رشتن جو قدر ڪرڻ سکو..! تحرير: محترم وفا ابوالعمران شر طاهري

'تازيون خبرون' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    رشتن جو قدر ڪرڻ سکو..!
    تحرير: وفا ابو العمران شر طاهري
    اڄ ڪلهه جي نفسانفسي واري دور ۾ جتي هر ڪو مصروف ترين نظر اچي ٿو، اتي ننڍي ٻار کان ويندي پوڙهي پڪي تائين هر ڪنهن کي ڪنهن سان ڳالهائڻ لاءِ به واندڪائي نه ٿي ملي، اڳي اهو به ڇا دور هوندو هو جڏهن ڳوٺن ۾ ڪچهريون ڪوٺايون وينديون هيون، اوطاقون وسنديون هيون، لسي، کير ۽ مکڻ جي مانيءَ سان مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو ويندو هو، مهمان نوازي اڄ به سنڌ جو شان ۽ مانُ ضرور آهي، پر ڪجهه علائقن ۾ اها به موڪلائيندي پئي وڃي! افسوس سان اهو چوڻو پئجي رهيو آهي ته اسان جتي پنهنجي دوستن، يارن کي وڌيڪ ٽائيم ڏيون ٿا، اجايو ٽائيم وڃائي هوٽلن تي، ويڊيو گيمن، فلمن تي ويهي پنهنجو وقت، پيسو برباد ڪيون ٿا، اتي اسان کي پنهنجي مٽن، مائٽن، گهرڀاتين، اولاد، والدين سان ڪجهه گهڙيون گهارڻ لاءِ وقت ناهي..! اسان کي موبائل ذريعي سوشل ميڊيا سان هر وقت ڳنڍيل رهندي فخر محسوس ٿي رهيو آهي پر والدين، مٽن مائٽن، سوٽن، ماساتن سان ويهي ڪچهريون ڪرڻ ۾ شرم محسوس ٿي رهيو آهي، اولاد لاءِ وقت ئي ناهي ته ان سان ويهي انهن جون ڳالهيون ٻڌجن، انهن کي وقت ڏجي، انهن جا مسئلا حل ڪجن، انهن جي پڙهائي بابت انهن ادارن سان لهه وچڙ ۾ اچون، ايتري واندڪائي ئي ناهي.
    اسان اهو ڪڏهن به ناهي سوچيو ته رشتا ڪيڏا نه قيمتي هجن ٿا، رشتي جو قدر ان کان پڇيو، جنهن جو ڪو به ڀاتي وٽس ناهي، رشتي جو قدر ان کان پڇو جيڪو يتيم ۽ بي سهارا آهي، رشتي جو قدر ان کان پڇو جيڪو ٻڍڙائپ ۾ محتاجي جو شڪار آهي، رشتي جو قدر ان بيواهه کان پڇو جنهن جو ورُ ڪونهي، رشتي جو قدر ان يتيم کان پڇو جنهن جو سهارو ناهي، رشتي جو قدر ان کان پڇو جيڪو بيماري سبب بستري ڀيڙو آهي.
    رشتا انتهائي مقدس هجن ٿا، جن جو جيترو به احترام ڪجي، اهو گهٽ آهي، پيءُ، ماءُ، ڀاءَ، ڀيڻ، وغيره وغيره، اهي سڀ اهڙا رشتا هجن ٿا، جن ۾ رت مليل هجي ٿو، جيڪي رت جا رشتا هجن ٿا، جيڪڏهن ائين چيو وڃي ته ڪو وڌاءَ نه ٿيندو ته اڄ ڪلهه اسان جي معاشري مان انسانيت به موڪلائڻ لڳي آهي، انسانيت جو قدر ناهي رهيو، هر شخص سوا سير نظر اچي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن وٽ دنيا، دولت، پيسو ڏوڪڙ، گاڏي، بنگلو آهي ته هو ائين سمجهي ٿو ته مان ئي دنيا جو خوبصورت، معتبر ۽ امير ترين شخص آهيان، باقي ٻيو ڪير ڪجهه به ناهي، پر ائين هرگز ناهي، اها سوچ ئي غلط آهي، الله جي ڌرتي تي رهي ڪري پنهنجو پاڻ کي معتبر سمجهي الله جي ئي ٻانهن ۽ بندن تي پنهنجي حڪومت هلائڻ، انهن مٿان ظلم ڪرڻ، پاڻ کان قد بت، قد ڪاٺ ۾ گهٽ حيثيت رکندڙن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ اها سراسر زيادتي ۾ شمار ٿئي ٿو. اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، اتي جا ماڻهو الائي ڇو پنهنجو پاڻ کي ايترو ته بلند و بالا سمجهن ٿا ڄڻ پوري ڪائنات کي اهي ئي هلائيندا هجن، پر ائين هرگز ناهي، جيڪڏهن اوهان کي الله تعالى ايترو نوازيو آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اوهان پاڻ کان گهٽ حيثيت رکندڙ ماڻهن کي دٻايو، انهن کي ڇڙٻيو، اهو اوهان کي سونهي نه ٿو، اوهان کي گهرجي ته اوهان الله جو شڪر ادا ڪريو، ان جي بندگي ڪريو، ان جي اطاعت ڪريو، ۽ ٻانهن تي رحم ڪريو، الله تعالى قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو ته اوهان زمين وارن (ٻانهن، جانورن وغيره) تي رحم ڪيو ته مان (الله) آسمان وارو اوهان تي رحم ڪندس.
    گذريل ڏهاڙي جڏهن مان پنهنجي فيملي سان گڏ موٽر سائيڪل ذريعي ڳوٺ ۾ سوٽ جي شادي ۾ شرڪت بعد واپس گهر طرف اچي رهيو هئس ته رستي تي اچانڪ موٽر سائيڪل ۾ پيٽرول ختم ٿي ويو، شايد اندازي کان وڌيڪ گاڏي هلي هئي، جنهن ڪري محسوس نه ٿيو ته گاڏي ۾ پيٽرول گهٽ آهي، شام ٿي چڪي هئي، سج لهڻ وارو هو، مون جڏهن ڀرواري دوست کان فون ذريعي معلوم ڪيو ته هن علائقي کان پيٽرول پمپ ڪيترو پري آهي، ته ان دوست وراڻيو ته اڌ ڪلوميٽر کان به گهٽ مفاصلي تي پيٽرول پمپ واقع آهي، شابس آهي ان دوست کي جنهن صحيح ورندي ڏيندي منهنجي دل ته وڏي ڪئي، بهرحال مان فيملي سان گڏ پنڌ هلندي ٿورو ئي اڳتي وڌيم ته ڀرسان هڪ نامعلوم رڪشا وارو جنهن جي رڪشي تي رديءَ وارا پاٺا، ڦاثل ڪارٽون وغيره لوڊ ٿيل هئا، ان رڪشو بيهاريندي پنهنجي رڪشي مان پيٽرول سان ڀريل بوتل ٻاهر ڪڍندي، موٽر سائيڪل جي ٽانڪي ۾ وڌي، مون چيو مانس ته سامهون پيٽرول پمپ آهي، موٽر سائيڪل اوستائين پهچي ويندي، اوهان جي مهرباني، مون کيسي مان کيس ڪجهه پيسا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته اُن مون کي جهليندي رڪشا اسٽارٽ ڪئي ۽ اڳتي منزل طرف هليو ويو، سندس اهڙي مدد ڪرڻ تي منهنجي اکين مان ڳوڙها وهي آيا ۽ سوچيم ته اڃان انسانيت زنده آهي، ماڻهو آهن جيڪي انسانيت جو قدر ڪرڻ ڄاڻن ٿا، ائين ناهي ته جيڪڏهن ڪار، بنگلو، بئنڪ بيلنس، سٺي اوطاق، ڪاٽن ڪپڙا پهريل آهن ته اهي انسانيت جي خدمت ڪن ٿا، نه نه هرگز نه، منهنجي خيال ۾ ان رڪشا واري جي ڇا آمدني هوندي، يا ان جي گهڻي ڏهاڙي هوندي، يا ان مون کي جيڪو پيٽرول وجهي ڏنو اهو شايد 20، 30 روپين جو هوندو، پر ان جو عمل اهڙو هو جيڪو ان 20، 30 روپين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هوندو، منهنجي هنن سٽن لکڻ جو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه بلڪه انهن دوستن، پيارن کي اهو ٻڌائڻ آهي ته اوهان رشتن جو قدر ڪيو، پنهنجي سنگت جي ڪري پنهنجي پوڙهن پيءُ ماءَ کي ائين نه ڌڪاريو، انهن کي ڇڙٻ نه ڏيو، اهو به قرآن مجيد ۾ آهي ته اوهان جا والدين جڏهن پوڙها ٿي وڃن ته انهن کي اُف به نه چئو، جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اوهان پنهنجي والدين، رشتيدارن کي پنهنجي سنگت، دوستن کان گهٽ اهميت نه ڏيو، اوهان جا والدين وڌيڪ عزت لهڻن، اوهان جي دوستي به ضروري آهي، انهن کان اوهان کي نه ٿو روڪجي، پر وڌيڪ فوقيت، وڌيڪ اهميت، وڌيڪ ڌيان، وڌيڪ وقت انهن پوڙهن والدين کي ڏيو، جيڪي اوهان جي لاءِ هر وقت پريشان رهن ٿا. پنهنجي والدين سان گڏ گهڙيون گذاريو، انهن جو حال اوريو، انهن جي طبعيت پڇو، انهن کان فرمائش پڇو، انهن کي سٺي کاڌ خوراڪ کارايو، اوهان کي اها خبر ناهي ته جڏهن اوهان جي والدين، اوهان جي تربيت، پرورش ڪئي هوندي ته انهن اوهان کي ڪيڏي نه ناز، نخرن سان پاليو هوندو، اوهان جا نخرا سٺا هوندا، اوهان جي هر فرمائش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندائون، اوهان کي شهزادي جيان پاليو هوندئو، هاڻي هن وقت هو جڏهن ڪمزور، ٻڍڙا ٿي ويا آهن هاڻي اوهان کي اهي ڀر ۾ ويهندي به نه ٿا وڻن، افسوس آهي اسان جي سوچ تي، افسوس آهي اسان جي اهڙي ڪردار تي، اسان کي گهرجي ته اسين رشتن جو قدر ڪيون ڇاڪاڻ جو سڀاڻي اسان کي به وڏو ٿيڻو آهي، اسان جي به اولاد وڏي ٿيڻي آهي، ائين نه ٿئي جو “جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي”
    (سندن جو روزاني جيجل اخبار ۾ 29 آگست 2018ع تي شايع ٿيل ۽ 30 آگست تي روزاني سوڀ مجھه)
     
    آخري ترميم: ‏30 آگسٽ 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو