شفيق الرحمان شاڪر اسان سڀني جو عام رويو آهي ته جڏهن به ڪٿي ٻه چار ماڻهو گڏ ٿيندا آهن،پنهنجي روزمرهه جي معمولات کي بحث هيٺ آڻيندا آهن،پنهنجن مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن،روزمرهه جي وڌندڙ مهانگائيء جو ماتم ڪندا آهن،هڪ ٻئي جون پر پٺ گلائون ڪندا آهن يا وري مختلف ادارن جي ناقص ڪارڪردگي ۽ انهن اندر موجود ڪرپشن جو ذڪر ڪندا آهن اتي اهي سموريون ڳالهيون ڪندي ميڊيا جو لازمي طور تي ذڪر ڪندا آهن.ان تي پيش ٿيندڙ مختلف پروگرامن سبب معاشري تي پوندڙ ناڪاري ۽ نقصانڪار اثرن جي ڳالهه به ضرور ڪندا آهن.اسان مان سڀني کي اهو محسوس ٿئي ٿو ته ڪٿي نه ڪٿي انهن سماجي برائين کي وڌائڻ ۽ پکيڙڻ ،سماج ۾ انهن جون پاڙون پختيون ڪرڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار ضرور آهي.سماج جي معاشرتي ۽ مذهبي تصوير جا ٻه پاسا ٿين ٿا.جيڪر هاڪاري پاسي جي بدران ناڪاري پاسو نمايان ٿيندو ته سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي شخصيت ۾ انهن جي روين ۾ منفي ڳالهيون ضرور نظر اينديون.تنقيد پنهنجي طور تي ڪا خراب شيء ناهي پر اسان رڳو هڪڙي پاسي ۽ سو به اونداهين پاسي کي ئي ڇو ڏسندا آهيون.تنقيد حقيقي اها ئي هوندي آهي جنهن ۾ اصلاح ۽ سڌاري جو پهلو موجود هجي.صرف خرابيون بيان ڪرڻ ڪافي ناهي پر اهم ڳالهه اها آهي ته اهڙن رستن ۽ طريقن جي نشاندهي ڪئي وڃي جن تي هلي ڪري ميڊيا پنهنجن پروگرامن کي اهڙي شڪل ڏيئي سگھي جنهن جا اثر فائدي جي صورت ۾ سماج تي مرتب ٿي سگھن.ماڻهن جي ذهني تربيت ۽ سندن ڪردار جي نشو نما جي لاء ميڊيا جي ڪردار کي نظرانداز ڪري نٿو سگھجي.نهايت افسوس جي ڳالهه آهي جو ڪتاب اسان جي زندگيء مان نڪري چڪا آهن.گڏيل خانداني نظام جي برڪت سان بزرگن جي موجودگيء سبب ٻارن ۽ نوجوانن جي جيڪا اصلاح ۽ تربيت مفت ۾ ٿي سگھندي هئي تنهن کي ميڊيا،انٽرنيٽ ۽ موبائيل سان بي انتها محبت هاڻي ناممڪن بنائي ڇڏيو آهي.ڪنهن وٽ ٻئي لاء ڪو وقت ئي باقي نه بچيو آهي.ان ڪري هن وقت سماج جي اصلاح ۽ تربيت جو هاڻي موثر ۽ اهم ذريعو ميڊيا جا اهي وسيلا ئي رهجي ويا آهن.ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اختيار ڌڻين کي اهڙيون تجويزون ڏنيون وڃن جن سان انهن کي ڪو مفيد رستو ملي سگھي جنهن ذريعي اهي اهي پنهنجن پروگرامن کي فائديمند بڻائي سگھن. ڳالهه شروع ڪجي دستاويزي ۽ بحث مباحثن جي پروگرامن سان جيڪي هاڻي ٽي وي تي پيش نٿا ڪيا وڃن.ڪنهن زماني ۾ پي ٽي ويء تي دستاويزي پروگرام نهايت بهترين انداز ۾ پيش ڪيا ويندا هئا جن ۾ ملڪ،صوبن ۽ مختلف علائقن جي زندگي،تاريخ،ثقافت،رهڻي ڪرڻي جي باري ۾ ٻڌايو ويندو هو.اهي گھڻو دلچسپ قسم جا پروگرام هوندا هئا جن کي ماڻهو خاص طور تي نوجوان وڏي شوق سان ڏسندا هئا.انهن سان نه رڳو معلومات ۾ واڌارو ٿيندو هو پر ايئن محسوس ٿيندو هو ته اسان سڀ ملڪ جي مختلف حصن جي تهذيب ۽ ثقافت جي ويجھو ٿي رهيا آهيون.ملڪ جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ پاڪستاني اسان کي اوپرا ۽ اجنبي نه لڳندا هئا.ٻئي طرف بحث ۽ مباحثن جا پروگرام پيش ڪيا ويندا هئا جن ۾ ملڪ جي ممتاز دانشورن ۽ ڏاهن کي سڏايو ويندو هو.ڪنهن نه ڪنهن سماجي موضوع ۽ ان سان لاڳاپيل مسئلن تي ڀرپور بحٿ مباحثا ٿيندا هئا.مذهب،اخلاقيات، سماجي برائين وغيره جا سموارا پاسا ۽ رخ سامهون آندا ويندا هئا.اهڙن پروگرامن کي ڏسي ڪري ماڻهو سوچيندو ضرور آهي ۽ اها ئي سوچ جي تبديلي آخر ڪار روين ۾ تبديلين جو بنياد بڻبي آهي. ميڊيا تي هاڻي اهڙا پروگرام رڳو سياست ۽ راندين تائين محدود ٿي ويا آهن.سماجي ۽ ادب جي حوالي سان جيڪر ڪنهن عظيم شخصيت جي وفات به ٿي وڃي ته ميڊيا تي انهيء جي زندگي ۽ ڪارنامن تي مشڪل سان ڪو پروگرام ڏسڻ لاء ملندو.ادب ۽ شاعريء جي حوالي سان به اڪثر ميڊيا تي بليڪ آئوٽ واري صورتحال ئي نظر ايندي.ايئن ٿو لڳي ڄڻ عام ماڻهن جي زندگيء۾ علم،ادب ۽ شاعريء جي ڪا جڳهه ئي نه باقي رهي هجي.اڄ جي دور ۾ خبر ناهي ڪيترائي نامور تخليقڪار گمنام زندگي گذاري رهيا آهن،انهن جي زندگي يا ڪم کي ميڊيا تي ڪابه جڳهه نٿي ملي يا شايد هاڻي اهڙا پروگرام تيار ڪرڻ جو رواج ئي ختم ٿي چڪو آهي.چوندا آهن ته جڏهن زندگيء مان ادب هليو وڃي ته سماج مان اخلاقي قدر به ختم ٿي وڃن ٿا.اخلاقيات،رواداري ۽ انسانيت جو احساس ختم ٿي ويندو آهي.بلڪل ساڳي صورتحال اسان جي اڄوڪي معاشري جي آهي.هاڻي اسان سڀ غيرملڪي تهذيب ۽ ثقافت جا پروگرام ميڊيا تي وڏي فخر سان ڏسندا آهيون،سوشل ميڊيا تي پيش ٿيندڙ ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ڌارين جو ميوزڪ ۽ انهن جو ڪلچر پيش ٿي رهيو آهي جنهن ذريعي اسان جو نوجوان نسل انهن جي رنگ ۾ رنگجي چڪو آهي.ايستائين جو اهي پنهنجي علاقائي ۽ قومي تهذيب ۽ ٻوليء کان به بيگانا بڻجي ويا آهن.اڄ اسان ڏسون ته قومي توڙي علاقائي ٻولين ۽ انهن جي علمي ۽ ادبي خزاني کي محفوظ بنائڻ ۽ ترقي وٺرائڻ لاء ميڊيا ڪهڙو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي؟افسوسناڪ جواب اهو آهي ته اهڙو ڪجهه به نه ٿي رهيو آهي.حڪومتن کي گھرجي ته اهي ميڊيا تي پنهنجن ٻولين،ادب ۽ ثقافت جي ترقيء لاء خاص طور تي ميڊيا کي پابند بنائين ۽ سرڪاري ٽي وي جي پروگرامن جوبه تفصيل سان جائزو وٺن.مختلف اديبن ۽ شاعرن جي تصنيفن ۽ سندن زندگين جي باري ۾ ايندڙ نسل کي چڱيء طرح واقف ڪن ته جيئن موجوده دور جي نوجوانن کي شعر،ادب ۽ ٻين فنون لطيفا سان دلچسپي پيدا ٿئي.انهيء سان نه رڳو انهن اديبن“شاعرن ۽ تخليقڪارن جي فن کان ماڻهو واقف ٿي سگھندا پر ڪتاب پڙهڻ جو شوق جيڪو تشويشناڪ حد تائين ختم ٿيندو ٿو وڃي اهو شوق ٻيهر زندهه ٿي سگھي ٿو. اڄ ڪلهه ميڊيا تي ڊرامن جو طوفان آيل آهي،غيرمعياري ۽ گھسيل پٽيل موضوعن تي ٺهيل ڊرامن کي ڏسي ڪري ايئن لڳندو آهي ڄڻ اهي ٽي وي پروگرام رڳو خواتين ئي ڏسنديون هجن جو اڪثر انهن جي دلچسپيء جا پروگرام ئي ڏسڻ لاء ملندا آهن.اهو ئي سبب آهي جو اڄ جو نسل خاص طور تي ٻار موبائيل ۽ وڊيو گيمز تائين محدود بڻجي ڪري رهجي ويا آهن.نه ته انهن جي دلچسپيء جا ڪي پروگرام ٽي وي تي هوندا آهن ۽ نه ئي انهن جي ذهنن کي علم سان سينگارڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.ان ڪري ئي اهي اهڙين مشغولين ۽ وندرن ۾ لڳي وڃن ٿا جن سان انهن جي تعليم به متاثر ٿئي ٿي بلڪه اهي غلط رستن طرف به هليا وڃن ٿا.ميڊيا جي اختيارين کي سوچڻ کپي ته جيڪر انهن ٻارن ۽ نوجوانن کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل نه ڪيو،انهن کي مفيد وندر مهيا نه ڪئي ۽ انهن کي پنهنجي ميڊيا جي سرگرمين جو حصو نه بنايو ته انهن جون لڪيل صلاحيتون ڪيئن نڪري نروار ٿي سگھنديون؟اسان جي ملڪ جا ذهين ۽ باصلاحيت ٻار ۽ نوجوان ڪهڙيء طرح پنهنجي ديس جي ڀرپور نمائندگي ڪري سگھندا؟انهن جي دلين ۾ پنهنجي وطن سان محبت جو جذبو ڪيئن پيدا ٿي سگھندو جيڪر هنن کي هن سماج ۾ ڪو اهميت وارو مقام نٿو ملي؟اهو تمام ضروري آهي ته اڄ جي دور جي حساب سان ميڊيا جو مفيد استعمال يقيني بڻائجي،انهيء سان سماج ۾ تبديلي آڻڻ جو ڪم ورتو وڃي ۽ تعليم کي فروغ ڏنو وڃي.انهيء کي رڳو تفريح ۽ وندر يا رڳو ڌارين جي تهذيب ۽ ثقافت جي واڌاري ۽ پرچار جو ذريعو نه بنائڻ گھرجي.وقت ۽ حالتن جي تيزرفتار تبديليء جي پيش نظر اسان جي ميڊيا ۾ به هاڻي هڪ وڌي ۽ بنيادي نوعيت جي تبديليء جي ضرورت آهي.