شفيق الرحمان شاڪر ڪيترائي ماڻهو گرمين جي موسم ۾ اڪثر مڇيء جي شڪار لاء ويندا آهن.ذاتي طور تي انهن کي کاڌي ۾ ڀلي ڪهڙيون شيون به پسند هجن پر مڇيون ڦاسائڻ وقت اهي فقط اهو ڌيان رکندا آهن ته مڇين کي ڪهڙي شيء پسند آهي ۽ اها شيء ئي ڪنڍين ۾ لڳائيندا آهن.اسان ڇا ٿا سوچيون يا ڇا ٿا پسند ڪيون انهيء تي سوچڻ هڪ ٻاراڻي حرڪت آهي.اهو صحيح آهي ته اسان جي ان ڳالهه سان گھڻي دلچسپي هوندي آهي ته اسان ڇا ٿا پسند ڪيون پر ٻين کي ان ڳالهه سان ڪا دلچسپي نه هوندي آهي ته اسينڇا ٿا چاهيون يا ڇا ٿا پسند ڪيون.ٻين لاء به اسان وانگر ئي سموري دلچسپي انهن شين سان هوندي آهي جيڪي انهن کي پسند آهن.ان ڪري دنيا ۾ ماڻهن کي متاثر ڪرڻ ۽ انهن تي اثر انداز ٿيڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته اسان ٻين جي انهن شين ۾ دلچسپي وٺون جيڪي انهن کي پسند آهن يا اهو ڌيان رکون ته اهي ڇا ٿا چاهين؟ياد رکڻ گھرجي ته اسان جڏهن ٻين کي ڪنهن ڪم ڪرڻ لاء آماده ڪرڻ گھرندا هجون،مثال؛ اسان چاهيون ٿا ته اسان جا ٻار سگريٽ نه ڇڪين ته انهن کي سگريٽ نوشيء کان منع ڪرڻ ۽ انهن کي اهو چوڻ ته سندن سگريٽ ڇڪڻ اوهان کي بلڪل پسند ڪونهي،ان طريقي سان کين سگريٽ ڇڪڻ کان روڪي نٿو سگھجي.ٿي سگھي ٿو ته اهي اوهان جي سامهون سگريٽ نه ڇڪين پر اوهان جي غيرموجودگيء ۾ اهي اهو ڪم ضرور ڪندا.انهيء جي بدران انهن کي جيڪر سندن ڪنهن دلچسپيء مطابق ايئن ٻڌايو وڃي ته جيڪر اهي سگريٽ پيئندا ته راند روند جي ميدان ۾ جلد ٿڪي پوندا ۽ ٻين سان مقابلو ڪرڻ وقت پوئتي رهجي ويندا ۽ انهيء سان گڏ سندن صحت به جلد ئي خراب ٿي ويندي،ان ڪري کين جيڪر مقابلي ۾ هر حالت ۾ کٽڻو آهي ته پوء سگريٽ نه پيئڻ گھرجي.اسان مان ڪنهن کي اهو تجربو ته ضرور ٿيو هوندو ته ڳئون جي گابي کي جيڪر رسيء مان جھلي اڳتي ڇڪبو آهي ته اهو ردعمل جي طور تي پورو زور پنهنجو پاڻ کي پوئتي ڌڪڻ ۾ لڳائيندو آهي ۽ سخت مزاحمت جو مظاهرو ڪرڻ لڳندو آهي.انهيء جو سبب اهو جو اسان اهو نٿا سوچيون ته گابو ڇاٿو چاهي؟اهو پنهنجي مقرر جڳهه ڇڏڻ نٿو چاهي.هاڻي انهيء گابي کي آماده ڪرڻ لاء سندس پسند يا دلچسپيء جو ڪو بندوبست ڪرڻو پوندو.ڪو سياڻو ماڻهو گابي جي وات ۾ پنهنجي آڱر ڏئي ٿو جنهن کي ڌائيندي ساڳيو گابو سندس پٺيان بنان ڪنهن زور زبردستيء جي ڊوڙڻ لڳي ٿو.اسان جڏهن کان ڄاوا آهيون تنهن ڏينهن کان اڄ تائين اسان جو هر عمل رڳو ان خواهش جو تابع رهندو ٿو اچي ته اسان کي ڇا پسند آهي ۽ اسان ڇا ٿا چاهيون؟ “هيري” پنهنجي يادگار ڪتاب “ انساني ورتاء ۽ روين تي اثر انداز ٿيڻ” ۾ لکي ٿو ته “ اسان جو هر عمل اسان جي بنيادي خواهش مان ڦٽي ٿو ۽ ماڻهن جو تعلق ڀلي زندگيء جي ڪهڙي به شعبي سان ڇونه هجي انهن کي اها صلاح ڏيئي سگھجي ٿي ته ڪنهن ڪم جي لاء ٻئي شخص ۾ پهريائن سرگرم خواهش پيدا ڪجي.جيڪو ايئن ڪري سگھي ٿو سو سموري دنيا کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي سگھي ٿو ۽ اهو ڪڏهن به اڪيلو نٿو رهجي وڃي.” جيڪڏهن اسان ٻين تي اثرانداز ٿيڻ گھرون ٿا ته اسان کي اهو ڌيان ۾ رکڻو پوندو ته ٻيا ڇا ٿا چاهين؟اهو نه ته اسان ڇا ٿا چاهيون؟انساني لاڳاپن کي بهترين بنيادن تي استوار ڪرڻ جا ٻه بهترين طريقا هر وقت ذهن ۾ رکڻ جي ضرورت آهي.