هُو جيڪا مون کي سڀني رومانوي شعرن ۽ بيتن جهڙي لڳندي آهي، جنهن جي ڳلڙن کي ڏسندي مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻڪ شيخ اياز پنهنجي سموري رومانوي شاعري سندس ڳلڙن تي لکي هجي، هُن جي زلفن کي ڏسندي ائين محسوس ڪندو آهيان ڄڻڪ حسن درس جا سڀ نظم هن جي زلفن تي لکيل آهن، هُو جنهن کي ڏسڻ سان مون کي سنڌ جا سڀ شاعر، اديب، مفڪر ۽ ڏاها ياد اچي ويندا آهن، اِن لاءَ مون کيس امرتا بخشندي سندس نالو ڪويتا رکيو آهي…! ڪويتا جيڪا هِن مھل علم ۽ ادب جي سڀني پهلوئن کان اڻ واقف آهي ۽ کيس ادب جي الف جي بہ ڄاڻ ناهي پر ان جي باوجود بہ اِها اميد اٿم تہ اِها ڪويتا ڪنهن ڏينهن ڪَويتائُون لکندي ۽ ادب ۾ پاڻ مڃائيندي، ڇو تہ سندس نگاهن مان نہ ڄاڻ الاءَ تہ ڪيترا عنوان ڇلڪندا رهندا آهن…!