طالبان کي بچاءَ جي گهٽي ڏيڻ جون ڪوششون ڇو پيون ٿين؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    طالبان کي بچاءَ جي گهٽي ڏيڻ جون ڪوششون ڇو پيون ٿين؟​


    امر سنڌو

    خالصتن مذهبي پسمنظر رکندڙ مضافاتي بستيون رکندڙ پنجاب جو ڪيپٽل اڄ ٺيڪ نشاني تي آهي. پنجاب جي ڪيپٽل ”لاهو“ ۾ نشاني خطا ٿيڻ جا امڪان بنهه گهٽ ان ڪري به آهن ته ”رائيونڊ“ ۽ ”جاتي امراءُ“ يعني بادشاهانِ پنجاب جي محل ڏانهن ويندڙ رستو ئي نه، پر دڳ به ساڳيو ئي آهي ۽ رستي واري اها سياست شريف برادران جي لاهوري سياست کان گهڻو اڳ سندن ”ابا جي“ جي پوکيل آهي. ”ابا جي“ جا اهي فرمانبردار پٽ ساڳي ”راهه و رسم“ نڀائيندا پيا اچن ۽ اها به سندن نڀائڻ واري ڳالهه ئي آهي، جنهن ڪري داتا درٻار تان ميڙيل لاشن کان پوءِ به هو ”طالبان“ سان نبرڻ بجاءِ کين ”بچاءَ“ جي گهٽي ڏيڻ ٿا چاهين. ان بچاءَ جي گهٽي، ان مذهبي عسڪريت ۾ ئي هاڻ تنهن پنجاب جي ضمانت پوشيده آهي. اها ڳالهه هاڻ سياسي طور نابين شخص به آساني سان ڏسي سگهي ٿو. طالبان سان ڳالهيون فقط ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي خواهش پٽاندڙ آهن، جيڪڏهن واشنگٽن واقعي افغانستان مان فوجن جي اخراج جي باري ۾ سنجيده آهي ته کيس پاڪستان ۾ يقينن اهڙي سياسي قائد جي ضرورت رهندي، جيڪو ٽياڪڙي ۾ ”طالبان“ وٽ به قابل قبول هجي ۽ شريف برادران لاهور کي ڏنل تيلي تي سيڪ نه اچڻ ۽ وري به ”طالبان“ سان ڳالهين جي ڳنڍ ٻڌي بيهڻ کي جيڪڏهن ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته ڳالهه وڌيڪ سمجهه ۾ اچڻ جوڳي آهي. لاهور کي ڏنل تيلي تي سيڪ نه اچڻ کي اڃا به جيڪڏهن پسمنظر ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪبي ته ”ابا جي“ جي ان سڪيلڌي جي سياست جو سمورو سٽ سلجهي پوندو.

