شفيق الرحمان شاڪر انسان ته ٺهيو پرپکين ۽ جانورن کي به پنهنجي آکيرن ۽ گھرن سان انيڪ محبت هوندي آهي.مکين جي ماناري ۾ ڪو کڙو هڻي ڏسو،ڪانو جي آکيري ڏانهن ڪو پٿر اڇلي ڏسو ته اهي ڪهڙو شديد ردعمل ڏين ٿا.سو آزاد يء جو قدر انهن کان پڇجي جن وٽ پنهنجي ڪا ڌرتي ڪانهي يا جن جي ڌرتيء تي ڪنهن ڏاڍي قبضو ڪري رکيو آهي.انهيء ۾ ڪو شڪ ناهي ته وطن جي حب ايمان جو جزو آهي ۽ ڀٽائي گھوٽ جي لفظن ۾ ”حيف تنين کي هوء،وطن جن وساريو” سو 14 آگسٽ کي جيڪر ديس واسي آزاديء جي جشن طور ملهائين ٿا ۽ پنهنجن دلي جذبن جو اظهار ڪن ٿاته اهو هڪ فطري عمل آهي ۽ دنيا جون زنده قومون انهن قومي ڏڻن کي وڏي اهميت ڏين ٿيون.پر پاڪستان جي ان کان وڌيڪ بدقسمتي ٻي ڪهڙي چئجي جو اهو غريب عوام جن کي اڄ تائين آزاديء جو حقيقي ثمر پلئه نه پيو آهي ۽ جيڪي اڄ به نهايت ئي ڪسمپرسيء واري زندگي گھارڻ تي مجبور آهن اهي پنهن جن سمورن محرومين،مسئلن ۽ مصيبتن باوجود پاڪستان سان پنهنجي جان کان وڌيڪ محبت ڪن ٿا.اهو صحيح آهي ته انهن سان سدائين دوکو ٿيندو رهيو آهي،انهن جي دردن جو درمان ٿيڻ بدران سدائين سندن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو ويو آهي،کين زندگيء جون بنيادي سهوليتون مهيا ڪرڻ بدران سندن بنيادي انساني حقن کان به محروم ڪيو ويو آهي ،نه سندن علاج جو ڪنهن کي فڪر آهي ۽ نه ئي سندن اولاد جي تعليم جي ڪنهن کي ڪا ڳڻتي آهي.ٻيو ته ٺهيو پر ماڻهن جي اڪثريت اڄ به پيئڻ جي صاف پاڻيء جي سهوليت کان به محروم آهي.حڪومتون اچن ٿيون ۽ وڃن ٿيون،دور بدلجن ٿا،ڪڏهن اسلام جي نالي تي ته ڪڏهن جمهوريت،احتساب ۽ تبديليء جي نعرن تي هڪ قبضا گروپ حڪمران مافياجي مفادن،اقتدار ۽ اختيار جي راند جاري رهي ٿي جنهن ۾ عوام کي رڳو شطرنج جي مهرن جيان استعمال ڪيو ويو آهي تنهن هوندي به انهيء مجبور،ستايل ۽ مصيبتن جي ماريل عوام جي دلين مان پاڪستان جي محبت ڪڏهن به ماٺي نٿي ٿئي.اهي ملڪ خلاف ٿيندڙ ڪنهن به سازش جو حصو نٿا بڻجن.ٻئي طرف حڪمران سياسي مافيا آهي جن کي هن ملڪ سڀ ڪجهه ڏنو،اقتدار،اختيار، پئسو ڏوڪڙ،عزت،شهرت ۽ سڃاڻپ پر اهي اڄ به پنهنجي ملڪ سان سچا ناهن.کين ٿوري به ڪسر نه اچي ته ملڪ ۽ رياست خلاف زهر ۾ ڀريل زبان استعمال ڪرڻ لڳن ٿا.انهن کي پاڪستان جيڪي ڪجهه ڏنو آهي اهو انهن کي ياد به نٿو رهي.اها مافيا جنهن پنهنجي مڪر ۽ ڏاڍ ذريعي پوري ملڪ ۽ ملڪي عوام کي يرغمال ۽ پنهنجو غلام بنائي رکيو آهي سا هن وقت به پنهنجي مفادن جي تحفظ جي جنگ وڙهندي نظر اچي ٿي ۽ انهيء جنگ ۾ اهي هر حد اورانگھڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نٿي ڪري.انهن سان ڪهڙو ڏاڍ ۽ ستم ٿيو آهي؟ ڪهڙي زوري ۽ ظلم ٿيو آهي؟انهن جي ڪنڌ تي ڪهڙي ڪاتي هلي آهي،انهن جي هٿن ۾ ڪهڙيون زنجيرون ۽ پيرن ۾ ڪهڙيون ٻيڙيون پارايون وييون آهن؟ انهن جي پٺيء تي ڪهڙا ڪوڙا ۽ ڦٽڪا وسيا آهن؟ انهن ڪهڙا قيد تنهائي ڪٽيا آهن جو انهن جو لهجو ايڏو تيز،سندن زبانون ايڏيون زهريليون ۽ سندن لفظ ايڏا تلخ بڻجي ويا آهن.اهي بازارن جي داداگيرن وانگر ڌمڪين تي ڇو لهي آيا آهن؟ اهي چون ٿا ته ته قوم هن دفعي جشن آزادي به نه ملهائي،ديس سان محبت ظاهر ڪرڻ لاء بينر ۽ جھنڊا به نه ڦڙڪائي،عوام هنن سان گڏجي هنن جي محرومين جو ماتم ڪري.عوام جيڪو صدين کان حقيقي محرومين جي سمنڊ ۾ غوطا کائيندو رهيو ۽ سالن کان سور ۽ صدما سهندو رهيو اتي هنن جي روح کي نه ته ڪڏهن ڪا رهنڊ آئي ۽ نه ئي هنن جي ضمير کي ڪڏهن ڪا جاڳ ٿي.ٽيهه ٽيهه سال عوام مٿان عذاب الاهي بڻجي حڪمرانيء جي صورت ۾ ڪڙڪيل رهيا،انهيء عرصي دوران عوام جا ڏيل وڌيڪ ڏٻرا ۽ هنن جا پيٽ وڌيڪ پکڙبا رهيا پر پوء به هنن کي هن ديس سان شڪايتون آهن،انهن کي شڪر ڪرڻ گھرجي جو اهي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ حڪمرانيء جي اها راند نه رهيا نه ته انهن ملڪن ۾ ماڻهو انهن جو ڪڏهڪو حشر نشر ڪري چڪا هجن ها.سندن سڀ مستيون ڪڍي ڇڏين ها.اڄ اهي وڏي چالاڪيء سان دنيا جا عظيم ترين مظلوم بنجڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.ساڻن ٿين ظلمن جا داستان بيان ڪندي نٿا ٿڪن،آهون ڀريندي ۽ دانهون ڪندي نطر اچن ٿا ،روئندي ۽ رڙيون ڪندي ڏسجن ٿا.آخر انهن سان ٿيو ڇاهي؟ عوام کين پنهنجي مرضيء سان اقتدار مان ٻاهر کڻي ڦٽو ڪيو آهي ته عوام جو اهو فيصلو قبول ڪرڻ بدران پوري ملڪ کي جنگ جو ميدان بنائڻ تي لهي پيا آهن.نه ڪو اصول آهي ۽ نه ئي ڪو نظريو، ڪيڏانهن ويئي ساڄي ڌر جي سياست ته ڪهڙي ڪن ۾ دفن ٿي کاٻي ڌر جي سياست،هن وقت “ايڪ هي صف مين کڙي هوگئي محمود و اياز“ واري صورتحال آهي.سڀ هڪ ٿي ويا جو سڀني جو درد ساڳيو ۽ سڀني جو زخم هڪجهڙو آهي.اهي پنهن جي سياسي راند هارائي چڪا آهن،عوام انهن مان پنهنجي جان آجي ڪرڻ گھري ٿو پر اهي اڃا به عوام جي جند ڇڏڻ لاء تيار ناهن.اهي ڪير ٿيندا آهن عوام کي آزاديء جو جشن ملهائڻ کان روڪڻ وارا؟ اهي عوام کي اهڙيون صلاحون ڏيڻ بدران پنهنجن پرڪارن تي غور ڪن،پنهنجن پاليسين جو جائزو وٺن،پنهنجن اصولن ۽ نظرين جو جنازو پڙهن، ڪيڏانهن پيپلز پارٽي ۽ ڪيڏانهن نون ليگ،ڪٿي اي اين پي ته ڪٿي مولانا صاحب، مطلب ته سڀ ڪجهه ملي مڪس ٿي ويو،سياسي کچڻي پچي ويئي جنهن مان هرڪو وڏي شوق سان سرڪ ڀري رهيو آهي،هرڪو منجهائن هنجون هاري رهيو آهي جو انهن جي پيرن هيٺان پهريون ڀيرو سياسي سرزمين سرڪندي محسوس ٿي رهي آهي.