( سچ وڏو ڏوهاري آ، مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان ) ڪيترائي سال پهرين سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز صاحب جي شاعري ( سچ وڏو ڏوهاري آ، مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان ) کي تمام سهڻي انداز ۾ جناب بيدل مسرور صاحب جن ڳايو هو، ۽ اڄ وري ايترن سالن کان پوء (جڏهن بيدل صاحب پنهنجي جواني جا ڏينهن گذاري ۽ سنڌ جي بزرگن واري فهرست ۾ شامل ٿئي چڪو آهي، ) بيدل مسرور صاحب اهو ساڳيو ڪلام تمام سهڻي انداز ۾ ڳايو آهي، اچو ته اهو ڪلام ٻڌون ۽ ڏسون هي ڏوهه نه آ هن ڌرتيءَ جو مون دل جي ديول جوڙي آ تون نفرت جي ديوار کنئي مان ان جي پاڙ اکوڙي آ مان ڳاتا گيت محبت جا مون واڳ وطن جي موڙي آ شيخ اياز جي ورسي جي تقريب ۾ ڳايل بيدل مسرورجي آواز ۾ ڪلام http://www.youtube.com/watch?v=n3UeumNROgs&feature=related 25،20 سال پهرين بيدل مسرور جو محفل ۾ ڳايل ساڳيو ڪلام http://www.youtube.com/watch?v=zPlM5SSn8io&feature=related
جواب: سچ وڏو ڏوهاري آ، مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان تمام بهترين ادا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪ خوبصورت شيخ صاحب جي شاعري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔مهرباني ونڊ ڪرڻ جي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واقعي "سچ وڏو ڏوهاري" آهي