• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

درد دل جو وڌي جو ويندو آ.

ثاقب بلوچ

سينيئر رڪن
درد دل جو وڌي جو ويندو آ..............!!!

سور ڪنهن سقراط کان گهٽ ناھن, جيڪي دل کي بي تاهاشا تڪليف پهچائن ٿا اهو سور جيڪو بناھ ڪنهن زخم جي زخم کان به وڌيڪ ڏکائيندو آھي, جي زخم ناسور ٿئي ته دنياوي دستور کان اڻواقف بڻائي ڇڏيندو آھي...............................................!!!

دل منجهان ادما اٿندا آھن جڏھن دردن جي ڪمان مان سورن جا تير نڪري اچي دل تي وسندا آھن, ان وقت ائين محسوس ٿيندو آھي ڄڻ هي دنيا ماٺ متل هجي, ڄڻ هن جهان مان ڪنهن به پرش جو نشان ئي مٽجي ويو هجي .....................................!!!

هي دنيا ڪنهن لاء خوشين جو آشيانو آھي ته ڪنهن لاء دردن جو ديس پر سورن جو ڪارڻ خدا ناهي ان جو مهاڪارڻ اسين خود هن ڌرتي کي دوزخ بڻائيندڙ پرش آھيون هن ڌرتي کي دردن جو مهاڀارت بڻائڻ وارو به انسان آھي.....................................!!!

درديلن کي شايد اها سڌ ناهي ته ڳوڙن جو پاڻي ڪنهن مارڪيت ۾ ناهي ملندو, ڳوڙا ته دل جو هال اوريندا آھن, نت ڇا وڃي دل جو اکڙين سان ڪاٿي دل ڪاٿي اکيون, دل آھي ته عضون جو رهنما پر اکين آڏو مجبور آھي......!!!

دردن جي جنگ ۾ هڪ انسان ٻئي انسان تي سور جا تير وسائيندو آھي پوء ٻنھي مان جيڪو سورن سان گهايل ٿيو, سمجھ اهو دردن جي جنگ ۾ ڪسجي ويو, عجيب جنگ آھي جتي سورن جي تيرن سان ڪسجڻ واري کي وڌيڪ ايزايو ويندو آھي................!!!

جي اکيون دل جي دردن جي رهنمائي ڪن ٿيو ته وري دل کي درديلو ڪرڻ تي به اکين جو هٿ آھي, اکيون نه صرف نه دل کي الجهائن ٿيون پر دماغ کي به سن ٿيون ڪري ڇڏين, اکيون جي اڙين نه ته ڇو دل جنهجٽ ۾ ڦاسي..................................................!!!

ثاقب بلوچ
 
Back
Top