سھانجڙو

'مختلف موضوع' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏3 سيپٽمبر 2018۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    سھانجڙو Moringa

    ﺳﻬﺎﻧﺠڙﻭ ﮐﻲ ﺍﻧﮕﺮﻳﺰﻱ ﭔﻮﻟﻲ ۾ ﻣﻮﺭﻧﮕﺎ ‏( Moringa ‏) ﺳڏﻳﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ . ﭤﺮ ۾ ﮔﺬﺭﻳﻞ ﭘﻨﺠﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎﻥ ﻏﺬﺍﺋﻲ ﮐﻮٽ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﻫﺰﺍﺭﻥ ﺟﻲ ﺗﻌﺪﺍﺩ ۾ ﻣﻌﺼﻮﻡ ﭔﺎﺭڙﺍ ۽ ﻣﺎﺋﺮﻭﻥ ﻣﻮﺕ ﺟﻮ ﺷڪﺎﺭ ﭤﻲ ﭼڪﺎ ﺁﻫﻦ . ﭤﺮﭘﺎﺭڪﺮ ﺿﻠﻌﻮ ﺟﺘﻲ ﺭﻳﮕﺴﺘﺎﻥ ۾ ﭘﺎﮢﻲ ﻻﺀِ بہ ﺗﺘﻞ ﺍُﺱ ۾ ڪﻮﻫﻴﻦ ڏﻭﺭ ﭘﻨﮅ ڪﺮﮢﻮ ﭘﻮﻱ ﭤﻮ . ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺳﺨﺖ ﮔﺮﻣﻲ ﺗﻮڙﻱ ﺳﺮﺩﻱ ۽ ﻣﺴﻠﺴﻞ ڏﮐﺌﻲ ڪﻢ ڪﺎﺭ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﻋﻮﺭﺗﻮﻥ ﻏﺬﺍﺋﻲ ﮐﻮٽ ﺟﻮﻥ ﺷڪﺎﺭ ﭤﻴﻦ ﭤﻴﻮﻥ. ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ﺣﻤﻞ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﺎ ﭔﺎﺭڙﺍ گهٽ ﻭﺯﻥ ﻭﺍﺭﺍ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ۽ ﺍُﻫﻲ ﻣﻨﺎﺳﺐ ﺧﻮﺭﺍڪ نہ ﻣﻠﮡ ڪﺮﻱ ﻣﻮﺕ ﺟﻮ ﺷڪﺎﺭ ﭤﻲ ﻭﭸﻦ ﭤﺎ . ﺍﻧﻬﻲ ﻣﺴﺌﻠﻲ ﺟﻲ ﺣﻞ ﻻﺀِ ﺳﻬﺎﻧﺠڙﻭ ﻫڪ ڪﺎﺭﺍﺋﺘﻮ ﻭﮠ ﺁﻫﻲ جنھن ﺟﻲ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﺳﺎﻥ ﻏﺬﺍﺋﻲ ﮐﻮٽ ﺗﻲ ﺿﺎﺑﻄﻮ ﺁﮢﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ . ﺳﻬﺎﻧﺠڙﻭ ﻫڪ ﺍﻫڙﻭ ﻭﮠ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻮ ﭘﻮﺭﻱ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ۾ ﻣﻠﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ . ڪﺮﺍﭼﻲ ۾ ﻫﻲ ﻭﮠ ﺍڪﺜﺮ ڪﺮﻱ ﺭﻭڊﻥ، ﺭﺳﺘﻦ، ﮔﻠﻴﻦ ۽ ﭼﻮﺭﺍﻫﻦ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ . ﺟﺪﻳﺪ ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ﺗﺤﻘﻴﻖ ﻣﻮﺟﺐ ﻳﻮﺭﭖ ۽ ﺁﻣﺮﻳڪﺎ ۾ ﻫﻦ ﻭﮠ ﺗﻲ ﻫﻠﭽﻞ ﻣﺘﻞ ﺁﻫﻲ . ﺗﺤﻘﻴﻖ ڪﻨﺪڙ ۽ ﻏﺬﺍﺋﻴﺖ ﺟﺎ ﻣﺎﻫﺮ ﺳﺎﺋﻨﺴﺪﺍﻥ ﻫﻦ ﺟﻲ ڪﺮﺷﻤﺎﺗﻲ ﺧﺎﺻﻴﺘﻦ ﺗﻲ ﺣﻴﺮﺍﻥ ﺁﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭘﻦ ﻣﺎﻥ ﺟﻴڪﻲ ﺗﻴﺎﺭ ﭤﻴﻞ ، ﭘﺎﺋﻮڊﺭ، ڪﻴﭙﺴﻮﻝ، ﮔﻮﺭﻳﻮﻥ ۽ ﻏﺬﺍﺋﻲ ﮔﻬﮣﻲ ﺗﻌﺪﺍﺩ ۾ ﻭڪﺎﻣﺠﻲ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ . ﺟﺎﭘﺎﻥ ﺟﻲ ﻫڪ ﻣﻌﺮﻭﻑ ﮐﻴﺮ ڪﻤﭙﻨﻲ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﻬﮣﻲ ﻋﺮﺻﻲ ﮐﺎﻥ ﺳﻬﺎﻧﺠڙﻭ ‏( Moringa ‏) ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﭔﺎﺭڙﻥ ﻻﺀِ ﮐﻴﺮ ﭠﺎﻫﻲ ﺭﻫﻲ ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪو ﻏﺬﺍﺋﻲ ﺧﺼﻮﺻﻴﺘﻦ ﺳﺎﻥ ﭜﺮﭘﻮﺭ ﺁﻫﻲ . سھانجڙو ﻻﻋﻼﺝ ﺑﻴﻤﺎﺭﻳﻦ ﺟﻮ ﻋﻼﺝ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﺍﻓﺴﻮﺱ ﺁﻫﻲ تہ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ﺍنهي کي ﭔڪﺮﻳﻮﻥ ﮐﺎﺋﻲ ﺭﻫﻴﻮﻥ ﺁﻫﻦ. ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻦ ٻوٽي ﺟﻲ ﻓﺎﺋﺪﻥ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﺠﻲ ﻭﭸﻲ تہ ﺳﻬﺎﻧﺠڙﻱ ﺟﻮ ﻫڪ ﭘﻦ بہ نہ ﺑﭽﻲ . ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺍﻫﺎ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ تہ سھاﻧﺠڙﻭ ﻫڪ ڪﻴﻤﻴﺎﺋﻲ ﻭﮠ ﺁﻫﻲ . ﻫﻦ ۾ ﺗﻤﺎﻡ ﻣﺮﺿﻦ ﺟﺎ ﻧﻬﺎﻳﺖ ﺳﺴﺘﺎ ۽ ﺁﺳﺎﻥ ﻋﻼﺝ ﺁﻫﻦ . ﻫﻲ ﺗﻤﺎﻡ ﻣﺮﺿﻦ ﺟﻮ ﻋﻼﺝ مھيا ڪﺮﻱ ﭤﻮ، جنھن جو ﺍﻳﻠﻮﭘﻴﭥڪ ﻃﺮﻳﻘﻲ ۾ ڪﻮبہ ﻋﻼﺝ ﻣﻮﺟﻮﺩ نہ ﺁﻫﻲ . سھانجڙي ﺟﻲ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﺳﺎﻥ ڪﻮبہ ﺧﺮﺍﺏ ﺭﺩ ﻋﻤﻞ ڪﻮنہ ﭤﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ .
    ﻫﻲ ﻭﮠ ﭜﺎﺭﺕ، ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ۽ ﺍﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎﻥ ۾ ﻫﻤﺎليہ ﺟﺒﻞ ﺟﻲ ﺷﺎﺧﻦ ﺟﻲ ﻭﻳﺠﻬﻮ ﻋﻼﺋﻘﻦ ۾ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻴﮡ ﻭﺍﺭﻭ ﭔﻮٽو ﺁﻫﻲ . ﺟﺪﻳﺪ ﺗﺤﻘﻴﻖ ﭔﮅﺍﺋﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ سھاﻧﺠﻬڙﻭ ﻫڪ ﻧﺎﻣﻴﺎﺗﻲ، ﻗﺪﺭﺗﻲ ﺑﺮﺩﺍﺷﺖ ۽ ﻃﺎﻗﺖ ﺟﻮ ﺳﺮﭼﺸﻤﻮ ﺁﻫﻲ . ﻫﻨﻦ ﺟﺎ ﻣﻴﻮﺍ ۽ ﭘﺎڙﻭﻥ بہ ﻣﻔﻴﺪ ﺁﻫﻦ ﭘﺮ ﺳﭛ ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ڪﺎﺭﺁﻣﺪ سھاﻧﺠڙﻱ ﺟﻮ ﭘﻦ ﺁﻫﻲ. ﭼﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ تہ ﺳﻬﺎﻧﺠڙﻭ لڳ ڀڳ 300 ﺑﻴﻤﺎﺭﻳﻦ ﺟﻲ ﻻﺀِ ﻣﻔﻴﺪ ﺁﻫﻲ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﺳﺎﻥ ڪﻮبہ ﺧﺮﺍﺏ ﺍﺛﺮ ﻧﺎﻫﻲ پوندﻭ . ﻫﻲ ﺧﺎﺹ ڪﺮﻱ ﭘﻮڙﻫﻦ ﻻﺀِ ﻣﻔﻴﺪ ﺁﻫﻲ . ﻫﻦ ﺟﻮ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﻳﺎﺩﺍﺷﺖ ﮐﻲ ﺑﻬﺘﺮ ﺑﮣﺎﺋﻴﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ . ﻫﻦ ﮐﻲ ﻋﺎﻟﻤﻲ ﺻﺤﺖ ﻭﺍﺭﻱ ﺍﺩﺍﺭﻱ ‏( WHO ‏) بہ ﮔﺬﺭﻳﻞ ﭼﺌﻦ ڏﻫﺎڪﻦ ﮐﺎﻥ ﺑﻄﻮﺭ ‏Health Supplement ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﺮﻱ ﺭھيو ﺁﻫﻲ.
     
  2. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    ﺳﻬﺎﻧﺠڙي ﺟﺎ ﻓﺎﺋﺪﺍ :

    ﺟﺴﻢ ﺟﻲ ﻗﺪﺭﺗﻲ ﻣﺪﺍﻓﻌﺖ ﮐﻲ ﻭﮄﺍﺋﻲ ﭤﻮ.
    ﺩﻣﺎﻍ ۽ ﺍﮐﻴﻦ ﮐﻲ ﻏﺬﺍ مھيا ڪﺮﻱ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻃﺎﻗﺖ ﻭﮄﺍﺋﻲ ﭤﻮ ﺟﻴڪﻮ ﺑﺎﻳﻮ ﺟﺰﻥ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﺣﻞ ﮐﻲ ﻫﭥﻲ ڏﺋﻲ ﭤﻮ ۽ ﺟﺴﻢ ﺟﻲ ﺳﻴﻞ ﻣﻴﻤﺒﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﺩﻳﻮﺍﺭ ﮐﻲ ﻫﭥﻲ ڏﺋﻲ ﭤﻮ.
    ﭼﻬﺮﻱ ﺗﻲ گهنجن ۽ ﻟڪﻴﺮﻥ ﭠﻬﮡ ﮐﻲ ﺑﻪ ﮔﻬٽ ڪﺮﻱ ﭤﻮ.
    ﺟﮕﺮ ۽ ﮔڙﺩﻥ ﺟﻲ ڪﻢ ڪﺎﺭ ﮐﻲ ﺗﻴﺰ ڪﺮﮠ ۽ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺟﻠﺪ ﮐﻲ ﻃﺎﻗﺘﻮﺭ ۽ ﺧﻮﺑﺼﻮﺭﺕ ﺑﮣﺎﺋﮡ ﺟﻮ ڪﻢ ڏﺋﻲ ﭤﻮ.
