• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاعر عبدالرحيم ڏاھري

مومن ڏاهري

سينيئر رڪن
عبدالرحيم ولد ڇتن فقيرڏاهري، ڳوٺ صفر ڏاهري تعلقي شهدادپور ۾ 1902ع ڌاري پيدا ٿيو. بنيادي ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ڳوٺ ڪنبن جي مدرسي ۾ ويهاريو ويو، جتي 9 مهينا پڙهيو،جتي سندس استاد حاجي جمن ڏيرو هو. عبدالرحيم ڏاهري ۽ سندس وڏا پير صاحب پاڳاري جا مريد هئا. 1942ع ڌاري پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي ضلعي نوابشاهه ۾ دوڙ ويجھو هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيا. عبدالرحيم ڏاهريءَ شعر و شاعريءَ جي شروعات بيتن چوڻ کان ڪئي. ان کان سواءِداستان، معجزا، مناجاتون ۽ مناقبا وغيره به چيا اٿس. سندس بيتن جو هڪ مجموعو ’عمر مارئي‘ به ڇپجي چڪو آهي. عبدالرحيم ڏاهري 1955ع کانپوءِ واري دؤر جي شاعرن ۾ هڪ برجستو شاعر ٿي اڀريو. ’جمعيتالشعراء سنڌ‘ جي پليٽفارم تان منعقد ٿيندڙ ڪچهرين توڙي مشاعرن ۾ به شرڪت ڪندو رهيو. سندس شاعريءَ ۾ عروضي برجستگيءَ سان گڏوگڏ سگھڙائپ جو فن چڱو خاصو نظر اچي ٿو. عبدالرحيم ڏاهريءَ جا بيت ۽داستان، سنڌي ثقافت جي قديم صنف ’نڙ بيت‘ سان واسطو رکن ٿا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين سگهڙن جي ڪچهرين جي سونهن آهن. سندس نڙبيتن ۽ مناجاتن جو فقير قادر بخش رند خاص راوي آهي. عبدالرحيم ڏاهري 25 جون 1985ع تي وفات ڪري ويو، کيس مخدوم ابوالحسن ڏاهريءَ واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو آهي. سندس نڙ بيتن تي نوجوان اديب خانسهاڳ'>احمد خان سهاڳ ڪم ڪري رهيو آهي.
Refrance:
http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=ڏاهري عبدالرحيم

هن صفحي کي شيئر ڪريو
 
Back
Top