    ان ڏينهن جڏهن سترهين آگسٽ تي فضا ۾ ڦاٽل هيليڪاپٽر جي خاڪ بهاولپور جي سرزمين تان کڻي هڪ تابوت وسيلي فيصل آباد مسجد جي ڪنڊ ۾ فوجي ۽ سرڪاري اعزاز سان دفن ٿيڻ لاءِ آندي وئي. ان ڏينهن تابوت کي سليوٽ ڪندڙ دستن سان گڏ صفن ۾ اقتدار جي گهٽين جا سدا حيات مُهرا بشمول سياسي شڪلين جي بيٺل هئا ۽ ان ڏينهن ان خاڪ کي آخري سلام پيش ڪرڻ لاءِ ۽ نمازِ جنازه لاءِ صف در صف بيٺل فرزندانِ ضياءُ الحق کان وڌ ڏکارو چهرو ميان نواز شريف جو هو. لٿل منهن سان نمازِ جنازه جي قيام لاءِ بيٺل صف ۾ هو صفِ اول ۾ بيٺل جنرل فضل الحق، وزير اعليٰ سرحد جي ڪن ۾ سرٻاٽن ۾ ڳالهائي رهيو هو. جيتوڻيڪ ان وقت ٺيڪ سندس پويان سنڌڙي جو محمد خان جوڻيجو به ساڳي تابوت کي سلامي جو شريڪ هو، پر پنجاب مان ڦٽندڙ اقتداري سرچشمي جون اکيون ميان صاحب تي کتل هيون. ان وقت تائين هو اسٽيبلشمينٽ جي اکين جو تارو بڻجي چڪو هو. سنڌ مان کين سنڌڙي انب ته منظور هئا، پر سنڌڙي جو وزير اعظم جرنيل جي نڙي کان هيٺ نه لهي سگهيو. ان قطار ۾ ”جوڙ توڙ“ واري ڳٺ جوڙ جو پيادو الاهي بخش سومرو به جيتوڻيڪ ان غلام اسحاق خان جي پٺ سان لڳو لڳ بيٺل هو، جنهن ڀٽي جا تختا ڪڍڻ ۾ ضياءَ کي وارو وٺرائڻ واري ڪم جي وصولي جي اوسيئڙي ۾ ڄمار ڏيئي ڇڏي هئي. اتفاقيه صدر جي شيرواني سندس بت تي فٽ آئي هئي. پيادي سپاهي جي مستقبل ۾ ڪا وڏي آسامي ته نه هئي، پر سنڌ ۾ ساڻن سر ملائڻ واري هر سائين سڳوري جو ملهه ڪٿيو ويو هو.

    پاور گيم جي نئين سيٽ اپ جي تياري ان تابوت جي آمد کان اڳ پنڊي ۾ پوري ٿي چڪي هئي. تابوت ۾ پيل خاڪ هئي يا رڳي جبڙو هو، پر اها حقيقت آهي ته ان ڏينهن فيصل مسجد جي ڪنڊ ۾ رڳي ” ضياءَ جي خاڪ“ ئي دفن ٿي هئي، سندس روح نه رڳو ان اداري، جنهن کيس پنجين جولاءِ جو فاتح بڻايو هو ان اداري جي جوڙجڪ جي سر سر ۾، پر سندس روح، رياست جي سڀني پيل پاون ۾ بشمول پارليامينٽ ۽ عدليه جي پاڙن ۾ ائين تحليل ٿيو، جو اڄ به ان جي بنيادي نظرياتي ڍانچن سان ڪير ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهيو آهي.”اور پهر لائين کٽ گئي....جرنيلون کي رات کا آغاز هو چکا تها“ ٽرپل وَن برگيڊ جي ڪامياب آپريشن، آپريشن فيئر پلي جي پڄاڻي تي مولانا ڪوثر نيازي لکيو هو...۽ اهو پهريون ئي مولانا صاحب هو، جيڪو هڪ ئي وقت ڀٽي جي ڪابينا ۽ ضياءَ جي سالاري ۾ هلندڙ اداري جو مخبر هو. پوءِ ته اقتدار سان ڳنڍيل عوام جي لائين ڪٽجي چڪي هئي، هاڻ اقتدار جي نئين ڪهاڻي ”ان رات“ مان جنم وٺڻي هئي.

    جنرل غلام جيلاني معرفت ”ابا جي“ پنهنجي خدمت جي وصولي عيوض ميان نواز شريف جي سياست ۾ نه، پر ”اقتدار“ ۾ ڀرتي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. پي اين جي سورش مچائڻ وقت آمريڪا جو ڊارلنگ ۽ مستقبل ۾ وزير اعظم جي منصب جا خواب ڏسندڙ اصغر خان جڏهن ضياءَ پاران اقتدار جي مڪمل قبضا گيري کانپوءِ ”اوور سمارٽ“ چئي ٻاهر اڇلايو ويو، تنهن وقت پنڊي کان چڪوال تائين جي گريزن بيلٽ کي پنهنجو من پسند سياستدان ان سڄي هڙ ۾ ڪٿي به نظر نه آيو، جيڪا ڀٽي ۽ جمهوريت خلاف ڀنڊي ٻارڻ لاءِ هتان هتان ڪٺي ڪري هڪ ڳنڍ ۾ ٻڌي ويئي هئي. اقتدار تي قبضا گيري وقت وردي واري ان جرنيل کي ڪٿان به اخلاقي ۽ معاشي تعاون جي اميد نه هئي، ان وقت سندس نگاهون واليانِ حرمين شريف ڏانهن اٿيون هيون. ايراني بنياد پرست اسلامي انقلاب پنهنجا جهنڊا کوڙي رهيو هو... ۽ ان مذهبي رياست جي تڪميليت ۽ ان جي اڳتي جي راهه کوٽي ڪرڻ لاءِ اهو انتهائي ضروري سمجهيو ويو ته پاڪستان کي ان سموري فرقي واريت واري جنگ جو ميدان ٺاهجي، جيڪا ان شيعه رياست کي منهن ڏيئي سگهي ۽ ان لاءِ فنڊنگ ۽ امداد عرب ملڪ سميت انهن سڀني مذهبي رياستن ٿي ڪئي، جن لاءِ شيعه رياست هڪ مذهبي ٿريٽ جي صورت ۾ اڀرڻ جا امڪان هئا. اهو چوڻ غلط هوندو ته ضياءَ جي حڪومت رڳو آمريڪا جي Proxy war افغانستان ۾ وڙهي، پر هن جي حڪومت مڊل ايسٽ ۽ سعودي عرب سميت انهن سڀني رياست جي جنگ لاءِ پنهنجي سرزمين آفر ڪئي، جن لاءِ ايراني سخت گير رياست هڪ چيلينج بنجي اڀري هئي. ان وقت ”جهاد“ پاڪستان لاءِ Political economy جو ذريعو بڻيو، نه رڳو مدرسا اها نظرياتي نرسري بڻيا، جن افغانستان جي جنگ لاءِ سپاهي پيدا ڪيا، پر هي Proxy war جي مليشيا تيار ڪندڙ تنظيمون عين ضياءَ جي اقتدار کي طول بخشڻ لاءِ پڻ وجود ۾ آيون. بيشڪ هڪڙي سرد جنگ، جيڪا آمريڪا ۽ سوويت يونين جي درميان هئي، تنهن پنهنجي سالاري قافلي کي استعمال ڪيو، پر ٻي سرد جنگ پڻ هن خطي ۾ پنهنجو آغاز ڪري چڪي هئي، جيڪا ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ هئي. ان سرد جنگ لاءِ پڻ سالاري قافلي ڌر ٿي پنهنجون خدمتون آڇيون. مدرسن جي ڄار وڇائڻ کان وٺي فرقيوارانه تنظيمن جي ترويج به ان دور ۾ شروع ٿي ۽ اڄ ڪالعدم تنظيمن جا پيدائشي سال جاچيا وڃن ته اهي لڳ ڀڳ ان ضياءَ جي اقتداري سياست جي اردگرد ئي هوندا. غير ملڪي قوتن لاءِ باقائده سپاهه گيري جي ابتدا به لڳ ڀڳ ان ئي عرصي ۾ شروع ٿي. Proxy war واري سپاهگيري لاءِ بيشڪ ته ٻروچ ۽ سنڌي انتهائي ناقابل اعتماد هئا، پر هن مذهبي فرقيواريت واري جهاد ۾ ته بريلوي ۽ شيعو به ناقابل قبول لکيا ويا. جهاد اڪانامي ۾ فقط سعودي جي تقليد ڪندڙ فرقا ئي اڳتي هلي سگهيا پئي، ان نظرياتي دائره ڪار ۾ ايندڙ مذهبي مرڪز آهن، جيڪي ضيا ۽ ضيائي سياست جي وارثن جي ذاتي دلچسپي سان وڌيا ۽ ويجهيا. اهو ضياءَ جو دور هو، جڏهن سالياني اجتماعي مان فيض وٺڻ لاءِ صدر ۽ وزيرن سميت فورسز جا ڪيئي عهديدار پڻ شريڪ ٿيندا رهيا آهن. رڳو ايترو ئي نه، پر افغانستان جي طالبان جو امير ملا عمر پڻ لاهور ۾ ٿيندڙ سالياني اجتماعن مان فيض وٺي چڪو آهي. جڏهن ته اسامه بن لادن لاءِ مشهور آهي ته اهو به ڪي ٻه ڀيرا مهمان ٿي چڪو آهي. ڪالعدم تنظيمن مان لشڪر طيبه جو اڄ به لاهور جي سياسي منظرنامي مڪمل ڪنٽرول آهي.