    ﻫﺎﺿﻤﻲ ﺟﻲ ﺳﺮﺷﺘﻲ ﮐﻲ ﻣﻀﺒﻮﻁ ڪﺮﻱ ﭤﻮ.
    ﺟﺴﻢ ۾ ﻗﻮﺕ ﻣﺪﺍﻓﻌﺖ ﮐﻲ ﻭﮄﺍﺋﻲ ﭤﻮ.
    ﺻﺤﺖ ﻣﻨﺪ ﺭﺕ ﺟﻲ ﻧﻈﺎﻡ ﮐﻲ ﻫﭥﻲ ڏﺋﻲ ﭤﻮ.
    ﺳﻮﭲ ﭤﻴﮡ ﮐﺎﻥ ﺭﻭڪﻲ ﭤﻮ . ﺟﺴﻢ ۾ ﺻﺤﺘﻤﻨﺪﻱ ۽ ﺍﺣﺴﺎﺱ ﺁﮢﻲ ﭤﻮ .
    ﺟﺴﻢ ۾ شڳر ‏Sugar ﺟﻲ ﺳﻄﺢ ﮐﻲ ﻗﺎﺋﻢ ﺭﮐﻲ ﭤﻮ.
    ﺟﻦ ﺧﺎﺻﻴﺘﻦ ﺟﻲ ڪﺮﻱ سھاﻧﺠڙﻱ ﮐﻲ ﺑﻄﻮﺭ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻏﺬﺍ ﺗﺼﻮﺭ ڪﻴﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ.
    ھن ۾ وٽامن، ﻣﻌﺪﻧﻴﺎﺕ ۽ ﭔﻴﻮﻥ ﺍﻧﺴﺎﻧﻲ ﺿﺮﻭﺭتن ﺟﺎ ﺟﺰ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ.
    ﻫﻦ ﺟﻲ 100 ﮔﺮﺍﻡ ﺧﺸڪ ﭘﻨﻦ ﻣﺎﻥ ڏﻫﻲ ﮐﺎﻥ 9 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ﭘﺮﻭٽين، ﮔﺠﺮﻥ ﮐﺎﻥ 10 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ﻭٽاﻣﻦ ﺍﻱ، ڪﻴﻠﻲ ﮐﺎﻥ 15 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ﭘﻮٽيشم، ﮐﻴﺮ ﮐﺎﻥ 17 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ڪﻴﻠﺸﻢ، ﻣﺎلٽي ﮐﺎﻥ 12 ﺩﻓﻌﺎ ﻭﮄﻳڪ ﻭٽاﻣﻦ ﺳﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻦ.
    ﻫﻦ ﺳﺎﻥ ﺭﺕ ۾ شڳر گهٽ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ۽ ﺫﻳﺎﺑﻴﻄﺲ ﺟﻲ ﻣﺮﺽ ۾ بھتري ﺍﭼﻲ ﭤﻲ.
    ھن جا ﭘﻦ، ﭰﻞ ۽ ﭔﺞ ﺟﻠﻦ ﮐﻲ گهٽ ڪﺮﮠ ۾ ﻣﺪﺩ ڏﻳﻦ ﭤﺎ.
    ﻫﻦ ﺟﻮ ﻣﭡﻮ ﺗﻴﻞ ﺗﺮﮠ ۾ ڪﻢ ڏﺋﻲ ﭤﻮ .
    ﺳﻬﺎﻧﺠڙﻱ ﮐﻲ ﺳﻼﺩ ۾ ڪﭽﻮ بہ ﮐﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ.
    ﺗﻴﻞ ڄاري ۽ ڪچ ھڏ ‏Fungus & Arthritis ﺟﻲ ﻋﻼﺝ ﻻﺀِ ﺑﻪ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ .
    ڪﻮليسٽرول ﮐﻲ ﺻﺤﺘﻤﻨﺪ ﺣﺪ ۾ ﺭﮐﻲ ﭤﻮ.
    سينکيي ‏Arsenic ﺟﻲ ﻋﻼﺝ ۾ ﭘﮡ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ.
