مفاهمت پسندن جي گھيري ۾ آيل ڪپتان!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏21 آگسٽ 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    تبديلي،احتساب ۽ عوام جي تقدير بدلائڻ جي نعرن تي ووٽ حاصل ڪري اقتدار جي اوسيئڙي ۾ بيٺل ڪپتان هن وقت پنهنجي ئي پارٽيء جي مفاهمت پسند گروپ جي سخت گھيري ۾ آيل آهي. اهي مفاهمت پسند يا ٻين لفظن ۾ مفاد پرست هر سياسي جماعت ۾ وافر مقدار ۾ موجود هوندا آهن ۽ خير سان ڪپتان جي تبديل پسند پي ٽي آئي ۾ به انهن جي کوٽ ناهي جن جي منزل مقصود صرف اقتدار ۽ اختيار جو حصول ۽ ان جو تحفظ رهندو ٿو اچي.اهي وڏي نماڻائيء ۽ دل جي خلوص سان ڪپتان کي پنهنجا قيمتي مشورا ڏيئي رهيا آهن ته حضور والا! هن وقت پي ٽي آئي وٽ عددي حيثيت نهايت ئي ڪمزور آهي جنهن ڪري مختلف قسم جي قانون سازين ۾ کيس مخالف ڌر جي مفاهمت ۽ تعاون جي هر حالت ۾ ضرورت پوندي ان ڪري في الحال بادشاهه سلامت ڪنهن تڪڙي ۽ اڻ ڌريي احتساب ۽ وٺ پڪڙ جو خيال دل مان ڪڍي پنهنجي حڪومت کي پير کوڙڻ ڏين ۽ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ واري “عظيم” پاليسيء تي عمل درآمد ڪن.ڏسڻ ۾ ته ان تجويز ۽ مشوري ۾ وڏو وزن محسوس ٿئي ٿو ۽ بظاهر ان ۾ عمران خان جي لاء خيرخواهي ۽ نيڪ جذبن جو اظهار ٿئي ٿو پر اصل ۾ اهو اهڙو گروپ آهي جيڪو هر صورت ۾ اسٽيٽس ڪو کي بحال ۽ زندهه رکڻ گھري ٿو.اها اها ساڳي مفاهمت آهي جنهن گذريل ڏهن سالن ۾ ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري رکيو آهي. مفاهمت جنهنجو مطلب اهو آهي ته توهان مون کي حاجي چئو ته آئون توهان کي نمازي چوان. مفاهمت جنهنجو مطلب اهو ته ڪو ڪنهن جي ڇيڙڇاڙ نه ڪري ۽ هڪٻئي جي ڪرپشن ۽ بدعملين تي پردو وجھجي.هڪ ٻئي کي کليل ميدان ڏجي.ان طريقي سان ئي نام نهاد جمهوري حڪومت پنهنجي آئيني مدت پوري ڪري سگھي ٿي.“سڀني کي گڏ کڻي هلڻ” وارو جملو ڏاڍو معني خيز آهي.سادن لفظن ۾ چور ۽ ڀاڳيو ساڳيء صف ۾ ويٺل هجن.بدمعاش ۽ شريف سان ساڳيو سلوڪ هجي.گذريل ڏهن سالن جي نام نهاد جمهوري دورن ۾ ملڪ جون ٻه وڏيون سياسي پارٽيون اهو ئي ته ڌنڌو ڪندو رهيون آهن.هڪ ٻئي جي ڏوهن ۽ نااهلين کي لڪائيندي هڪ ٻئي جو سهارو بڻيل رهيون آهن.اڄ اهو ساڳيو سبق ڪپتان کي به پڙهايو پيو وڃي ۽ ان ڏس ۾ ڪيترائي ڳرا ۽ معقول دليل ورجايا پيا وڃن.