اهي عوام کي ڪجهه به نه ڏيئي سگھيا سواء سورن جي . اڄ اهي عوام جي غم ۾ ڳري رهيا آهن ۽ انهن جي درد ۾ ڍڪون ڀري روئي رهيا آهن.انهن کي هن دفعي پنهنجن نام نهاد محرومين جو ماتم اڪيلو پنهنجو پاڻ ڪرڻو پوندو جو عوام وٽ پنهنجا درد ئي کوڙ آهن.پنهنجي سورن کان ئي واندڪائي ناهي،جتي صدين کان عوام پنهنجن صدمن تي سڏڪا ڀري رهيو آهي اتي ڪجهه ڏينهن ته اها اشرافيا به رڙيون ۽ ڪوڪون ڪري، دانهون ۽ آهون ڪري،گھوڙا گھوڙا ڪري،روڄ راڙو ڪري ته جيئن ستايل عوام جي اندر کي به ڪو ڇنڊو لڳي.اهي ڪهڙي منهن سان ڌانڌلي ڌانڌليء جي تسبيح پڙهي رهيا آهن جڏهن ته اهي هر اليڪشن ۾ پاڻ به ڌانڌليون ڪري عوام جي سرن تي سوار ٿيندا رهيا آهن.اهي ڪهڙي اصول تي اسٽيبلشمينٽ تي الزام مڙهي رهيا آهن جڏهن ته اهي پاڻ سڄي عمر انهن جي آستانن تي عقيدت وچان حاضريون ڀريندا رهيا آهن.انهن کي اوچتو جمهوريت،عوامي بالادستي ۽ انساني بنيادي حقن جو پيٽ ۾ وڪڙ ڪيئن آيو آهي جو اهي پنهنجن ڊگھن اقتدارن دوران سدائين عوام کي زندهه درگور ڪندا رهيا آهن.جيڪر پاڪستان جي آزاديء کان وٺي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ عوام کي پيڙهيندي ۽ نپوڙيندي رهي آهي ته هنن جمهوريت جي شاهڪارن پاڻ به عوام سان ڪي گھٽ ظلم ۽ ستم ته ناهن ڪيا.هي خبر ناهي ڪهڙي دنيا ۾ رهن ٿا،هنن اڃا تائين به بدليل حالتن جي للڪارن کي محسوس نه ڪيو آهي،اهي اڃا تائين عوام کي ماضيء جيان بيوقوف بنائڻ جا ناٽڪ ڪري رهيا آهن پر هاڻي اهي سياسي طور تي ايڪسپائر ٿيڻ جي ويجھو پهچي چڪا آهن.انهن جي وڄايل سياسي ڊگڊگيء تي هاڻي شايد انهن کي پاڻ اڪيلو نچڻو پوندو.عوام پنهنجن سمورين محرومين، مسئلن،مصيبتن،مونجھارن،نااميدين،شڪوه ۽ شڪايتن باوجود پنهنجي پياري ديس جي آزاديء واري ڏينهن تي جشن ضرور ملهائيندو جو انهن سمورين ناانصافين جو ذميدار ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان نه پر ان جي اقتدار تي قبضو ڪندڙ اها سياسي ۽ غير سياسي مافيا آهي جن هتان جي عوام کي ڪڏهن انسان سمجھيو ئي ناهي.ديس ۾ عوامي سجاڳيء جو سفر شروع ٿي چڪو آهي جنهن کي هاڻي ڪو به طاقتور روڪي نٿو سگھي، ايندڙ نئين حڪومت به جيڪر پراڻن حڪمرانن جيان عوام سان ڪا ٺڳِيء جي راند کي_کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهي به ماضيء جو عبرتناڪ نشان بڻجي ويندا۽ لڳي ايئن ٿو ته اهو وقت گھڻو پري ناهي جڏهن “ راڄ ڪندي خلق خدا جيڪا تون به آهين ۽ مان به آهيان.”