حياتي جيان حياتي ڀر نڀايو هان ڏئي هٿ نه هٿن مان ايئين ڇڏايو هان نه هئي جي روشني محفل ۾ ڇا ٿي پيو، ڪري دل کي ڏِيو ٿورو جلايو هان نه هي حال ٿئي هان سنڌ جو جيڪر؟ وکن سان گڏ وکون اڳتي وڌايو هان ڪٿان ديدار تنهجو هان ڪرڻ آيو؟ چوئي ٿو چنڊ اڱڻ تي آء آيو هان اٿي اڌ رات جو سپني مان جاڳي پو؟ مونکي ايڏو نه ساريو هان،ڀلايو هان
جواب: غزل ادا منصور صاحب تمام سٺي شيئرنگ آهي پر هن کي تعارف بجاءِ شاعري واري سيڪشن ۾ ونڊ ڪيو ها ته بهتر ٿيندو
جواب: غزل غزل ته پيارو آهي ۽ مجازي عشق جي رمزن سان ڀريل آهي، خاص طور تي رات جي پرين جي ياد يا وري پرين کي ياد ڪرڻ جو منظر اسانجي لطيف سڳوري ڪجهه هيئن به چيو آهي ۔۔۔ اڀريـــام انگـور، ستي سپرين جـــا، کايو کايو سور، لڇيو لوچيو اٿان۔ هڪ ٻي ڳالهه جيڪا شاعر جي اڻ تڻ ۾ نظر آئي ته مجازي عشق جي تڪليف سان گڏ کيس قومي سور به سيني به سمايل آهي، جيئن؛ مطلب ته شاعر ٻن سورن ۾ آهي هڪ سندس محبوب جي ياد ته مٿان وري سندس مادر وطن سورن ۾ سو لڳي ٿو ته شاعر پنهنجي محبوب کي ياد ڪندي ڪندي، وطن جا سور به بيان ڪرڻ ٿي گهريا پر وري به مجاز حاوي ٿي ويو اٿس ۽ اڳتي ساڳي ڳالهه جاري رکي اٿس ۔۔۔