پر جيڪر ڪپتان انهن موقعي پرست ۽ مفادن جي پوڄاري گروپ جي اهڙي ڪنهن صلاح جي چڪر ۾ ڦاسي پيو ته اهو هن لاء سياسي موت جي برابر فيصلو هوندو. ڪپتان کي عوام ووٽ ئي ان ڪري ڏنا آهن ته هو ملڪ ۾ بنيادي نوعيت جون تبديليون آڻڻيندو، ملڪ ۽ عوام جو لٽيل پئسو واپس وٺندو ۽ طاقتورن جو اڻ ڌريو ۽ بي رحم احتساب ڪندو.اهي وعدا هن هر بار زوردار نموني پاڻ ڪيا آهن.عوام جي ان ڳالهه سان ڪا دلچسپي ناهي ته ڪپتان وزيراعظم هائوس ۾ رهي ٿو يا منسٽرس ڪالونيء۾، هو پنجاهه گاڏين جي پروٽوڪول ۾ گھمي ٿو يا پنجن گاڏين جي قافلي ۾، عوام کي سٺي گورنس کپي،سندن بنيادي مسئلن جو حل کپي،سندن مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ گھٽتائي گھرجي،کين روزگار،صحت ۽ تعليم جون مناسب سهوليتون گھرجن،ملڪ جو لٽيل پئسو واپس گھرجي،طاقتور ڏوهارين لاء به قانون ايترو ئي حرڪت ۾ اچي جيترو ڪنهن ڪمزور لاء اچي ٿو.ڪپتان کي ياد رکڻ گھرجي ته وٽس غلطيء جي گنجائش بلڪل ڪانهي.سندس حڪومت پنج سال هلي يا پنج مهينا،کيس پنهنجن اصولن ۽ نظرين تي بيهڻو ئي پوندو.اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سڀني کي هڪ ئي وقت گڏ کڻي هلي سگھجي.جنهن جي به خلاف ڪا جائز قانوني ڪاروائي ٿيندي ته اهو ته هاء گھوڙا ضرور ڪندو.جن جي به مفادن تي لت ايندي اهو رڙيون ته لازمي ڪندو.جنهنجو به احتساب ٿيندو اهو گوڙ ته ضرور ڪندو.رياستن جا معاملا رڳو مفاهمتن سان نه هلندا آهن.مفاهمت پر ڇا تي؟ تون به صحيح ۽ آئون به صحيح ته پوء آخر هنن سمورين خرابين ۽ تباهين جو ذميدار ڪير؟قوم جيڪا بکن وگھي خودڪشيون ڪري رهي آهي انهن جي ان بدحاليء جي ذميداري نيٺ ڪنهن تي ته وجھڻي ئي پوندي.ملڪ جي خالي ٿيل خزاني جو اعزاز ڪنهن نه ڪنهن کي ته ڏيڻو ئي پوندو.ڪجهه ڪاسميٽڪ قسم جي قدمن ۽ تبديلين سان عوام کي گھڻي عرصي تائين بيوقوف بنائي نٿو سگھجي.انهيء جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ڪپتان سمورين سياسي ڌرين سان هروڀرو دشمنيون پيدا ڪري ۽ بنان ڪنهن معقول سبب جي ملڪ ۾ ڪا سياسي ڇڪتاڻ وڌي پر مطلب اهو ته بنيادي اصولن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه هئڻ گھرجي. احتسابي ۽ تحقيقاتي ادارن کي وڌيڪ اختيار ۽ آزادي ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي بنان ڪنهن خوف خطري جي حقيقي ۽ اڻ ڌريو احتساب ڪري سگھن توڙي جو احتساب جي اهڙي دائري ۾ خود وقت جي حڪومت جا وزير ۽ مشير ئي ڇونه ايندا هجن.