نوجوان شاعر ۽ ڪالم نگار الطاف نصير تونيو. فقير محمد سنڌي سڄو ڏينهن تولا روئندو رهان ٿو، وڇوڙي جا صدما، سهندو رهان ٿو. سنڌي ٻولي موجوده يورپين جي متمدن ٻولين کان قديم ترين متمدن و مهذب ۽ وسيع شاهڪار ٻولي آهي، جنهن ۾ عالم گير ادب جون سموريون صلاحيتون يڪجا آهن. هتان جو، نثر بااثر ۽ نظم با ترنم، فطرتي، طبعزاد، سادو، ذهن نشين، متنوع عظيم المرتبت، عاشقانه انداز بيان، فصاحت وبلاغت ۽ قياست سان گڏوگڏ دراست جي خوبين سان خوبتر ٽمٽار آهي، اڃا به ادبي کيتر ۾ سهين سون ورنا چهرا بحيثيت شاعر ۽اديب پاڻ مڃائي رهيا آهن. مهراڻ جيان مهراڻ ۾ علمي مهراڻ به موج مستي سان طلاطم آهي، جنهن جا غواص ادب جي پاتال مان تفڪر ڪندي سچا موتي ميڙي رهيا آهن. انهن مان غيبي امداد جو مالڪ الطاف نصير تونيو غيبي ديرائي به هڪ آهي، هي ادب جو پروانو شاعر ۽اديب 15-2-1982 تي غيبي ديرو ۾ پيدا ٿيو، هي جوڀن ڀريو شاعر ۽ليکڪ پنهنجي طبيعت ۾ خوش اخلاق، يار ويس درويش صفت انسان، مهمان نواز، هر دل عزيز ۽ ملنسار آهي. سندس ڪچهري نھايت لطف واري، معنادار ۽ لذت ڀري آهي ۽پرائي کي پنهنجو ڪرڻ جو عمدو ڏانُ رکي ٿو. 1999ع کان ادب ۾ پاتو اٿس، سندس پهرين تخليق 2001ع ۾ آس ميگزين ۾ ڇپي، 2004ع کان ڪالم نگاري جي شروعات ڪيائين 1996ع کان اڄ تائين ريڊيو پاڪستان ڏانهن خط وڪتابت جاري رکندو پيو اچي، الطاف نصير تونيو پيشي جي لحاظ کان تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل آهي. جنهن جي ڪري ادب کي ساڻ کنيون پيو هلي. هي خوبصورت وائي الطاف نصير جي جذبن جي عڪاسي ڪري ٿي. وائي گهڙي پل جو کيل آ، زندگي زندگي. محبت ڪجي ڪنهن سان، ٻن منٽن جو ميل آ زندگي زندگي. دوست ماري دوست کي، عمر ڀر جيل آ زندگي زندگي. امتحان مون سڀ گذاريا، پوءِ به ٿي فيل آ، زندگي زندگي. شڪر ڪونھي ڪو الطاف، تڏهن تتل تيل آ، زندگي زندگي. الطاف نصير جي شاعري نهايت سليس ۽ دلپسند آهي جنهن مان جيون جا جوڀن جهروڪا جهلڪي رهيا آهن. هر ليکڪ پنهنجي زندگيءَ جو سرمايو پنهنجي تخليق کي سمجھي ٿو، اهڙي طرح الطاف نصير تونيو وٺ به ڪافي تخليق ٿيل سرمايو موجود آهي، انھي سرمائي مان 2009ع تي گڏيل شاعري تي آيل ڪتاب، قلمڪار ڪوي، به شامل آهي. جنهن ۾ الطاف نصير تونيو، پنهنجي تعارف ۽ شاعري سان گڏ شامل رهيو.