ڳالھ ڪندا آهن ته هڪ دفعي گڏھ ڪتو ۽ گدڙ هڪ ئي بس ۾ سفر ڪرڻ لاءِ چڙهيا هو پنهنجي سيٽن تي اچي ويٺا ته ڪنڊيڪيٽر اچي انهن کان پئسا گهريا ڪتي ڪنڊيڪٽر کي هزار جو نوٽ ڏنو ڪنڊيڪٽر هزار جو نوٽ ڪتي کان وٺي چيو ته يار مان ٻين کان به ڪرائو اوڳاڙي ڪيان پئسا کليا ملن ته تنهنجا بقايه پئسا توکي واپس ٿو ڪيان ائين چئي ڪنڊيڪٽر اڳتي وڌيو ۽ ٻين کان ڪرائو اوڳاڙڻ شروع ڪيو ڪنڊيڪٽر گڏھ وٽ آيو ۽ اچي ان کان ڪرائو گھريو گڏھ ان کي پنهنجو پورو ڪرائو ڏنو وري ڪنڊيڪٽر گدڙ طرف آيو ۽ ان کان ڪرائو گهريو ته گدڙ ان کي چيو ته ادا مان بعد ۾ توکي ڪرائو ڏيان ٿو. ڪنڊيڪٽر وري ٻين پيسينجرن کان ڪرائو اوڳاڙيو تيستائين بس اسٽاپ تي پهچي وئي. ۽ ڪنڊيڪٽر اچي ڀل ۾ ڪتي جي هزار مان بچيل رقم گدڙ کي ڏني گدڙ جو پئسا ورتا ته بيٺو ئي ڪون اچي پيرن تي زور ڏنائين ائين ڏسندي ئي گدڙ ڀڄي ويو ڪتو جو اسٽاپ تي لٿو ته ڪنڊيڪٽر کان پنهنجا بقايه پئسا گھريائين ان تي ڪنڊيڪٽر چيو ته اڙي يار مونکان ته ڀُل ٿي وئي مون ته تو واري بقايه رقم گدڙ کي ڏئي ڇڏي اڙي ڀلا ڏسو ڏسو گدڙ ڪاڏي ويو گدڙ کي جو ڏسن ته گدڙ آهي ئي ڪونه ان تي ڪتو اَڙِي ڪري بيهي رهيو ته مونکي منهنجا بقايه پئسا هوڏانهن گڏھُ وري خوش پئي ٿيو ته منهنجو ڪرائو ته مڪمل مليل آهي. سو انڪري اڄ تائين ڪتو جيڪا به جڏهن به گاڏي ڏسندو آهي ته ان جي پويان ڀڄندو آ ته اڙي منهنجا بقايه پئسا ته ڏنيو وڃ ۽ گڏھ وري عمومن گاڏين جي اڳيان هلندو آ ڀلي اوهان ڪيترا به هارن ڏيوس ماري وجهوس جو اڳيان پري ٿي جيستائين پنهنجي مرضي نه ٿيئس ڇو جو هو چوندو آ ته منهنجا پئسا ته مڪمل مليل آهن مونکي ڪهڙي پريشاني. ۽ وري گدڙ جو ڪنهن به گاڏي جي لائيٽ جي ذري به ڏسندو آ ته گھڻو پري کان ئي پاسو وٺي ڀڄندو آ ته متان مونکان نه بقايا پئسا وٺن ۽ ڪٽڪو نه ڪڍن....... سو هن معاشري ۾ ڪجھ ماڻهن جو مثال انهن مٿين ٽن ڪردارن جهڙو آ هڪڙا پنهنجي حقن جي لاءِ اڄ تائين وڙهندا پيا اچن ۽ ظلم جي خلاف آهن ۽ هڪڙا وري خاموش تماشائي بڻيل آهن جيڪي ڪجھ به ڪون ٿا ڪڇن ۽ وري هڪڙا اهڙا جو ظلم ٿيندي ڏسي ائين ٿا ڀڄي وڃن جو اهي اتي آهن ئي ڪونه....