پاڪستان جنهن سنگين معاشي بدحاليء جو شڪار آهي اتي رڳو غيرملڪي قرضن جي پئسي تي ڀاڙڻ ۽ ڪرپشن تي ضابطو نه آڻڻ جي صورت ۾ ملڪ جون معاشي حالتون مستقل بنيادن تي درست نٿيون ٿي سگھن. ٻاهران ڪيترو به پئسو آڻبو ته اهو وري ڪرپشن جي نذر ٿي ويندو ۽ ماڻهن جي حالت اها جي اها رهندي.جيڪي به طاقتور عدالتن طرفان سزا پائين ٿا انهن سان ڪنهن به قسم جي رعايت مفاهمت جي دائري ۾ نه اچڻ گھرجي.ملڪ جو لٽيل پئسو هر صورت ۾ واپس ملڪ ۾ اچڻ گھرجي.عوام کي ان ڳالهه سان به ڪا خاص دلچسپي ناهي ته ڪورٽن طرفان ڪنهن کي ڪهڙي سزا ملي ٿي ۽ ڪيترن کي جيل وڃڻو پوي ٿو.عوام جي اصل دلچسپي اها آهي ته اهڙن ڏوهارين کان ڪرپشن طور کاڌل مال واپس ورتو وڃي.سمورن قومي ادارن جي سربراهي اهڙن ماڻهن حوالي ڪئي وڃي جيڪي ايماندار به هجن ته منجهن ادارا هلائڻ جي صلاحيت ۽ قابليت به هجي.ملڪ جو هڪ وڏو مالدار طبقو ٽيڪس صحيح طرح ادا نٿو ڪري،هن وقت ان ڳالهه جي اشد ضرورت آهي ته اهڙن سمورن ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ورڪ ۾ آندو وڃي ته جيئن ملڪي ّخزاني کي استحڪام ملي سگھي.اهڙا سرڪاري ادارا جيڪي عوام لاء آزار بڻيل آهن انهن جي اصلاح ۽ سڌاري جي لاء به ڪنهن به قسم جي مفاهمت اصولن تي سوديبازي ڪرڻ جي زمري ۾ ايندي.احتساب جو دائرو رڳو سياستدانن تائين محدود نه رهڻ گھرجي پر بيوروڪريسي،ميڊيا،وڪيلن ۽ ججن وغيره جو به هڪجهڙو احتساب ٿيڻ گھرجي.اهڙيون سياسي ۽ مذهبي ڌريون جن جو ڪنهن نه ڪنهن نموني دهشتگرد تنظيمن سان رابطو ۽ تعلق رهيو آهي انهن جي به چڱي نموني ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گھرجي.ايئن نه ٿئي جو انهن کي مين اسٽريم سياست ۾ آڻڻ جي خواهش ۾ اهي وري پنهنجون پاڙون پختيون ڪري سماج لاء ناسور بڻجي وڃن.وي آئي پي ڪلچر کي گھٽائڻ سٺي سوڄ آهي پر رڳو چند نمائشي قدمن سان سماج ۾ ڪي پختيون ۽ مثبت تبديليون آڻي نٿيون سگجھن.ڪپتان کي وقت ۽ حالتن تاريخ جي جنهن موڙ تي آڻي بيهاريو آهي اتي هن کي مشڪل ترين حالتن ۾ نهايت ئي مشڪل فيصلا ڪرڻا پونداجن کان فرار جو هن وٽ صرف هڪڙو ئي رستو آهي سو آهي مفاهمت جو رستو پر اهو رستو ڪپتان جي سموري سياسي ساک کي مٽيء ۾ به ملائي سگھي ٿو.هڪ اهڙو رستو جنهن تي ماضيء جا سمورا حڪمران هلندا رهيا جنهنجي نتيجي ۾ عوام کي صرف بکون،بدحاليون۽بيماريون ئي پلئه پييون آهن.جيڪر ڪپتان به انهن مفاهمت پسند دوستن جي ڏسيل راهه اختيار ڪري ٿو ته انهيء جو نتيجو سواء مايوسين جي ٻيو ڪجهه به ناهي نڪرڻو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو