زمانو ٿو سمجهي مان جو آھيان سوئي آھيان پر مان ڄڻ پاڻ سان مليو ئي نہ آهيان زندگي اڪثر موڙن تي ڄڻ بيهي رهندي آھي لڳندو ائين آھي ته مان اهو نه بلڪہ سامهون نظر ايندڙ منظر وارو شخص يا شئي آھيان زندگي جي آھيان، هجي ها ته ڇا تہ رشڪ هجي ها زندگي ۾ هزارين کوٽيون ڪميون آھن ڪنهن پروڻ جئيان ڪا هڪ اڻپوارئي پوري نٿي ٿئي ته بکين شيهن جي ولر جيان ٻيون آڻ پورايون ڪر کنيون بيٺيون آھن…! مان پنهنجي وجود جي هر طلب هر حاصل ۾ وڃي وڏي باريڪي سان ڳوليو آھي پر ڄاڻا ڄميل برف جي گليشر جي هيٺيان ڪنهن ڪنول گل جيان اچي ويو آھي، هزارين ڳولائون به مونکي ان تائين پهچائي ناهن سگهيون ۽ انڌي ٻلهڻ جئيان هر شئي سان ٽڪر کائي من جو ماڻهپو بدنصيبي مان روئي پوندو آھي ته يار مان اتي به ناهيان مان ڀلا ايڏو پري ڪاٿي آھيان…! ڀلا رب ته ستار ۽ ڏاتار آھي پوء مونکي مونسان ڇو نٿو ملائي مان ڀلا پاڻ کان ايڏو پري ڇو آھيان اها ڀلا ڪهڙي تڙپ طلب ڪمي آھي جيڪا ملي ئي نٿي نه نه مان چريو آھيان ؟؟ دنيا جي هر شي ته سامهون آھي ڇا ڀلا ٻين سان به ائين ئي ٿيندو آھي ڇا ڀلا سڀ پاڻ سان ناهن ملي سگهندا ۽ ائين ئي تڙپندي گذاريندا آھن؟؟ نه نه ائين نه هوندو سڀ ته ڏاڍا خوش لڳندا آھن پوء ڀلا مان ائين ڇو آھيان پوء بس بي حوصلو ٿي من جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ لهي پوندو آھيان ۽ چرين وانگر ٿڦول شروع ڪندو آھيان هَت نه هُت هوندس هَت نه هُت هوندس گونا گون گهڻو اڳي لهي ويندو آھيان سڀ گس هر ڪنڊ ائين جو ائين بي خبر لڳندي آھي جئين ڪاري اونداهي ۾ خاموش سناٽي کان ڪوئي پڇندو هجي هٿ ۾ ڪائي چڻنگ به نه هجيس پوء ڀلا اهو انڌيرن کي ڪئين ٽوڙيندو مان به سمنڊ ۾ ٻڏندڙ ڪنهن جيوت جيان ڦتڪندو ۽ ڇڙهيون هڻندو آھيان…! جئين ڪنهن بيوس روح کي ان بوتي سان ڏاڍو پيار هجي جيڪو وچ سمنڊ جي تڪبر باز ڇولين ۾ غوطا کائيندو هجي ۽ هو جئيڻ چاهيندو هجي پر هن کي عرص سما تائين ڦهليل سمنڊ مان ڪٿان ڪو مسيحو ڪا زندگي جي لاٽ نظر نه ايندي هجي ۽ هو وري به پر اميد هجي پر يقين به ڪنهن ڪچي بند جيان ٽٽندو هجيس…! ۽ مان بل آخر پنهنجو زرو پرزو ٿڦولهي ڪنهن بلوش جيان ٿڪجي هارجي ڪرندو آھيان ۽ جهٽڪن ۾ ننڊ ڪري ياجوج ماجوجن جيان نئي صبح وري ساڳئي ڳولا ۾ اٿندو آھيان پر هي صدين جي ناڪام ڳولا به اڃان مونکي مون سان ناهي ملائي سگهي اڃان به پاڻ سان ملڻ جون اميدون روز ڪر مورڙي آرس ڀڃي اٿنديون آھن مون وٽ فرشتن جيان هڪ صدا ئي رٽيندو آھن نه صدا ائين ناهي هاربو…! اٿي اٿي اچ هي گس توکي سڌو وٺي ويندو پر ٿورئي پر ڀرو مس ٿيندو آھيان وري اهو رستو به ڌندلو ٿيڻ لڳندو آھي ۽ هميشه من جي ڪنارن کان ناڪامي جي ساگر جون ڇوليون ٻڙڪندڙ پاڻي جئيان هاربيون آھن اتي جهنگ جبل جيان کوڙا ٿيڻ لڳندي آھي ۽ ان جي تهن جي تھ سرا جي هيٺا ڪو روح پنهنجي جوڀن کي تحليل ٿيندي ڏسندو آھي پر ان جو انت ايڏن ڀيانڪ مرحلن کان پوء به ناهي ٿيندو ائين جئين طوفان نوح کان پوء وڏن وڻن جا سڪل ڀتا بنڊ ٻھاران مسخ ٿيل جسمن جي حالت مليا يا تيزاب هاريل ڇوڪري جي جسم وانگي موجود هوندو آھي جنهن جي اندر ۾ ساڳي تمنا، حسن ۽ زندگي جا رنگ موجود هوندا آھن پر ڏيک جي دنيا لاء ٻاهريان رنگ وڃائي ويهندو آھي…!
جنهن جي اندر ۾ ساڳي تمنا، حسن ۽ زندگي جا رنگ موجود هوندا آھن پر ڏيک جي دنيا لاء ٻاهريان رنگ وڃائي ويهندو آھي…! اوهان جي لکڻي وڻي