هنري فورڊ جي چوڻ مطابق؛ “ جيڪر ڪاميابيء جو صرف هڪڙو ئي راز آهي ته اهو راز هي آهي ته سدائين ٻئي شخص جي نڪته نظر سان سوچجي ۽ انهيء سان گڏ پنهنجو نڪته نظر به ذهن ۾ ضرور رکڻ گھرجي ۽ پوء ڏسجي ته انهن ٻنهي نڪته نظر ۾ ڪٿي ڪٿي سمجھوتو يا ٺاهه ٿي سگھي ٿو.” اها تمام سادي ڳالهه آهي ۽ انهيء تي هرڪو آسانيء سان عمل ڪري ڪاميابي حاصل ڪري سگھي ٿو پر اسان مان نوي سيڪڙو ماڻهو نوي سيڪڙو زندگيء جي روزمرهه معاملن ۾ ان بنيادي اصول کي نظر انداز ڪري ويهن ٿا.هن دور ۾ هزارين سيلز مين مختلف هنڌن تي پنهنجي قسمت آزمائي ڪندي پنهنجي ڪاميابين جو رستو تلاش ڪندي نظر اچن ٿا.پر انهن مان اڪثر ناڪامين ۽ نااميدين جو شڪار بڻجي همت هاري ويهن ٿا ۽ سندن سيل ۾ کين ڪا خاص ڪاميابي نصيب نٿي ٿئي.انهيء جو سبب ڪهڙو آهي؟ اهو ان ڪري جو اهي خريدارن جي دلچسپي ۽ فائدي بدران رڳو پنهنجي خواهش مطابق سوچين ٿا.اهي ان فن کان بلڪل اڻ واقف هوندا آهن ته خريدارن ۾ ڪنهن شيء جي خريد ڪرڻ جي خواهش ۽ آمادگي ڪهڙي طريقي سان پيدا ڪري سگھجي ٿي.توهان جي ڪمپني دنيا جي ڪا مشهور ترين ڪمپني ضرور هجي يا توهان جيڪو سامان کپائڻ گھرو ٿا اهو مارڪيٽ ۾ موجود هر سامان کان مٿانهون ڇو نه هجي پر خريدار جي توهان جي ڪمپني يا سامان سان ڪهڙي دلچسپي؟ هن کي ته سندس پنهنجي پسند ۽ چاهت سان دلچسپي آهي.جيڪر ڪو سيلز مين پنهنجي سامان جي فائدن بدران خريدار کي خريداري ء جي صورت ۾ حاصل ٿيندڙ سندس فائدن تي ڳالهه ڪري ته هن کي اهو سامان وڪڻڻ ۾ گھڻي آساني پيدا ٿي پوي ٿي. دنيا اهڙن ماڻهن سان ڀري پيئي آهي پر انهن ۾ رڳو چند ماڻهو ئي هوندا آهن جيڪي وڏي سڇائيء سان پنهنجي فائدي سان گڏوگڏ ٻين جو فائدو به سوچيندا آهن.آمريڪا جي هڪ نامور وڪيل ۽ ڪامياب بزنيس مين “اوون ڊي ينگ” جو چوڻ آهي ته “ اهڙن ماڻهن کي تمام گھٽ ڏکائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جيڪي هر معاملي ۾ پنهنجو پاڻ کي ٻين جي جڳهه تي رکي انهن جي نڪته نظر کان سوچيندا آهن ۽ جيڪي ماڻهن جي ذهنن کي سمجھي انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن.” ٻين جي نڪته نطر کي سمجھي انهن ۾ تجسس پيدا ڪرڻ جو هروڀرو اهو مقصد نه هئڻ گھرجي ته انهن مان ڪنهن به طرح رڳو پنهنجو فائدو ئي حاصل ڪيو وڃي پر پنهن جي فائدي سان گڏ ٻين جي فائدي کي به اوليت ڏني وڃي.“وليم ونٽر” هڪ دفعي چيو هو ته “پنهنجن احساسن جو اظهار ڪرڻ انساني فطرت جي نهايت ئي بنيادي ضرورت آهي.“ اسان انهيء نفسياتي اصول کي پنهنجي روزمرهه جي زندگيء ۾ استعمال ڇو نٿا ڪيون؟جڏهن اسان جي ذهن ۾ ڪو شاندار خيال هوندو آهي ته اسان اهو هروڀرو زبردستيء ٻين ٿي ٿاڦڻ بدران ٻين کي اهو سڏ ڇو نٿا ڏيون ته انهن جي ذهن ۾ جيڪي شاندار خيال آهن اهي کڻي اچن ته جيئن انهن تي به سوچ ويچار ڪري سگھجي.ان طرح سان انهن کي نه رڳو سندن اهميت جو احساس ٿيندو،سندن حوصلا افزائي ۽ عزت افزائي ٿيندي پر ان سان گڏوگڏ اسان کي به ڪجهه نوان قيمتي خيال مفت ۾ ملي ويندا.ان ڪري ياد رکڻ جي ڳالهه اها ته ٻين تي پنهنجا فيصلا ٿاڦڻ بدران پهريائين منجھن تجسس ۽ شوق پيدا ڪجي. جيڪو ايئن ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو اهو پوري دنيا کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي سگھي ٿو ۽ جنهن ۾ اها صلاحيت موجود ناهي اهو سدائين دنيا ۾ اڪيلو رهجي وڃي ٿو!