    ﺍﻧﻬﻲ ﮐﺎﻥ ﻋﻼﻭﻩ ﻫﻲ ﻫڪ ﺍﻫڙﻭ ڪﻴﻤﻴﺎﺋﻲ ﺟﺰﻥ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ٻوٽو ﺁﻫﻲ ﺟﻴڪﻮ ﺩﻣﺎﻍ ﮐﻲ ﭜﺮﭘﻮﺭ ﺳڪﻮﻥ، ﺍﮐﻴﻦ ﺟﻲ ﺭﻭﺷﻨﻲ، ﻳﺎﺩﺍﺷﺖ ۾ بھتري، ﺩﻣﺎﻏﻲ ﺳڪﻮﻥ ۽ ڊﭘﺮﻳﺸﻦ ﮐﺎﻥ ﻧﺠﺎﺕ ڏﻳﺎﺭﻱ ﭤﻮ .
    ﭘﺮﻭﻓﻴﺴﺮ ﺷﻬﺰﺍﺩ ﺑﺴﺮﺍ ﭼﻴﻮ ﺁﻫﻲ تہ
    “ﭘﻮﺭﻱ ﺩﻧﻴﺎ ۾ سھاﻧﺠڙﻱ ﮐﻲ ﻫڪ ڪﺮﺷﻤﺎﺗﻲ ﭔﻮٽي ﻃﻮﺭ ﺳﭹﺎتو ﻭﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻨﻦ، ٽارين ۽ ﭘﺎڙﻥ ﺳﺎﻥ گڏوگڏ ﭔﺞ ۾ ﺑﻪ ﺍﻫﻢ ﻏﺬﺍﺋﻲ ﺟﺰﺍ ﺷﺎﻣﻞ ﺁﻫﻦ. ﺍﻧﻬﻲ ڪﺮﻱ ﻫﻲ ﭔﻮٽو ﻏﺬﺍﺋﻲ ﮐﻮٽ ﺟﻮ بھترﻳﻦ ﺣﻞ ﺁﻫﻲ.
    ﻫﻲ ﭔﻮٽو ﺍﻥ ﻭﻗﺖ ﺷﻬﺮﺕ ﺟﻲ ﺑﻠﻨﺪﻳﻦ ﺗﻲ ﭘﻬﺘﻮ ۽ ڪﺮﺷﻤﺎﺗﻲ ﭔﻮٽي ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ مشھوﺭ ﭤﻴﻮ ﺟڏﻫﻦ ﺁﻓﺮيڪا ‏( ﺳﻴﻨﮕﺎﻝ ‏) ۾ ڏڪﺎﺭ ﺟﻲ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﻏﺬﺍﺋﻲ ﮐﻮٽ ﮐﻲ ﭘﻮﺭﻭ ڪﺮﮠ ﺟﻲ ٻوٽي ﻃﻮﺭ ﻣﺘﻌﺎﺭﻑ ڪﺮﺍﻳﻮ ﻭﻳﻮ. ﻫﻦ ﭔﻮٽي ﺟﻲ ﭘﻨﻦ مان نہ ﺻﺮﻑ ﺍﻧﺴﺎﻧﻦ ۽ ﺟﺎﻧﻮﺭﻥ ﺟﻲ ﻏﺬﺍﺋﻲ ﺿﺮﻭﺭﺗﻦ ﮐﻲ ﭘﻮﺭﻭ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭔﺞ ﻣﺎﻥ ﭘﺎﮢﻲ ﺻﺎﻑ ڪﺮﻱ ﭘﻴﺌﮡ ﺟﻲ ﻗﺎﺑﻞ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ. ﻫﻦ ﺳﺎﻥ ﺍُﺗﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﻤﺎﻡ ﺑﻴﻤﺎﺭﻳﻦ ﮐﺎﻥ ﻣﺤﻔﻮﻅ ﭤﻲ ﻭﻳﺎ ﺟﻴڪﻲ ﮔﻨﺪﻱ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﭘﮑڙﻳﻞ ﻫﻴﻮﻥ . ﺗﻤﺎﻡ ﺑﻴﻤﺎﺭﻳﻦ ۾ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭔﺞ ۽ ﺗﻴﻞ ﺭﻭﺍﻳﺘﻲ ﻃﻮﺭ ﻋﻼﺝ ﻻﺀِ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﻴﺎ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﺁﻫﻦ”.