    نواز شريف جي سياست جي پاڙ جيڪڏهن اڄ به ضياءَ جي مارشل لا ۾ پيوست آهي ته سندس ترويج جا سلسلا ان ملڪ جي سياست سان ڳنڍيل آهن، جيڪو پڻ آمريڪا جيان هن خطي ۾ پنهنجي پاور جي سلامتي چاهي ٿي ۽ جيڪڏهن ڏسجي ته غلام جيلاني جي ڪرم سان سياست ۾ داخل ٿيندڙ نواز شريف جي سياست اڄ به انهن ئي پراڻن فڪري مرڪزن تي آڌاريل آهي، جيڪي سپاهه گيري جي فن سان سياست جا رشتا تلاشين ٿا. اهو ئي سبب آهي ته پنجاب جي دل لاهور سڙڻ تي به سندس دل کي سيڪ نٿو اچي. 2010ع تائين ميان صاحب جا مشرف معاهدي ڪري ڏهه سال سياست نه ڪرڻ تي هٿ ٻڌل هئا. هو سعودي سان ڪيل معاهدي جو پابند هو. 2010ع کانپوءِ جڏهن عملي سياست ۾ حصو نه وٺڻ واري شرط جو مدو ختم ٿيندو، تڏهن يقينن هيستائين چڪوال کان پنڊي تائين ۽ جي ٽي روڊ جو دادلو رهندڙ ”ميان صاحب“ هڪ نئين عوامي روپ ۾ اچڻ لاءِ تياري ۾ هوندو. جيتوڻيڪ ڪرڪيٽ جي ان پراڻي کلاڙي هينئر کان ئي رن اپ وٺڻ شروع ڪيو آهي، پر کيس سندس گهڻو ڳالهائڻ جو وڌيڪ موقعو ان ڪري به نه ملي سگهيو، جو اسلام آباد جي صدارتي هائوس تي پهچڻ کان اڳ ئي باهه سندس ئي گهر جي ڪنڊ وڪوڙي چڪي هئي.

    تبديلي جي امڪانن کي تيز ڪرڻ لاءِ عدليه ۽ اپوزيشن جو محاذ يقينن پراڻي I.J.I واري تجربي کان ڪو گهڻو مختلف نٿو لڳي، پر حالتون سندن لاءِ ائين سازگار بڻجي پون، اهو ضروري ناهي، پر هنن پنهنجي ليکي ۾ تياري ضرور وٺي ڇڏي آهي. اين آر او جي مئل گهوڙي ۾ رکي رکي ساهه وڌو پيو وڃي ۽ هاڻ ڪوڙين ڊگرين واري اشو کي هوا ڏيئي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي...هوڏانهن ”اصلي تي وڏي مالڪان“ سان تاڙا ملائي نواز شريف به ميدان ۾ لهڻ جي تياري وٺي چڪو آهي. پنهنجي قومپرستن جو اتحاد به خير سان دونهين دکائڻ ۾ مصروف آهي. جيتوڻيڪ سڀ ڄاڻن ٿا ته سنڌ قومي اتحاد واري پليٽ فارم تان اهي ڌريون هڪٻئي سان ڇڪتاڻ ۾ اچي عوام کي مايوس ڪري چڪيون آهن...نواز شريف حادثاتي ليڊر ناهي، هو ڪيترن ئي هٿن، ڪيترين ئي قوتن پاران بار بار گهڙي تيار ڪيل اهڙو اڳواڻ آهي، جيڪو وقت تي پنهنجي محسن جو احسانمند ٿيڻ جو موقعو نه وڃائيندو. نه رڳو ايترو، پر جيئن سندس محسنن کيس ڏکين ۽ گرم پاڻين مان پي پار پجايو آهي، تيئن هن جي سموري سياست جو محور ۽ مرڪز به سندن ڪرم نوازي سان آڌاريل آهي ۽ جيڪڏهن ڪوڙين ڊگرين جي معاملي کي ڏسجي ۽ گڊ گورننس جي سوال تي نواز شريف جي مڇرجڻ جو اندازِ بيان ڏسجي ته نتيجا ڪڍڻ گهڻو مشڪل نه هوندو ته اها ڪهڙي نئين ٻارڻ جي تياري آهي. مولانا فضل الرحمان پاران به عليحدگي جي راڳ کي ان معنيٰ ۾ رکي ڏسجي ته ڳالهه واضح ٿي پوندي.

