فلسفي جي تعليم جيتوڻيڪ پنهنجي جڳھ تي اهميت جو حامل آهي، فلسفو هميشه انهن رُخن ۽ لاڙن تي ويچارڻ لاءَ مجبور ڪندو آهي جن لاڙن تي عام رواجي طور تي تمام گهٽ سوچيو ويندو آهي، اِها ئي خصوصيت فلسفي جي تعليم کي ٻين تعليمن جي ڀيٽ ۾ اعليٰ ۽ ادنا بنائڻ جو سبب آهي…! فلسفو پنهنجي انفراديت جي ڪري گهڻن ئي منجهيل سوالن جا جواب تلاش ڪرڻ ۾ روز ازل کان مصروف عمل آهي ۽ فلسفي جي تعليم جي وسيلي انساني ڏاهپ نہ ڄاڻ الاءَ تہ ڪيترا سوچڻ جا نوا گس دريافت ڪيا آهن…! فلسفي جي تعليم سان ذاتي اُنسُيت هجڻ سبب آءُ ڪڏهن ڪڏهن فرصت جي وقت زندگي جي فلسفي تي سوچڻ لڳندو آهيان، آءُ سوچيندو آهيان تہ ڇا هن دنيا ۾ اچي ڪري پنهنجي خواهشن جي تڪميل خاطر پنهنجي پاڻ کي پوري طرح ارپي ڇڏڻ جو نالو زندگي آهي…؟ يا وري سماجي قدرن ۽ مذهبي تعليمات کي مد نظر رکندي ٻين ڪاڻ جيئڻ جو نالو زندگي آهي…؟ جيڪڏهن زندگي ايتري حسين آهي جيتري ڪهاڻين ۽ ڪتابن ۾ لکي ڪري پيش ڪئي ويندي آهي تہ پوءَ هي ڏک، درد، پيڙاھ، تڪليفون ۽ اهجون زندگي جو حصو ڇو آهن…؟ زندگي جي شروعات ۽ انت روئڻ کان شروع ٿي ڪري روئڻ تي ئي ڇو ختم ٿي ٿئي…؟ زندگي جي ڀيٽ ۾ موت کي ايترو هيبتناڪ ۽ خوفناڪ ڪري ڇو پيش ڪيو ويندو آهي…؟ ڇا موت سان زندگي جو انت ٿيندو آهي يا شروعات…؟ ڪجھ اهڙي ئي قسم جا انيڪ سوال مون کان زندگي جي گهڻ رخي جاچ ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويندا آهن، آءُ زندگي جي اصليت تي سوچيندي سوچيندي خاموش ٿي ويندو آهيان، آءُ زندگي کي موت اڳيان بي وس ۽ لاچار محسوس ڪندو آهيان، حالانڪ اندروني طرح اهو يقين پڻ اٿم تہ موت جي اچڻ سان زندگي جو سفر پچاڻي تي نٿو پهچي، موت تہ زندگي جي هڪ سفر کان ٻي سفر تائين پهچائڻ جو هڪ ننڍڙو اسٽاپ آهي…!
ادا منھنجي مطابق ته ـ مذهبي تعليمات کي مد نظر رکندي پنهنجي خواهشن جي تڪميل ۽ ٻين ڪاڻ جيئڻ جو نالو زندگي آهي، توھان ان جو خلاصو ڪندا ، اگر ٺائيم آھي ته
زندگي جي ڀيٽ ۾ موت کي ايترو هيبتناڪ ۽ خوفناڪ ڪري ڇو پيش ڪيو ويندو آهي…؟ منهنجي پاران هي شعر ... مرنا تو اس جہان میں کوئی حادثہ نہیں اس دورِ ناگوار میں جینا کمال ہے!!!!!!!!!!!!!
سائين مطلب تہ مذهب اسان کي ٻين سان سهڪار ڪرڻ ۽ ڏکئي وقت ۾ سندن مدد ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو ۽ اهڙي ئي ريت جيڪڏهن اسان ٻين کي ڏکائڻ کان علاوه ٻين جو احترام ڪندي پنهنجي زندگي بسر ڪريو تہ شايد اهو اسان لاءَ بهتر ثابت ٿيندو