• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روڊ حادثا ۽ محفوظ سفر..... شرف الدين مرکنڊ طاهري

روڊ حادثا ۽ محفوظ سفر
شرف الدين مرکنڊ طاهري

پاڪتسان ۾ روڊ حادثن سبب ڪيتريون ئي قيمتي جانيون موت جي منهن ۾ هليون وڃن ٿيون، ڪيترائي خاندان ۽ گھر اجڙي وڃن ٿا،صوبي سنڌ ۾ گذريل ٻن سالن کان جيڪي حادثا ٿيا آهن، اخباري رپورٽن مطابق انهن جو تعداد هزارن ۾ آهي.ڊرئيورن ۽ ٽرانسپورٽ مالڪن لاءِ ڪوبه حڪومتي ضابطو اثرائتو نه آهي، ڊرائينگ لائسنس ماڻهن کي گھر ويٺي ملي وڃن ٿا، اهڙن ڊرائيورن جي تعليم ۽ سندن صحت جي چڪاس بلڪل نٿي ٿئي، اهو ئي سبب آهي جو ريس لڳائيندي يا ننڊ جي جھوٽن ڪري وڏا هاڃيڪار حادثا پيش اچن ٿا، سنڌ ۾ جگھ جگھ روڊ ٽيڪس اڳاڙي ته ٿئي ٿي مگر روڊ سيفٽي ۽ حادثا ٿيڻ وقت ڪوبه ريسڪيو انتظام نه هجڻ ڪري ڪيترا انسان اسپتال پهچڻ کان اڳ گھڻي رت وهڻ سبب زندگيءَ جي راند هارئين ٿا، ان کان پوءِ ڊرائيور يا انسپورٽ مالڪ آسانيءَ سان سزا کان بچي وڃن ٿا، وڌ ۾وڌ اهڙن هاڃيڪارن حادثن تي هر ڪو ماڻهو ائين چوندي نظر ايندا آهن ته “جئين الله جي رضا” الله تعالي انسان کي عقل ۽ سمجھ سان نوازيو آهي، جيڪڏهن خدا جي ڏنل ان نعمت کي صحيح استعمال ڪجي ته پوءِ ڪتيريون انساني جانيون بچي سگھن ٿيون، ٽريفڪ پوليس پنهنجون ذميواريون صحيح طريقي سان سرانجام ڏئي ته گھڻي قدر انهن حادثن کان بچي سگھجي. حڪومت کي گھرجي ته روڊ سيفٽي قانون تي سختي سان عمل ڪرايووڃي.گاڏي ۽ ڊرائيور جي فٽنس کي هر مهيني چيڪ ڪرايو وڃي ته عوامي جو سفر حفاظت وارو بنجي سگھجي.
(روزاني ڪاوش،هلال پاڪستان، روزاني سوڀ، روزاني عبرت ۽ سنڌايڪسپريس ۾ شايع ٿيل آهي )
 
آخري ترميم:
Back
Top