يار محمد ڪلهوڙي جي مقبري کي تباهي کان بچايو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2018۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    218
    يار محمد ڪلهوڙي جي مقبري کي تباهي کان بچايو


    دنيا اندر تقريبن سڀ قومون پنهنجي پنهنجي تاريخي ورثن کي بچائڻ لاء اربين ۽ کربين روپيه خرچ ڪري انهن جي رونقون کي بحال ڪيو اچن اچان به اهي قومون پنهنجي تاريخي مليل ورثن جي سونهن جي واڌاري لاء ڪوششان رهيون ئي رهيون آهن پر افسوس جو اسان جي سنڌ اندر اسان کي تمام بهترين تاريخي ورثا مليل آهن جن جي سونهن رونق ۽ تاريخي حوالي سان تمام وڏي حثيت حاصل هوندي آهي پر انهن جون هر ڏينهن تباهي ٿيندي رهي آهي ڪئي ته ڪري مٽي جا ڍير يا وڏن وڏن دڙن ڊرٻون جي صورت اختيار ڪري ويا آهن انهن جي تباهي جا مڪمل پيرا سنڌ حڪومت ڏانهن وڃن ٿا ڇو ته آرڪيلاجي کاتي يا ثقافت کاتي جي سستي جا ڪارڻ آهن جو اسان پنهنجي تاريخي حثيت رکندڙ ماڳن ۽ مڪانن جو بچاء ڪري ناهيون سڳهيا جيڪا تمام وڏي ڏک ۽ افسوس جي ڳالھ آهي , تاريخي ماڳن مڪانن کي يا سياحتي جائن کي نئين سر رونق بخشڻ لاء سنڌ حڪومت کي ڌيان ڏيڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي تاريخي حوالي سان خداآباد هڪ وڏي تاريخي حثيت رکي ٿو هي ڪلهوڙا حڪومت جو تخت گاھ رهيو آهي خداآباد جي تاريخي مسجد کان وٺي ويندي ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مقبرو ڏسڻ سان ئي ڪيترا ماضي جا ورق ذهنن ۾ اچيو وڃن ۽ ڪيترائي تاريخي ڪتابن جا ورق به ان خداآباد جي تاريخ سان ڀريا پيا آهن ميان ياري محمد ڪلهوڙو جي مقبري جي جيڪا هاڻ حالت صفا رحم جوڳي آهي ڇو ته آرڪيلاجي کاتي کان وٺي ويندي نه ثقافت کاتي ڪو ان طرف ڌيان ڏنو آهي نه ئي ڪو اوقاف کاتي ڪا ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مقبري جي ڪا سار لڌي آهي ميان يار محمد ڪلهوڙو جنهن کي يار محمد ڪلهوڙو ڏنڊائي سان به مشهور آهي جنهن ڏنڊي جي زور تي هڪ ظالم ۽ فاجر کان حڪومت ورتي هئي ميان يار محمد ڪلهوڙي 18سال حڪومت جو تختو سنڀاليو جنهن جو تخت گاھ خداآباد هو ڪلهوڙا حڪومت جي دور ۾ ۾ تمام گهڻي عوام کي خوشحالي نصيب ٿي ظلم ڏاڍ ختم ٿيو بنجر زمينن کي درياء مان واھ کوٽائي پاڻي آڻي آباد ڪيو ويو تاريخي جي ورقن ۾ اچي ٿو ته ميان يار محمد ڪلهوڙي جي لاڙ تائين حڪومت هئي پاڻ فقيري صفت ۽ قرآن پاڪ جو حافظ به هو ان دور ۾ روڳو الله اڪبر جي نعرن جي ئي گونج هوندي هئي ڪلهوڙا دور بادشاهت کي فقيري ۾ مات ڏني اڏي تاريخي حثيت رکندڙ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مقبري جي حالت صفا زبون ٿي وئي آهي ۽ مقبري جي بلڪل برابر ۾ هڪ بهترين عاليشان مسجد به ان دور جي ٺهيل آهي ويڪري ڪشادي ٽين دروازن تي مشتمل ڇهن مينارن سان وڏين ۽ ڪشادين ديوارن تي هي ٺهيل مسجد صفا هاڻ ختم ٿي چوڪي آهي بس ائين ٿو محسوس ٿي هي ڪنهن محل به ڪري