معصوم چھرو

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ ثاقب بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2018۔

  1. ثاقب بلوچ

    ثاقب بلوچ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2018
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ
    ماڳ:
    تعلقو ٺري ميرواھ ضلعو خيرپور ميرد
    هن يڪو مونڏانھن سندي نماڻن نيڻن سان پئي نيهاريو هن جا نيڻ قربلا جو ڄڻ قصو ٻڌآئي رهيا هئا ڄڻ هنجي نيڻن ۾ ڪو وڏو الميو ٿي گذريو هجي سنڌو جي ڇوليين جو آواز ڄڻ ماٺ متي ويو هجي,, هو ھڪ گلاب جي گل جيا هيو پر شايد دنيا جي ڪٺور ڪمن ۽ مجبورين ان گلاب کي ڪوماٽي ڇڏيو هجي هن جي معصوميت ويران جڳھ جيان هئي جتي صرف هوا جا سرڙاٽ هوندا آهن , مان دوستن سان گڏ هوٽل تي ماني پئي کاڌي ته انجي نماڻي نگاھن مننهجي هر هڪ گرھ کي ڄڻ پاڻ ڏانھن پئي ڇڪيو, آء ماني به کائي رھيو هئس ۽ دوستن جا چھچٽا به جاري هيا پر آء دماغي طرح سان ان ننڍڙي ٻار ڏانھن مايل هئس, عجيب ولولن پئي منهجي دماغ ۾ جنم ورتو ”هي ڪير آھي؟ ڇا هي اسان جهڙو ناھي؟, پر اسين ته ڪڏھن به ڪنهجي گرھ کي ناهي تڪيو! مونکي ته اڇا ڪپڙا پاتل آھن! پوء ھن کي ميرا ڦاٽل ڪپڙا ۽ اڻبا وار ڇو آھن؟ هي آھي ته انسان ئي نه, هي آھي به اسانجي قوم مان پوء منهجو ڀاء ته اعلي پروائيٽ اداري ۾ زيرتعليم آھي! پر هن ڪوماٽيل گل کي ته ڪپڙا به ڦاٽل پهريل آھن! هنجا ڪپڙا ڪنهن ڦاڙيا آھن؟ شايد هن هڪ لباس کي لڳاتار اوڙيو آھي,.... هي ائين ڇو آھي؟ ڇا ائين هن کي خدا ڪيو آھي؟ پوء خدا هن کي ئي ائين ڇو ڪيو مونکي به ته ڪري پئي سگهيو؟, ”اڙي ماني کاء“.......... دوست جي ان جملي مونکي خيالن جي دنيا مان ڌڪو ڏئي ڪڍيو پر ان معصوم جون نگاهون اڃان مون منجھ اڙيل هيون,,,, آخر مون هن کي پاڻ ڏانهن سڏ ڪيو. ۽ هو مونڏانھن سونماني جيان پئي آيو ۽ اچي جڏھن مون ڀر پهتو,,,, آء ھنجي ڪلهي تي هٿ رکي چيو ” آء بهري کي چوان ٿو ته توکي هڪ ماني ڏئي“,, منهجي ان جملي جي جواب ۾ ان جي شبدن مونکي منهجي ئي نظرن ۾ ڪيرائي وڌو ڄڻ هن اندر جي انسان کي ڇڪي ٻاھر ڪڍيو هجي,,,, هن وراڻيو،،،”توهان هڪ ماني کان سواء ڏئي به ڇا ٿا سگھو“..... آء شرمسار به ٿيس, پاڻ ھيڻومحسوس پئي ڪيم ڄڻ منهجي جسم تي تير لڳل هجن, ڇو ته هن جي شبدن منهجي انسانيت کي للڪاريو,,,, پر پوء به گهڻي ڪوششن سان سندي زبان کي اٿلايو ۽ چيو،،،،”ٻيو توکي ڇا کپي؟......منهجي جواب تي هو کلڻ لڳو, ۽ وري خاموش ٿي ويوڪجهه ڌير خزموش رهڻ کان پوء چيائين...”مونکي سندي ڀاء جيان سٺي تعليم ڏئي ٿو سگھين؟,,,, منهجو پيء ڪينسر جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا آھي.... ان کي صحتياب ڪري ٿو سگھين؟,,,,اسان کي هڪ ڪچو گهر ڏئي ٿو سگهين؟.., مونکي ٻن وقتن جي ماني کارائي ٿو سگهين؟, ۽ منهجي ڦاٽل ڪپڙن کي ٽاڪي ٿو سگهين,,,,,,؟ آء ڪند هيٺ ڪري سوچڻ لڳس ته هن جي جوابي جملي لاء ڪٿان شبد آڻجن ائين پئي لڳو ڄڻ شبد مونکان بڄي رهيا هجن,,,,پوء ڪجھ ڪمزور شبدن تي قابض ٿي چيو,,,,,, ” آء تنهجي گهرجن جو پورآء نٿو ڪري سگهان, پر سرڪار ڪري ٿي سگهي“,,,, هن مسڪرائي چيو ,,,, ”سرڪار“ ڪهڙي سرڪار؟ جيڪا اسان کان وڌ غريب آھي! جيڪا هر پنهجي سال سندي ٺڳي واري فنڌن سان ووٽ لاء پني ٿي. هي منجها اڻبا وار, خدا ناهن ڪيا هي منهجا ڪپڙا خدا ناهن ڦاڙيا مونکي اجي ۽ اٽي کان دربدر خدا ناهي ڪيو!, ”توکي خبر آھي ته آء سنڌي آھيان, ھن سنڌ ڌرتي جو رهواسي آھيان جتي قدرت جا ڪل وسيلا موجود آھن, خدا ته هن ڌرتي تي مھربان آھي هي ڌرتي سڄو سون آھي, پر پوء به منهجو بابا بيمار آھي, اسان کي ڪچو گهر به ناهي, منهجا ڪپڙا به ڦاٽل آھن, جيڪڏھن تون منهجي گهرجن مجهان ڪجھ به نٿو ڏئيي سگھين ته ان ڳالھ جو جواب ئي ڏئي“ ,,,پر نه ڏئي سگهندين!.... ڇو ته اوهين خودپرست آھيو,... لالچي آھيو.. هڙپائو آھيو.. بي همٿا آھيو... اوهانجو ضمير ستل آھي,... اوهين صرف پنهجي گهر جو سوچيو ٿا, مهنجي اڻبن وارن جو ڦاٽل ڪپڙن جو اوهان کي ڇا؟,,,,,, توهان اسان جو رشتو ڇا آهي ما نيچو توهان اوچو وڏو فرق رکيو آهي توهان!,,,,,,,ائين چئي خاموش ٿي ويو،،،،،،, ڪجھ پلن جي خاموشي بعد مون وري شبد ڇيڙيا,,,,,,, ”اسڪول ويندو آھين,,,,,؟ ”اسڪول ويندو هئس,,,,,,,! ”ويندو هئين مطلب,,,,,,؟ هن وراڻيو...!, ”ها اڳئي ويندو هئس اسانجي اسڪول ۾ ڇوڪرا ئي نه ايندا هئا جيڪي ايندا هئا سي بلڪل ئي پوشاڪي لحاظ کان مون جهڙا هئا مطلب ته انهن جو بابا به منهجي بابا جيان غريب هو,,,, استاد سندي ڪهچرين ۾ مشغول رهندا هئا,,,,,,,, پر مان زوري استاد کي چوندو هئس ته سر منهجو سبق ٻڌو ڪاپي چيڪ ڪريو,,, ڪڏھن ڪڏھن استاد منهجي لاء چوندا هئا ته جيڪڏھن توکي خرچ ملي ته تون وڏو آفيسر ٿيندين,,,,,,,پوء جڏھن مان ڇهين درجي ۾ پهتس ته بابا جي تبيت خراب ٿي پئي...., ان کان پوء مان اسڪول وڃڻ بند ڪيو ڇو ته بابا جي علاج لاء پيسا درڪار هئا,,,,,,,,! ”توهان جو بابا ڇا ڪندو هيو،،،،،؟ منهجي ان سوال جي جواب ۾ ان وراڻيو! ”هڪ غريب ماڻھون ھن ملڪ ۾ ڇا ٿو ڪري سگهي سواء محنت مزدوري جي,, منهجو بابا گڏھ گاڏو واهائيندو هئو صبح جو گهر مان نڪرندو هئو ته سج لٿي جو واپس ورندو هئو جيڪي ٽي چار سئو روپيا ڪمائيندو هو انهن مان ٽي سئ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو