جنجهي مينهين ٻائي: ٿر جي سر زمين مارئيءَ ۽ بختاور شهيد جهڙي هڪ بهادر ۽ نيڪ سيرت عورت کي جنم ڏنو جنهن جو نالو مينهين ٻائي هو. مائي مينهين ٻائيءَ جو جنم1925ع ٿر جي هڪ ننڍي ڳوٺ ’جنجهي‘ تعلقي ڇاڇري ۾ ٿيو. سندس شادي پنهنجي سؤٽ ماستر محمد سچل جنجهيءَ سان ٿي. سچل جنجهيٿر جو هڪ مثالي استاد ۽ سماجي سُڌارڪ هو، هن پنهنجي اڻ پڙهيل شريڪ حيات کي پڙهايو ۽ کيس 1963ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪرائي ڇوڪرين جي اسڪول ۾ ماسترياڻي مقرر ڪرايو. مينهين ٻائيءَ کي ٻن پٽن هڪ مشهور ترقي پسند سياسي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ ٻيو مشهور ڊاڪٽر سلطان ۽ هڪ ڌيءَ مارئي جو اولاد هو. 1971ع واري پاڪ - ڀارت جنگ ۾ هندستاني فوجن سندن ڳوٺ کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ کين اتان لڏڻو پيو ۽ آڪهه سميت لڏي اچي حيدرآباد پهتا. ان دور ۾ هي خاندان هٿين خالي هو. ڄام ساقيبنگلاديش جي آزاديءَ واري تحريڪ دوران روپوش رهيو ڇو ته هن مشرقي بنگال ۾ فوجي مداخلت جي مخالفت ڪئي هئي. بنگال جي آزاديءَ کان پوءِ ڄام ساقي نعپ اڳواڻ جي حيثيت ۾ گرفتار ٿي ملتان جيل پهتو، جتي سندس والده مينهين ٻائي ٽنگ کان معذور هوندي به پٽ سان ملڻ ويندي هئي. ملتان جيل مان آزاديءَ کانپوءِ ڄام ساقي وري انڊر گرائونڊ ٿي ويو. هن جمهوريتجي، هارين، مزدورن لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي. 19777ع ۾ ڀٽوحڪومت جي خاتمي کان پوءِ ضياءُ الحق جي دور ۾ کيس حيدرآباد مان گرفتار ڪري مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. سندس گرفتاريءَ دوران هن جي پهرين زال سُکان کوهه ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي. مارشل لا دور حڪومت ۾ مينهين ٻائيءَ ڏاڍا ڏک ڏٺا. ڄام جيل ۾ هو ۽ سلطان ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ روس ۾، ڄام جا ٻه ٻارسجاد ظهير ۽ بختاور معصوم هئا. سچل کي انوقت جي حڪومت ضلعي بدر ڪري ڇڏيو. غربت، مفلسي ۽ ذهني پيڙا ۾ هن بهادر عورت حوصلو نه هاريو ۽ ڄام جي اولاد جي پالنا ۽ تعليمجاري رکيائين. ڄام ساقي جڏهن 11 سالن کانپوءِ آزاد ٿي پنهنجي ڳوٺ جنجهي پهتو ته هن ماءُ آڏو معذرت ڪندي چيو ته هن سندس اسيريءَ دوران ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن ته سندس بهادر ماءُ مرڪندي وراڻيو: ”مٺا، تڪليفون ٿرين جو زيور آهن، مارئيءَ به ته ڏک ڏٺا هئا“ ماءُ ۽ پيءُ جڏهن ڀاڪرپائي مليا ته ڄام بيهوش ٿي ويو، پر هن دلير ماءُ جي اکين ۾ ڳوڙهو به نه هو. مينهين ٻائي وڏي همٿ واري ۽ دلير عورت هئي، هن ٿر ۾ اوچ ۽ نيچ خلاف وڏو جهاد ڪيو. مائي مينهين ٻائيءَ 11 آگسٽ 19988ع ۾ وفات ڪئي. هوءَ حيدرآباد بابن شاهه جي قبرستان ۾ دفن آهي.