سادگيءَ جي اهميت شرف الدين مرکنڊ طاهري “سا دگي” چوندا آهن اهڙي زندگي کي، جنهن ۾ نه اجايو خرچ ڪيو وڃي ۽ نه وري ڪنجوسي.سادگي هڪ مومن ٻانهي جي وڏي اهم خصوصيت آهي.ڇاڪاڻ ته ان جي لاءِ دنيا جي ڀيت ۽ آخرت واري زندگي وڌيڪ اهميت رکي ٿي.دنيا عارضي آهي ۽ آخرت دائمي. دنيا جو سک ءِ غم ختم ٿيڻ وارا ءِ آخرت جا سک هميشه رهڻ وارا آهن. ان ڪري هڪ مومن پاڻ وٽ رڳو اهي شيون رکي ٿو،جن جي کيس واقعي ضرورت هوندي آهي.قرآن مجيد ۾ الله تعالى جي محبوب ٻانهن جي ڪجهه صفتن ما هڪ وصف سادگي به بيان ڪئي وئي آهي الله تعالى جو ارشاد آهي والذين اذا انفقولم يسرفو ولم يقترو کان بين ذالک قواما.(آيت نمبر 66 سورت الفرقان) ترجمه: ۽ اهي جڏهن خرچ ڪندا آهن ته نه اجايو وڃائيندا آهن ءِ نه تنگي کي ڪم ۾ آڻيندا آهن،بلڪه وچٿرائيءَ سان نه ضرورت کان وڌيڪ نه گهت. حضور اڪرم ﷺجن جي عملي زندگي ۽ سادگـــي : حضور اڪرم ﷺ جن جي زندگي سادگي جو بهترين نمونو آهي. حضرت محمد ﷺزندگي جي هر معاملي سادگيءَ کي پسند ڪندا هئا. پنهنجي امت کي سادگي جي نصيحت ڪندي،پاڻ حضرت محمد ﷺ جن جو ارشاد فرمايو ته “سادي زندگي گذارڻ ايمان جي نشاني آهي” حضرت محمد مصطفى ﷺ پنهنجي لاءِ ڪڏهن به وڏو گهر نه ٺهرايو. سامان ۾ نه رڳو ڪجهه ٿانو ۽ چمري جو بسترو هو. جنهن ۾ کجيءِ جي کاٻر ڀريل هوندو هو. اڻ ڇڻيل اٽي جي ماني کئيندا هئا. بادشاهن وانگر سون ۽ چانديءِ جي ٿانون ۾ کائڻ پيئڻ پسند نه ڪندا هئا. ان کان پنهنجي امت کي روڪيو اٿن ۽ اهڙن ٿانون ۾ کائڻ پيئڻ کي ناجائز ڄاڻايو اٿن. حضرت محمد ﷺ سادا،پر صاف ڪپڙا پائيندا هئا ۽ ريشمي ڪپڙن پائڻ کان منع ڪئي اٿن. ڪپڙن ۾ نه رڳو چتين لڳل ڪپڙا پهريندا هئا،پر چتيون به پاڻ لڳائيندا هئا.کائڻ پيئڻ ۾ عيش عشرت واري خوراڪ پسند نه ڪندا هئا، گهڻو ڪري جون جو ستو استعمال ڪندا هئا.کاڌو جيڪو به سامهو ايندو هئن حضرت محمد ﷺ ان ۾ عيب نه ڪڍندا هئا.ڀاڄيءِ جي جاءِ تي سرڪو به استعمال ڪندا هئا. گھروارن سان گڏجي گھر جي ڪمن ۾ مدد ڪڙڻ کي عيب نه سمجهندا هئا.حضرت محمد ﷺ پنهنجي پياري نياڻي جي حضرت فاطمه رضي الله عنها جي شادي به نهايت سادگيءِ سا ڪئي. جنت جي راڻي حضرت فاطمه رضي الله عنها جو نڪاح مسجد ۾ پڙهايو ويو ۽ کين ڏاج ۾ رڳو هڪ چادر،وهاڻو،اٽي پيهڻ جو جنڊ ۽ پاڻيءِ جي مشڪ ڏنائون. سادگـــيءَ ۽ اصحاب سڳورن رضي الله عنهم جي سادگيءِ جو نمونو: اصحاب سڳورن رضي الله عنهم جي زندگي به حضور اڪــرم ﷺ جي زندگي ۽ نقش قدم تي هوندي هئي. حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه تمام سادي زندگي گذاريندا هئا. جڏهن پاڻ مسلمانن جا خليفا مقرر ٿيا، ته انهيءَ ساڳئي سادي گھر ۾ رهندا هئا، جنهن ۾ اڳ رهندا هئا. وٽن رهائش لاءِ رڳو اهو سامان هوندو هو، جنهن جي ضرورت هوندي هئي. حضرت عمر فاروق رضي الله عنه به سادي زندگي گذاريندا هئا، سندن جي معاشرت تمام سادگي واري هئي، لباس معمولي ءِ سادي قسم جو پائيندا هئا، ان ۾ چتيون لڳل هونديو هيو، پاڻ عام حالات ۾ ڪڻڪ جي ماني ،۽ قحط سالي ۾ جون جي ماني کائيندا هئا.پنهنجي گورنرن کي سخت تاڪيد ڪندا هئا ته اهي ريشمي ۽ قيمتي پوشاڪ نه پائن ۽ عيش عشرت جي زندگي نه گذارن. حضرت عثمان غني رضي الله عنه مالدار هوندي به سادي زندگي گذاريندا هئا. حضرت علي المرتضى رضي الله عنه جو حال اهو هو ته پاڻ پنهنجي زندگيءِ ۾ هڪ معمولي گھر کان سواءِ ڪا به جاءِ نه ٺهرايائو.جنت جي عورتن جي سردار حضرت فاطمه رضي ا لله عنها به گھر جو ڪم پاڻ ڪندي هئي. سادگيءَ جا فائدا: جيڪا قوم سادگيءَ کي پنهنجو طريقو ۽ عادت بنائي ٿي، اها قوم ترقي ڪندي آهي، ۽ اها ڪنهن جي به محتاج نه ٿي ٿئي. ان جي ابتڙ جيڪا سادگيءِ کي ڇڏي، نهايت عيش عشرت جي زندگي گذاري ٿي، اها گھڻين اخلاقي خرابين جو شڪار ٿي وڃي ٿي ۽ مالي لحاظ کان ڪمروز ۽ ٻين جي محتاج ٿي وڃي ٿي.