• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سن ساوڙي

مومن ڏاهري

سينيئر رڪن
سن ساوڙي: سنڌ جو جھونو ڳوٺ سن ساوڙي، موري کان 25 ڪلوميٽر اوڀر طرف آهي. ڪن تاريخي روايتن موجب راجاڏاهر سن ساوڙيءَ ۾ اچي رهندو هو. هتي هڪ قديم دڙو به آهي، جنهن لاءِ گمان ڏيکاريو ويو آهي ته اهو ماڳ راجا ڏاهر جي بيٺڪ هئي. سن ساوڙيءَ جي انهيءَ ماڳ کي ’واريءَ جو دڙو‘ سڏيو وڃي ٿو. هي قديم ماڳ ٻُڌ دور جو يادگار آهي. سن ساوڙي، ’سن وِهار‘ جو بگڙيل تلفظ آهي. تاريخ ۾ آهي ته هن ئي ڳوٺ مان سنڌوءَ جو طاقتور وهڪرو لنگھندو هو، پر وقت گذرڻ سان گڏ درياهه به پنهنجو پاسو بدلائي ويو. سن ساوڙيءَ جي ڀرپاسي ۾ صديون پراڻا آثار مليا آهن، جيڪي سرڪار پاران محفوظ ڪرڻ لاءِ چؤديواري ڏئي، ماهرن کان تحقيقڪرائي پئي وڃي. سن ساوڙيءَ ۾ زراعت ۽ چوپائي مال تي عام ماڻهن جو گذران آهي. هتي تاريخي قبرستان پڻ آهي، جنهن لاءِ ٻڌايو وڃي ٿو ته اهو عربن جي دور جو آهي. قديمٺل مير رڪڻ هتان کان ڇهه ڪلوميٽر اولهه ڏکڻ ۾ واقع آهي.
 
Back
Top