    سھاﻧﺠڙﻭ ﺻﺤﺖ ﺑﺨﺶ ﻏﺬﺍﺋﻲ ﺧﺼﻮصيتن ﺳﺎﻥ ﻣﺎﻻ ﻣﺎﻝ ﺁﻫﻲ. ﺟﻴڪڏﻫﻦ ھن جا پن ﮐﺎﮄﻱ ۾ ڏينھن ۾ ھڪ دفعو ڀاڄي طور کاڌا ﻭڃن تہ ﺳﭵﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ٻہ وقت ﺟﻲ ﮐﺎﮄﻱ ﻣﺎﻥ ﺣﺎﺻﻞ ﭤﻴﻨﺪڙ ﻏﺬﺍﺋﻴﺖ ﺟﻲ ﺑﺮﺍﺑﺮ ﻫﻮﻧﺪﻱ.
    سوهانجڙي جو وڻ جيڪو ماحول دوست هئڻ سان گڏوگڏ سندس پَتا leaves هڪ مڪمل کاڌو (فوڊ سپليمنٽ) پڻ آهي. هن ۾ پالڪ کان 9 ڀيرا وڌيڪ آئرن، ڪيلي کان 4 ڀيرا وڌيڪ پوٽيشم، ڪڻڪ کان 4 ڀيرا وڌيڪ فائبر، کير کان 8 ڀيرا وڌيڪ ڪيلشم ۽ نارنگي کان ٻيڻ تي وٽامن C شامل هوندي آهي.
     
  3. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    ﺳﻬﺎنجڙو ڪﻴﺌﻦ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ؟

    توھان ﺳﻬﺎﻧﺠڙﻭ ڪﺮﺷﻤﺎﺗﻲ ﭔﻮٽي ﺟﻲ ﺗﻤﺎﻡ ﺧﺎﺻﻴﺘﻦ مان ﻓﺎﺋﺪﻭ ﺣﺎﺻﻞ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ. سھاﻧﺠڙﻭ ﭔﻮٽي ﺟﻲ ﭘﻨﻦ ﮐﻲ پٽي ﻳﺎ ٽارين ﮐﻲ پٽي ﺷﺎﺧﻦ ﮐﺎﻥ ﺍﻟﮗ ڪﺮﻱ ﺍﻥ ﮐﻲ ﺳﭡﻲ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎﻥ ﮄﻭﺋﻲ ﺧﺸڪ ڪﺮﻳﻮ. ﺍﻥ ﮐﺎﻧﭙﻮﺀِ ﺳڪﺎﺋﻲ ﮀڏﻳﻮ . ﺟڏﻫﻦ ﭘﻦ ﺳڪﻲ ﻭﭸﻦ تہ ﺍﻥ ﮐﻲ پيھي ﭘﺎﺋﻮڊﺭ ﭠﺎﻫﻴﻮ ۽ ڪﻨﻬﻦ ﺑﻨﺪ ﺑﺮﻧﻲ ۾ ﻣﺤﻔﻮﻅ ڪﺮﻱ ﻭﭠﻮ. ﺭﻭﺯﺍﻧﻮ ﺻﺒﺢ ﻳﺎ ﺷﺎﻡ ﻫڪ ﭼﻤﭽﻮ ﭘﺎﺋﻮڊﺭ ڏﻳڊ ڪﭗ ﭘﺎﮢﻲ ۾ ﺳﭡﻲ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﻣﻼﺋﻲ ﭘﻮﺀِ ﭼﺎنھن ﻭﺍﻧﮕﺮ ﭘﻲ ﮀڏﻳﻮ. ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺗﻮﻫﺎﻥ ﭼﺎﻫﻴﻮ تہ ﻫﻦ ۾ ﻣﺎﮐﻲ ﻣﻼﺋﻲ ﺷﺮﺑﺖ ﭠﺎﻫﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ. ﺍﻭﻫﺎﻥ ﻫﻦ ﺷﺮﺑﺖ ۾ ﮔﺮﻳﻦ ٽي بہ ﻣﻼﺋﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ. ﺷﺮﻭﻉ ۾ ﻫڪ ﭼﻤﭽﻮ ﭘﻴﺌﮡ ﺷﺮﻭﻉ ڪﺮﻳﻮ ﺑﻌﺪ ۾ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ٻہ ﺩﻓﻌﺎ بہ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﺮﻱ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ. ﻫﻦ جو ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﺟﺴﻢ مان ﺯﻫﺮﻳﻼ ﻣﺎﺩﺍ ﺧﺎﺭﺝ ڪﺮﮠ ﺟﻲ ﺻﻼﺣﻴﺖ ﺭﮐﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎﻥ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﮐﻲ ﺩﺳﺖ بہ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ . ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺳﻬﺎﻧﺠڙﻭ ۾ ٽﻲ ﺳﻮ ﺑﻴﻤﺎﺭﻳﻦ ﺟﻮ ﻋﻼﺝ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ.
