پروفيسر عبدالقادر ڏاهري 10 جولاءِ1932ع تي نوابشاهه ۾ ڄائو. ابتدائيتعليم ٻانڌي ۽ بي. اي نوابشاهه مان پاس ڪري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي پاس ڪيائين.تعليم مڪمل ڪرڻ بعد سنڌ انجمن حمايت الاسلام جي سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. پروفيسر عبدالقادر ڏاهري اڳتي هلي نوابشاهه ۾ سچل سرمست ڪاليج جو بنياد وڌو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو 3 سال ميمبر رهڻ سميت ٽي سال سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو ميمبر ۽ سنڌ ڏاهري ويلفيئر ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري رهيو آهي. هيءُسچل سرمست ڪاليج نوابشاهه جو 1964ع کان 1962ع تائين پرنسپل به رهيو آهي. هن وقت رٽائر زندگي گذاري رهيو آهي. حوالو.http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=ڏاهري عبدالقادر هن صفحي کي شيئر ڪريو