    ممڪن آهي ته داتا جي درٻار کي نشانو بنائيندڙن سان ”ڳالهيون“ ڪرڻ وارو بيان واشنگٽن سرڪار لاءِ مستقبل جي طالبان سان مذاڪرات واري سيٽ اپ ٺاهڻ لاءِ پنهنجي پاڻ کي ٻنهي ڌرين يعني طالبان ۽ واشنگٽن لاءِ ڀروسي جوڳو ساٿي ثابت ڪرڻ جو پيغام هجي پر ملڪي سياست جا رستا جرنيلي سڙڪ کان به ٻاهر وڃن ٿا، اها ڳالهه پنجاب جي ڊارلنگ کي سمجهڻ ئي کپي
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: طالبان کي بچاءَ جي گهٽي ڏيڻ جون ڪوششون ڇو پيون ٿين؟

    اوهان جڏهن لفظ (طالبان) استعمال ڪيو ٿا ته ان مان اوهان جو ڪير مراد آ؟
    ڇا اهي تنظيمون جيڪي اڄ ڪلهه جڳه جڳه ڌماڪا ڪن ٿيون، اسان جي فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز تي اٽيڪ ڪن ٿيون اهي ايجنسيون ڇا توهان انهن کي طالبان چئو ٿا؟
    اهي تنظيمون ۽ ايجنسيون جيڪي هنن جون تيار ڪيل آهن، ۽ آمريڪا جي اشارن تي استعمال ٿين ٿيون، ۽ اسان جا حڪمران انهن سان برابر جا شريڪ آهن پنهنجو عوام ۽ پنهنجي فورسز تي هي خود پاڻ ٿا اٽيڪ ڪرائين ۽ پوءِ نالو طالبان جو
    طالبان اهڙيون ڪريل حرڪتون نه ٿي ڪري سگهي
    ڪم از ڪم آءُ ڪونه مڃيندس
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: طالبان کي بچاءَ جي گهٽي ڏيڻ جون ڪوششون ڇو پيون ٿين؟

    آمريڪا عراق مان نڪري پنهنجي جان ڇڏائي چڪو آهي ۽ هاڻي افغانين به هن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي ۽ هو خير سان هاڻي پاڻ وٽ جيڪب آباد ۾ پهچي چڪو آهي ۽ وڃي ٿو پنهنجو ڄار وڇائيندو
    برابر جون جايون انهن آمريڪن زبردستي مالڪن کان خالي ڪرائي انهن کي اڌ رقم ڌئي لڏايو پيو وڃي
    برابر جي مسجدن ۽ مدرسن کي بند ڪرائي لڏايو ويو آهي
    ڏسون ته هاڻي ڪهڙا طالبان انهن سان ويڙه ڪن ٿا
    هو هاڻي افغانستام مان جنگ اسان جي سنڌ ۾ کڻي اچڻ ۾ ڪامياب ويا آهن دوستو
    هاڻي هو ڏسڻ چاهين ٿا ته ڇا سنڏي هنن سان وڙهي سگهندا يا نه
    ٿي سگهي ٿو ڪو جزباتي دوست تڪڙ ۾ اچي منهنجي ڳالهه تي في الحال يقين نه ڪري پر وقت ٻڌائيندو
    پوءِ ڏسجي ته ڪهڙا سنڌي هنن سان جنگ ٿا ڪن
     