    ﺗﻤﺎﻡ ﺍﻫڙﻳﻮﻥ ﺑﻴﻤﺎﺭﻳﻮﻥ ﺁﻫﻦ ﺟﻴڪﻲ ﻻﻋﻼﺝ ﺁﻫﻦ . ﺟﻦ ۾ بلڊ ﭘﺮﻳﺸﺮ، ڪﻮليسٽرول، ﺳﻮﭲ، ﺟﮕﺮ ﺟﻲ ﺧﺮﺍﺑﻲ، ﺷﮕﺮ، ﭘﻮڙﻫﺎئپ ۾ گهنجن ﮐﻲ ﺭﻭڪﮡ ﻻﺀِ، ﺳﻨﮅﻥ ۾ ﺳﻮﺭ ۽ ﺳﻮﭲ، ﭤﻮلھ، ﺩﻝ ﺟﺎ ﻣﺮﺽ، ﺩﻣﺎﻏﻲ ﺻﺤﺖ ﺟﻲ ﻻﺀِ بھترﻳﻦ ۽ ﻳﺎﺩﺍﺷﺖ ﮐﻲ ﺍنتھاﺋﻲ ﺗﻴﺰ ڪﺮﻱ ﭤﻮ.
    ﻧﻈﺮ ﺟﻲ ڪﻤﺰﻭﺭﻱ ﮐﻲ گهٽاﺋﻲ ﭤﻮ.
    ﺩﻳﺴﻲ ﺣڪﻤﺖ ۾ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭘﻨﻦ ﺟﻲ ﺭﺱ ﻣﺎﻥ ﺳﺮﻣﻮ ﭠﺎﻫﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ لڳاﺋﮡ ﺳﺎﻥ ﭼﺸﻤﻮ بہ نہ لڳاﺋﮣﻮ ٿو ﭘﻮﻱ.
    ﺩﻣﺎﻍ ۾ ﺳﺮﻭٽوﻧﻦ ۽ ڊﻭﭘﺎﻣﺎﺋﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺪﺍﺭ ﻭﮄﺍﺋﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎﻥ ڊﭘﺮﻳﺸﻦ ﺧﺘﻢ ۽ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺧﻮﺵ ﺑﺎﺵ ٿي وڃي ٿي.
    ﺟﮕﺮ جي ﺗﻤﺎﻡ ﺯﻫﺮﻳﻠﻲ ﻣﺎﺩﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﺎڪ ڪﺮﻱ ﭤﻮ جنھن ﺟﻲ ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ﺻﺎﻑ ﺷﻔﺎﻑ ﺻﺤﺘﻤﻨﺪ ﺧﻮﻥ، ﺷﺎﺩﺍﺏ ﭼﻤڙﻱ ۽ ﭼﻬﺮﻭ نکري پون ٿا.
    سھانجڙو دافع تڪسيد Antioxident ۽ دافع بيڪيٽيريا Anti beceterial آھي.
    ﺯﺧﻤﻦ ﮐﻲ ﺟﻠﺪﻱ ﭜﺮﺟﮡ ﺟﻲ ﺻﻼﺣﻴﺖ رکي ٿو جو ﺩﻧﻴﺎ جا مھاﻧﮕﻲ ﮐﺎﻥ ﻣﻬﺎﻧﮕﻲ ڪﻴﭙﺴﻮﻝ، ﮔﻮﺭﻳﻮﻥ ۽ ﻓﻮڊ سپليمينٽ ﻫﻦ ﺟﻲ ٻن چمچن ﺟﻲ ﺍڳياﻥ ڪﺎبہ ﺣﻴﺜﻴﺖ نہ ﭤﺎ ﺭﮐﻦ.
    ھي ﺩﻣﺎﻍ ﮐﻲ ﭜﺮﭘﻮﺭ ﻏﺬﺍﺋﻴﺖ ﻓﺮﺍﻫﻢ ڪﺮﻱ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎﻥ ﻭﺍﺭﻥ ﺟﻲ ﻧﺸﻮﻧﻤﺎ بھترين نموني ٿئي ٿي.
    سھاﻧﺠڙﻱ ﺳﺎﻥ ﻃﺒﻴﻌﺖ ۾ ﺧﻮﺷﻲ ﺟﻮ ﺍﺣﺴﺎﺱ ۽ ﺯﻧﺪﻩ ﺩﻟﻲ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ.
    ﺟﻴڪﻲ ﭔﺎﺭڙﺍ ۽ پوڙھا ﺩﻣﺎﻏﻲ ﻃﻮﺭ ڪﻤﺰﻭﺭ ﺁﻫﻦ ۽ جن ﺟﻲ ﻭﺯﻥ ۾ ﻭﺍﮄﺍﺭﻭ نہ ﭤﻮ ﭤﺌﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻻﺀِ ﻫﻲ بھترين سپليمينٽ ﺁﻫﻲ.
    ﻭﺯﻥ گهٽ ڪﺮﮠ ﻭﺍﺭﺍ سھاﻧﺠڙﻱ ﺟﺎ ٻہ چمچا ﺭﻭﺯﺍنو ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪﺮﮠ ﺳﺎﻥ ﻫﺮ ﻃﺮﺡ ﺟﻲ ڪﻤﺰﻭﺭﻱ ۽ ﭔﻴﻦ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﭘﻴﭽﻴﺪﻩ ﺑﻴﻤﺎﺭﻳﻦ ﮐﺎﻥ ﻧﺠﺎﺕ ملي ٿي.
    اچو تہ سھاﻧﺠڙﻱ ﺟﻲ ﭔﻮٽي ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮ ﺟﻲ ﺍﮜﮡ، ﭼﻮﺩﻳﻮﺍﺭﻱ، ﮔﻬﺮ ﮐﺎﻥ ﭔﺎﻫﺮ، ڳلين، ﺭﻭڊﻥ، ﺭﺳﺘﻦ، ﭘﺎﺭڪ ﺗﻮڙﻱ ﻫﺮ جڳھ ﺗﻲ ﺟﺘﻲ ﺟﺘﻲ لڳائي ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ، لڳايون ۽ ﻫﻲ ﭘﻴﻐﺎﻡ ﭔﻴﻦ ﺩﻭﺳﺘﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﮡ ﭘﻬﭽﺎﻳﻮن . ﭘﺎﮠ بہ سھاﻧﺠڙﻱ ﺟﻲ ﭔﻮٽي ﻣﺎﻥ ﻓﺎﺋﺪﻭ ﺣﺎﺻﻞ ڪﻴﻮن ۽ ﭔﻴﻦ ﮐﻲ بہ ﻫﻦ ﭔﻮٽي ﺟﻲ ﻓﺎﺋﺪﻥ ﺑﺎﺑﺖ ﺁﮔﺎھ ڪريون...
     
  4. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
  5. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
  6. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
  7. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
  8. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو