ضراب حيدر رسول بخش پليجي جون ڪاوشون

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏16 آگسٽ 2018۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    سنڌ لاء پتوڙيندڙ رسول بخش پليجو

    2004 ع ۾ جڏهن مان نائين ڪلاس جو شاگرد هئيس مان پنهنجي ڪلاس ۾ ويٺو ئي هئس ڪو به ٽيچر ڪلاس ۾ نه هو ان وقت مون ڏي محترم پياري دوست ممتاز ڀنڊ جيڪو دادو ضلع جي عوامي تحريڪ جي مضبوط پاء جي ڪال آئي جنهن ٻڌايو توهان اچو اڄ عوامي تحريڪ جي باني سائين محترم رسول بخش پليجو دادو آيا آهن ته هلون انهن سان مولاقات ڪيون پوء مان پنهنجي ٽيچر کان موڪل وٺي ممتاز ڀنڊ سان گڏ سائين رسول بخش پليجو سان مون کي به هٿ ملائڻ جو موقعو مليو هو جيڪو اڄ مان محسوس ٿو ڪيان ته منهنجي لاء هڪ وڏو عزاز هو رسول بخش پليجو صاحب پاڻ هڪ پلنگ تي ويٺا هئا ۽ سندس سان گڏ آيل مهمان پلنگ جي چوڌاري ڪرسيون لگائي ويٺا موضوع ڪالاباغ ڊيم تي هلي رهيو هو جنهن تي تمام بهترين نموني سان هي سنڌ جو ڏاهو محقيق ۽ قانون دان ڏهپ جا ڏس ۽ دادو عوام کي ڪلاباغ ڊيم جي ڪري سنڌ واسين کي پهچندڙ نقصانن بابت ناليج ڏيئي رهيو هو ۽ پنجاب جي مڪرن ۽ فيربن کان اسان کي تمام سٺي ڄاڻ ڏني هئي ان وقت منهنجي عمر ته کڻي گهٽ هئي پر مون جيڪي رسول بخش پليجي جون ڏاهپ ڀريون ڳالهيون ٻڌيون هيون ته منهنجو دماغ دنگ رهجي ويو هو ته هيتري ڄاڻ هن عظيم شخص کي ۽ ايترو احساس پنهنجي سنڌ واسين تي مون کي ته تمام گهڻي خوش ۽ مزو ان وقت رسول بخش پليجي جي ڪچهري مان گهڻو آيو هو جڏهن هن وسند ٿري کي قومي گيت چوڻ لاء چيو هو وسند ٿري بند ڪمري ۾ پنهنجي پياري آواز ۾ مريم مجيدي جو جڏهن گيت جهونگاريو هو ته سڄي سنڌ جي مٽي جي هوٻڪار مون کي پنهنجي اندر ۾ محسوس ٿي هئي
    سنڌ جو عظيم ڏاهو قانون دان محقيق ۽ هاري ناري لاء پاڻ پتوڙيندڙ محترم رسول بخش پليجو جن اڄ وجودي حالت ۾ اسان سان گڏ ناهن پر سندس جا ڪارناما ڪردار سنڌ دوشمنن سان اهي اٽڪاء سنڌ دوشمنن جا رستا روڪڻ انهن جي نيتن کي خوب ڄاڻيندي انهن جا پول پڌرا ڪندڙ ۽ اسان سڀ سنڌين کي انهن جي مڪر و فريب کان واقف ڪرايو ته محترم رسول بخش پليجو ئي هيو , جڏهن 1985ع 1986ع ۾ محاجرن پنهنجي بدنيتگي جي باه ٻاهر اوگاڇڻ جي ڪوشش ڪئي سنڌ شهر تي ديرو ڄمائڻ ۽ سنڌي شهر کان بي دخل ڪرڻ جوالطاف حسين جي محاجر مومينٽ ۽ سليم حيدر گروپن جون متون ان وقت رسول بخش پليجي منجهايون جڏهن 1986ع ۾ ان وقت به فورن هن جوڌي جوان سنڌي عوام جو اتحاد ٺاهي تيار ڪري انهن جو پهريان ميڙاڪو حيدرابا ۾ ۽ ٻيو ميڙاڪو ڪراچي ۾ ڪرايو هو جنهن ۾ سنڌ ڪنهن جي سنڌين جي حيدرآباد ڪنهنجو سنڌين جو ڪراچي ڪنهن جو سنڌين جي نعرن جون اهڙيون ته گونجون هيو جو ڏسندي ڏسندي محاجرن جا ته ترا لڳي ويا هئا ان کان پوء جڏهن سائين جي ايم سيد ان اتحاد جو حصو بڻيو ته سنڌي عوام جو اتحاد جو نالو مٽائي سنڌ قومي اتحاد رکيو ويو هو جنهن جو چئيرمين سائين جي ايم سيد ۽ سڪريٽري رسول بخش پليجو هوندا هئا سنڌ قومي اتحاد جو زور شور ڏسي ايم ڪيو ايم جا ڪجه ڪارڪون محاجر به پاڻ کي سنڌي سڏائڻ لگا هئا ۽ انهن کي سائين جي ايم سيد سنڌ قومي اتحاد ۾ شامل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون مگر رسول بخش پليجو انهن جي نيتگين کان خوب واقف هو ۽ انهن جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته جيستائين ايم ڪيو ايم ۽ محاجر پاڻ کي مڪمل سنڌي نٿا سڏائن ۽ جيستائين مڪمل سنڌ جي مفادن ۾ ڪم نه ڪندا تيسن تائين اسان انهن کي پنهنجي هن سنڌ قومي اتحاد ۾ شامل نه ڪنداسين,
    سندس حياتي ۾ وقتن به وقتن ڪيترائي سنڌ دوشمن منصوبا ٿيندا رهيا پاڻ انهن جي مخالفت ۾ جدوجهد به ڪندا رهيا جئين ڪالاباغ ڊيم جهلم چشما لينڪ ڪئنال جون رٿائون تي آواز اٿاريندا رهيا ۽ انهن جي مخالفت ۾ مضمون ۽ ڪالم لکندا ۽ تقريرو ڪندا رهندا هئا
    محترم پليجو صاحب سنڌ جي هارين پورهتين ۽ بي پهچ ماڻهون جو آواز هو ۽ انهن لاء جدوجهد جيڪا پليجي صاحب ڪئي سا ته تاريخ جي سونهري ورقن ۾ هميشه ياد ڪئ ويندي سنڌ جي حقن جي حفاظتن کان وٺي ويندي پنهنجي قومي ڪارڪون جي حوصلا افزائي ڪندي هر ظلم سان قانوني لحاظ سان مهاڏو اٽڪائڻ جي ڪري ڪيترائي دفعا سندس کي جيل به ٿي پر هن ڪڏهن هيڻو نه ٻوليو جستجو ۽ سنڌ جي حقن لاء جدوجهد سدائين جاري رکيائن,سياستي ۽ ڏاهپ جو هي اهڃاڻ وڏيرڪائي ڪڌن ڪرتوتن تي هلندڙ جهالتون جي غلامين جي رسمون کي ختم ڪرڻ ۾ به پنهنجي جدوجهد وڏيرڪائي نظام جي ڪرتوتن جي خلاف به پنهنجو آواز اٿاريندو رهيو ۽ عورت جي آزادي ۽ غلامي واري جهالت کان ڇوٽڪارو ڏيرائڻ لاء به پليجي ڪڏهن به پنهنجي جي حياتي تائين آواز کي سائلينٽ نه ڪيو…پليجو عوامي تحريڪ کان وٺي ويندي هارياڻي تحريڪ تائين هن جيڪي به تحريڪون جوڙيون انهن کي سنڌ جي جي بي پهچ ماڻهون جي ڪوڪ بڻجي مظلومن جي اها۽ سدا کان وٺي سنڌ جي مفادن لاء هلايندو رهيو۽ تحررڪون جوڙڻ جو مقصد به اهو ئي هوندو هئس ۽ ڪيترائي لانگ مارچ به سنڌ جي مفادن خاطر ڪيا جيڪا هڪ ڀهترين جستجو ۽ قابل رشڪ جدوجهد هئي پليجي صاحب جي,
    ___________________________________________ اصغر علي جمالي/دادو
    03113072726
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو