نياڻين جي تعليم تي سماجي اثر

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ ثاقب بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2018۔

  1. ثاقب بلوچ

    ثاقب بلوچ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2018
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ
    ماڳ:
    تعلقو ٺري ميرواھ ضلعو خيرپور ميرد
    جتي هي دنيا تيزي سان ترقي ڏانهن وڌي رهي آھي اتي اسان جي هن مقدس نگري جا ماڻھون ان ڳالھ جي لاء سندي دماغن کي زور رهيا آھن ته سندي نياڻي کي پڙھائجي يا نه, ڇا نياڻي پڙھائڻ صحيع آھي يا غلط,؟ اهڙي ريت اسانجي هن معاشري ۾ اڪثر ماڻھون سندي نياڻن کي تعليم ڏياريڻ کان اڳ سئو دفعا سوچيندا آھن ته هي سماج ڇا چوندو,؟ اوڙي پاڙي واري ڇا چوندا ,؟ واھ ڙي فلاڻا صفا بيغيرت ٿي ويو آھين جو نياڻي ٿو پڙھائين، اها ئي نياڻي سڀاڻي توکي پٽڪا ٻڌرائيندي,, هن جاهل سماج جا عجيب وسوسا هوندا آھن جيڪي ڪنهن نياڻي جي تعليم جي تباهي جو مھا ڪارڻ بڻبا آھن. ان ڳالھ ۾ ڪو به شڪ نه آھي ته والدين اولاد لاء ٿڌي ڇانو جيان هوندا آھن جيڪي اسانجي زندگي جي فلم جو هدايتڪار هوندا آھن ۽ هميشه اسانجي ڪردار جي صحيع هجڻ جو تاڪيد ڪندا آھن,, اهي هميشه اسان لاء فڪرمند رهندا آھن جنهن مان هي سماج پورو لاڀ وٺي ٿي,,,, اسان جي والدين کي اها سڌ ناهي ته هو ان سماج جي چوڻ تي سندي نياڻن جون زندگيون برباد ڪن ٿا جيڪي ٽڪي ملھ لھڻا مس آھن, هن جاهل سماج جي قيمت ٽڪي برابر آھي هي اها سماج آھي جيڪا نياڻي جي پڙھائي کي بيغرتي سمجھي ٿي ۽ سندي زائفائن لاء وري ليڊي ڊاڪٽر ڳولهي ٿي. جي نياڻون پڙھنديون نه ته ھن سماج ۾ عورتن لاء ليڊي ڊاڪٽرياڻيون ڪٿان پيدا ٿينديون جيڪي هن جاهل سماج جو عزت بچائي سگهن عورت جي ڪارڪردگي کي گهٽ سمجهندڙ ھن سماج کي شايد عورتن جي محنتڪشي جو پتو ئي ڪونهي, اڄ جي دنيا ته کڻي ٽيڪنالاجي سان جڪڙيل آھي پر جي تاريخ جي دري مان جاتي پائجي ته تارا ٻائي, مها راني ودلا, جانسي جي راڻي, ٻاگھل جهڙيون ڪئي ڪردارون ملن ٿيون جن پنهجي قربانين سان پنهجي سڀيتا جو ڳاٽ اوچو ڪيو ۽ تاريخ کي سنهرن اکرن سان لکيو,,, پر هن دور ۾ ته عورتون اڃا اڳڀريون آھن, خاص طور تي يورپي ملڪن ۾ عورتن کي خصوصي آزادي حاصل آھي جنهن سبب هو ترقي جي راھ ۾ تيزي سان وڌي رهيون آھن, اهڙي ريت انهن مان ڪيئي عورتون ته مختلف ملڪن جون واڳون بـ سنڀالي چڪيون آھن ۽ ڪيئي عورتون وزيراعظم ۽ صدر جي عهدن تي فائض پڻ آھن,,, اڄ جي دنيا ۾ جتي به عورت کي آزادي حاصل آھي اتي عورت ڪو نه ڪو ڪارنامو سرانجام ضرور ڏنو آھي ۽ هي بلڪل حقيقت آھي ته عورت مائونٽ ايوريسٽ جي چوٽي تي وڃي پهتي آھي, ايتري قدر جو چنڊ تائين به وڃي پهتي آھي۽ ان سڄي ترقي جو مها ڪارڻ تعليم آھي, چوندا آھن ته تعليم هڪ زيور آھي پوء اهو ڪيترو نه عجيب رهندو ته اهو زيور صرف مرد ئي پائي ۽ عورت کي پائڻ نه ڏنو وڃي هالانڪـ مرد لاء زيور حرام آھي,,,,, تاريخ ۾ عورتن سلطنتن جون واڳون سنڀاليون آھن جنهن مان صاف ظاھر آھي ته ان وقت عورتن کي برابري جو درجو مليل هئو پر افسوس جو سنڌ جي ٻھراڙي وارين علائقن ۾ نياڻن جي تعليم زبون حالت ۾ آھي, اڪثر ٻھراڙي اندر نياڻين جي تعليم تي پابندي لڳل آھي جيڪڏھن ڪٿي تعليي رجهان آھي، ته به اهو صرف ميٽرڪ تائين يا وڌ ۾ وڌ ڪاليج سائيڊ بي اي , تائين ان کانپوء ڇوڪرين جي شادي والدين لاء ڪلھن جو بار بڻجي ويندو آھي پوء ھو اوڙي پاڙي ۾ رشتا ڳولھڻ شروع ٿي ويندا آھن آخر ۾ وڃي ائين ئي ٿيندو آھي جئين والدين چاهيندا آھن, شادي کانپوء ھڪ عورت جي زندگي رد پچاء جي ڪمن تائين محدود ٿي ويندي آھي. نياڻن جي تعليم جي تباهي جو مها ڪارڻ ھي جاهل سماج آھي جنهن جي لاء چيو ويندو ته هي ڇا سوچيندو,,,,؟ پر سچ ۾ ڇا سوچيندو، جيڪو سوچڻ جي قابل ئي ناهي هي سماج ڇا ٿو سوچي سگهي جيڪو پاڻ ئي اڻ سڌريل آھي, وڪاميل آھي,پيسن جو پوڄاري آھي, هي اهو جاهل سماج آھي جيڪو سچ چوڻ واري کي چوي ٿو ته اهو وات ڳاڙھو ڇورو آھي جنهن آزاد سوچ ۽ شعور جو نالو وڃي وات ڳاڙھو رکيو, اهو سماج ڇا سوچيندو جنهن مظلومن جي لاشن کي ڏسي پنهجا ڪوڙا ڳوڙھا اگھي ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪيا, هي اها جاهل سماج آھي جنهن کي ڪنهن معصوم جي زنا تي حيرت نه ٿي,,,,هي اها سماج آھي جتي اڄ به ڏاج ڏاوڻ جي اوٽ تي نياڻيون وڪامجن ٿيون هي اها سماج آھي جتي عيوضن جي اوٽ تي ٻڪرين جي واپار جيان نياڻن جي سوديبازي ڪئي پئي وڃي,,, اڄ به ھن سماج ۾ ڪئي نياڻيون پاڻي جي واري عيوض ڪاري ٿي ڪسجن ٿيون,, پوء اسين ڇو فڪر ڪيون ته هي سماج ڇا سوچيندو جڏھن ته هي جاهل سماج سوچڻ جي,لائق ئي نه آھي, ته پوء ھن سماج جي چوڻ تي هڪ نياڻي جي ڪاليج وڃڻ تي قلم ڇو ٿا لاڳو ٿين ڇو ٿيون پابنديون لڳن ڇو والدين سندي جگر جي ٽڪرڻ تي شڪ جا زنجير ٿا وجھن ۽ انھن نياڻين کي قيدياڻي ٿا بڻائي ڇڏين آخر ڇو,,,,, ڇا ڪنهن نياڻي کي پڙھائڻ سان غيرت جو خاتمو ٿئي ٿو, غيرت صرف اها ناهي ته تنهجيون نياڻيون تنهجي گهر جي چوديواري ۾ محفوظ رهن بلڪي اصلي غيرت ته تڏھن آھي جڏھن تنهجي اکين کان ٻين جو نياڻيون محفوظ رهن ۽ جڏھن به هن سماج ۾ اصلي غيرت جو سج اُڀريو تڏھن کان عورتون برقو پائڻ ڇڏي ڏينديون تڏھن هن سماج جي فردن جا وح
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو