• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻُڍل شاهه ولد نواب شاهه

مومن ڏاهري

سينيئر رڪن
ٻُڍل شاهه ولد نواب شاهه: سيد ٻڍل شاهه ولد سيد ميان نواب شاهه مٽياري سيدن جي سنائي شاخ جي اميناڻي پاڙي مان هو. سندس جنم نواب شاهه ۾، 1894ع ڌاري ٿيو. ابتدائي تعليم مقامي اسڪول مان ورتائين. کيس سيد غلام حيدر شاهه ناليڀاءُ به هو. هي ننڍائي هئا ته 1904ع ڌاري سندس والد وفات ڪري ويو. وٽن آباڻي زمينون هيون. نواب شاهه شهر لاءِ سندس والد سيد نواب شاهه پنهنجون زمينون مفت ۾ ڏنيون. اڳتي هلي هي ڳوٺ مان شهر ۽ ضلعي جو هيڊڪوارٽر بنيو. هاڻي هن شهر جو نالو مٽائي شهيد بينظير آباد رکيو ويو آهي.
سيد ٻڍل شاهه جا آسپاس جي زميندارن سان دوستاڻا تعلقات هئا. هي پاڻ مڙس ماڻهو، مهل سر سنگت کي ڪم ايندڙ، بي ڊپو ۽ زماني شناس شخص هو. ضلعي لوڪلبورڊ جو ميمبر، تعلقي لوڪل بورڊ نواب شاهه جو پريزيڊنٽ ۽ 1 جولاءِ 1940ع کان 10 فيبروري 1922ع تائين نوابشاهه ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو. سائين جي. ايم سيد سان سٺا تعلقات هئس، جڏهن سن ۾ 19244ع ڌاري مٽياري سيدن جي ڪانفرنس ٿي هئي ته پنهنجي پاڙي جي سيدن سميت شرڪت ڪئي هئائين. 48 سالن جي عمر ۾ 22 جنوري 1942ع تي وفات ڪيائين .
 
Back
Top