مٽي ۽ سرون جو ڍير ٿي ويندي ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مقبري تي ۽ هن مسجد وٽ سروي ڪرڻ ته گهڻيون ئي ٽيمون آيون هنن جي مرمت جو اعلان ڪرڻ کان پوء واپس ئي ناهن آيا 2008ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي عوامي حڪومت ۾ ثقافت کاتي جي وزير محترمه سسئي پليجو هتي آئي ميان يار محمد ڪلهوڙي جي تاريخي حثيت کي نئين سر باحال رکڻ ان جي روضي جي مرمت ڪرڻ جا واعدا ۽ وچن به ڪري وئي هئي پر ڪو به اهڙو ماڻهو ناهي آيو جو هنن تاريخي ورثن جي مالڪي ڪري انهن جي ڪم ۾ سريس ٿي هٿ وجهي گذريل پنج سال پ پ پ جا رهيا ۽ M.N.A به هن علائقي جا هئا پر وڏي ڳالھ ته سنڌ جو وڏو وزير سائين مراد علي شاھ به هن علائقي ۽ تڪ جو چونڊل نمائندو هو ان به هن تاريخي ماڳن جي سار نه لڌي سنڌ حڪومت جي بي ڌياني جي ڪري هن مقبري جي آهتي جي اندر ٻيا به ننڍا ننڍا مقبرا آهن جيڪي ڪري مٽي جا ڍير ٿي ويا آهن ۽ هن آحتي جي اندر ڪتريون تاريخي ٺهيل قبرون به ميسارجي ويون آهن ميان يار محمد ڏنڊائي جي مقبري کي شٽرنگ جي ذريع ۽ پڻ ڀتون کي به شٽرنگ جي ذريع ڀهياريو ويو آهي هنن ديورن تي جيڪي فارسي ۾ لکيل بيت ۽ قرآن پاڪ جون آيتون هيون اهي به ڊهي مسارجي ويون آهن مسجد ٽين گنبذن واري جا مڪمل چاپڙڪري ڍير ٿي ويا آهن ۽ گنبذ ڪرڻ جا امڪان به چٽا پيا نظر اچن اڃان به ڪنهن هن تاريخي مقبري ۽ سندس جي برابر ٺاهيل مسجد جي ڪنهن به سار نه لڌي ته هي ڪري مٽي جا ۽ سرون جا ڍير ٿي ويندا انساني جانين جي جي نقصان کان به هنن کي ڪير نه ٿو بچائي سگهي تنهن هوندي به هر سال هتي ميل لڳندو آهي پري پري کان مريد عقيدت مند ۽ سياح ايندا آهن هتي ڪو مسافر خانو نه هجڻ جي ڪري کبڙين جي ڇانونء ۾ اڪثر وهي سرندي جي تار تي هلندڙ سازن مان لطف اندوز ٿيندا آهن هتي حڪومت جا ڪئي به جوڳا اُپا نه وٺڻ ڪري پري کان ڪهي آيلن کي گهڻن مسئلن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي هن مقبري جي اولھ ۾ هڪ کوھ به آهي جنهن جي بابت هتان جي رهواسين جوهنڙن جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي وڏن کان ٻڌو آهي ته ميان يار محمد ڪلهوڙي کان ڪو گناھ يا فيصلي ۾ ڪا غلطي ٿي ويندي هئي ته پاڻ کي ان کوھ ۾ اونڌو ٽنگرائيندو هو ۽ جڏهن عقيدت مندايندا آهن ته ان کوھ مان مٽي پنهنجي پلئو ۾ ضرور کڻي ويندا آهن هو پنهنجي عقيدي مطابق ان کي خاڪي شفا جي تور تي استمعال ڪندا آهن اسان سنڌ حڪومت ثقافت کاتي آرڪيلاجي کاتي جي منسٽنر کي اپيل ٿا ڪيون ميان يار محمدڪلهوڙي ڏنڊائي جي مقبري ۽ مسجد جو,ڪم ڪرايو وڃي ته سنڌ اندر هي تاريخي اثاث محفوظ رهي سگهن نه ته سنڌ هڪ تاريخي ورثي ۾ مليل مقبري ۽ مسجد کان محروم ٿي ويندي
    -------------------------------------------------------------------------------- اصغر علي جمالي/ دادو
    03113072726
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو