واين جي روپ ۾ احساسن جو عڪس تبصرو : محمد سليمان وساڻ نوجوان شاعر مخمور رضا جي شاعري ڊگهي عرصي کان پيا پڙهون. سانوري رنگت پر اُجري دل رکندڙ هن شاعر جي پختي شاعري سندس ٽين مجموعي جي صورت ۾ ظاهر ٿي آهي. ان کان اڳ سندس غزلن جا ٻه مجموعا ”هينئڙي منجھ هڳاءُ“ ۽ ”درد جو آڪاس“ ڇپجي چڪا آهن. سندس هن نئين مجموعي ۾ وايون ڏنل آهن. ڪانئر بزدل جي هٿان ٽڪرا ٿي مرنديون ڪيسين ٻاگهيون ديس جون ! هيسيل هيسيل هر گهڙي ساهه پيون کڻنديون ڪيسين ٻاگهيون ديس جون ! مخمور رضا جي شاعري سندس اند جو آواز آهي. هن زماني ۽ دوستن جي جفائن ۽ عشق جي سزائن کان ڏور ڀڄندي اچي شاعريءَ جي جهان ۾ پناه ورتي آهي. جتي لفظ ۽ احساس سندس محبوبائون آهن. هن لاءِ شاعري ئي پناه ۽ سڪون گاه آهي. هن وٽ شاعريءَ جي ڪينواس تي چِٽڻ لاءِ اڻ ڳڻيا رنگ موجود آهن، جن سان هو درد جا احساس چٽي ”صحرا جهڙن خوابن“ کي اسان تائين پهچائي ٿو. خبر ناهي ڇو لڳندو آهي ته مخمور وٽ دردن جو خزانو آهي جيڪو لفظن جو خزانو بڻجي شاعريءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. اسان وٽ وائيءَ جي صنف ڪافي پراڻي آهي. شاه لطيف، سچل سر مست، روحل فقير، بيدل ۽ بيڪس، مصري شاه ۽ حمل فقير کان وٺي جديد دور جي ڪافي شاعرن بهترين وايون لکيون آهن. جن مان مخمور رضا به هڪ آهي، جنهن پنهنجي واين ۾ سنڌ، دردن، عشق، قدرت، فطرت، دنيا جي رنگينين، معاشري جي نا انصافين، سونهن ۽ سوڀيا کي بيان ڪيو آهي. سندس وايون معاشري جو چِٽو عڪس ۽ موجوده دور جو آئينو آهن، جيڪي فني طور به پختيون آهن. منهنجي مُرڪن کي سدا دُکيءَ دلڙيءَ جون روئارن ٿيون ڳالهڙيون. رندن سان گڏ جام کي وڇڙيل ساقيءَ جون روئارن ٿيون ڳالهريون. 144 صفحن وارو هيءُ مجموعو سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد طرفان ڇپايو ويو آهي، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي. ڪاوش سنڊي ميگزين 9 سيپٽمبر 2018ع.