ڪائنات جون سڀئي حُسناڪيون رنگ ڇڏي مون کي بي رنگ محسوس ٿينديون آهن تڏهن جڏهن تنهنجيون اکيون مون کي اداس ٿيل محسوس ٿينديون آهن…! تنهنجيون اکيون جيڪي مون لاءَ ڪنهن مقدس مقام جيتريون مقدس ۽ احترام جي لائق آهن، تنهنجيون اکيون جيڪي يقينن مون لاءَ ڪي پل سهانا خواب ڏسنديون هونديون، مون کي انهن خوابن سان بہ ڏاڍي عقيدت آهي، آءُ تنهنجي اکڙين ۾ پاڻ کي تہ ڇا پر پوري ڪائنات کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان…! ليڪن ان جي باوجود مون کان هڪ شئي برداشت نہ ٿيندي آهي جيڪا آهي تنهنجي اکين جي اداسي، ڇو تہ اداسي وڇوڙن جو ڏس ڏيندڙ ثابت ٿيندي آهي، اداسيون پنهنجي آڙ ۾ جدائي جو سنهيو کڻي اينديون آهن، آءُ انهن اداسين جو ازل کان مخالف آهيان مون کي اداسيون بنھ پسند ڪونہ آهن پوءَ کڻي اُهي اُداسيون ڀلي ڇو نہ کڻي منهنجي ڪنهن مخالف فرد جي چهري يا اکين ۾ هجن…! ان لاءَ آءُ فڪر مند ٿي پوندو آهيان جڏهن تنهنجي چانڊوڪي مثل چهري تي ڪي پل اداسين جا ڪارا ڪڪر محسوس ڪندو آهيان، ان لاءَ پرين تون اداس نہ ٿيندي ڪر ڇو تہ تنهنجي اکڙين جي اِها اداسي منهنجي ساري وجود کي وڪوڙي ڇڏيندي آهي ۽ آءُ پريشان ٿي پوندو آهيان…!