ڪري سگهن. انهيءَ سوچ ويچار کانپوءِ سنڌ ۾ رهندڙ سڀني برادرين کي متحد ۽ خوش رکڻ جو خواب اکين ۾ سانڍي بشير خان، شاهه سائين جو رسالو، نياڻيون، سيد ۽ پارٽيءَ جا ڪارڪن ساڻ ڪري سنڌي قوم جي ستل ضميرن کي جاڳائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، بشير خان ان پاسي کان گهڻي حد تائين ڪامياب ويو. ”ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهه، ڳڻ وڍيندڙ هٿ ۾“ هن سماج ۾ بشير خان قريشيءَ زندگيءَ جا سڀ پاسا بلند رکيا، جنھن جي ڪري تاريخ ۾ پنھنجي تاريخ جوڙي ويو. تاريخ به اهڙي شاندار جو 300 کان مٿي ميڙ منٿ قافلا ماڻهن کي پرچائڻ ۾ ڪامياب ويو، 100 کان مٿي وڏن جهيڙن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. سنڌ بشير خان جھڙن پُٽن لاءِ صدين تائين واجهائيندي رهندي. آخر ۾ سنڌ جي سقراط لاءِ سعيد ميمڻ جون سِٽون ته: ڪڏهن موت کان نه دلڙي ڊني آ، اسان سنڌ توکي حياتي ڏني آ. اڙي دوستو! هي ڌرتي سنڀاليو، اسان جي حياتي دَڳ ۾ پُني آ.