  4. Mr.100

    Mr.100
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 جولائي 2010
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    جيڪب آباد
    جواب: طالبان کي بچاءَ جي گهٽي ڏيڻ جون ڪوششون ڇو پيون ٿين؟

    تاريخ گواه آهي ته انگريزن سان وڙهندڙن ۾ سنڌي پوئتي ڪونه هئا جن ۾ حر مجاهدن جو نالو سر فهرست آهي، ۽ اگر خدا نه خواسته طالبان هت ڪاروايون ڪن به ته سنڌي پنهجي زمين کي انهن نالائق ۽ ناپاڪ جمائت کي پنهجي صفن مان ڌڪي ٻاهر ڪڊندا انشاء الله ، هي ڌرتي ولين ۽ درويشن جي آهي
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: طالبان کي بچاءَ جي گهٽي ڏيڻ جون ڪوششون ڇو پيون ٿين؟

    ادا اوهان طالبان کان نه ڊڄو اهي توهان جي زمين کي ناپاڪ نه بلڪه بچائيندا ان شاءَ الله
    اوهان کي آمريڪي ڪافرن کان ڊڄڻ گهرجي جيڪي اوهان جي گهر جيڪب آباد ۾ پهچي چڪا آهن هڪ خوفناڪ سازش ۽ جنگ لاءِ آهن
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: طالبان کي بچاءَ جي گهٽي ڏيڻ جون ڪوششون ڇو پيون ٿين؟

    طاهر سنڌي صاحب ۽ ياصر صاحب بس سائين دعا ڪريو ته رب پاڪ هر مصيبت ۽ عذاب کان پناه ۾ رکي، چاهي ڪهڙي به صورت ۾ هجي۔ سنڌ امن جي ڌرتي آهي، ۽ هت سدائين الله ۽ ان جي رسول جي تعليم ڏني وئي آهي، ۽ سنڌ وڏا وڏا عالم ۽ اڪابر پيدا ڪيا آهن، مثلن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح ، شاه عبداللطيف ڀٽائي رح، مولانه عبيدالله سنڌي رح ، مولانه تاج محمد امروٽي، مولانه عبدالڪريم ٻيروارا بزرگ۔
    اسان کي اهڙن بزرگن جي تعليم تي عمل ڪرڻ گهرجي، ۽ اسان جڏهن انهن جي تعليم تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو ته انشاءالله ٻيڙا پار ٿئي ويندا۔
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: طالبان کي بچاءَ جي گهٽي ڏيڻ جون ڪوششون ڇو پيون ٿين؟

    بلڪل ادا ممتاز اوهان صحيح پيا چئو
     
  8. Mr.100

    Mr.100
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 جولائي 2010
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    جيڪب آباد
    جواب: طالبان کي بچاءَ جي گهٽي ڏيڻ جون ڪوششون ڇو پيون ٿين؟

    سائين اسان کي خوف انهن بگهڙن جو نه آهي خوف فقط الله پاڪ جو هجڻ گهرجي. پاڪستان لاء طالبان ۽ امريڪا ٻئي خطرو آهن.
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: طالبان کي بچاءَ جي گهٽي ڏيڻ جون ڪوششون ڇو پيون ٿين؟

    ادا طالبان ته فقط نالو آهي۔۔۔ انهيءَ‌ نالي پٺيان آمريڪا پنهنجا ماڻهو ڦهيلائي معصوم مسلمانن کي موت جي منهن ۾ اڇلائي رهي آهي۔۔۔ طالبان وغيره سڀ آمريڪا جي پنهنجي پيداوار آهن۔۔ پهرين روس تي طالبان جي وبا کي استعمال ڪيو ويو پوءِ افغانستان ۽ هاڻي پاڪستان ۾‌طالبان جي نالي تي خونريزي ٿيندي۔۔۔
     
  10. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: طالبان کي بچاءَ جي گهٽي ڏيڻ جون ڪوششون ڇو پيون ٿين؟

    ذيعا جي دور ۾ طالبان جي شرعات ٿي هوئي طالبان کي رستا پاڪستان پاڻ ڏنا هئا 1996 ۾ طالبان پاڪستان ۾ ديشت فهلائي هوئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو