آّّّّخر اسان سان ڇو؟

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ جاويد احمد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2018۔

  1. جاويد احمد سومرو

    جاويد احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2010
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    ادب ، سوشل ورڪر
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    روز بروز سنڌ جو عوام کنڀي گم ڪيو پيو وڃي ۽ ڪڏهن ته لاشن جي صورت ۾ وري اڇلائي به موٽائي ڏنا پيا وڃن ۽ ڪنهن کي پتو ئي نه
    ٿو پوي ته گم ڪيل ماڻھن کي ڪير ۽ ڪٿان جو برموده ٽرائنگل ڳڙڪائي پيو وڃي؟
    يا اها ڪا فليش ڏائڻ آھي جيڪا مائرن جا جگر گوشا ۽ نورچشم الڳ ڪري کائي پئي وڃي! جيڪا هر آئي ڏينهن ڀينرن جا ڀائر، زالن جا وَرَ ابي امان جي پوڙھپ جا سهارا ۽ سرمايا کسي انهن کي زنده لاش بڻائي، زندان ۾ تڙپائين پئي۔
    سنڌ اندر اها ڪهڙي وڏي قوت آھي! جيڪا ليڪا لنگهي ۽ ٽوڙي اسان جا بي ڏوھ ماڻھو کنڀي پئي وڃي۔ هر ادارو ان اڳيان بيوس ۽ مجبور بڻيل نظر اچي پيو آخر پاڪستان جي زرخيز سنڌ ۾ اهڙا حالات ڇو پيدا ڪيا پيا وڃن؟ سنڌي ماڻهو ڪنهن کي دانهن ڏين؟ ۽ ڪنهن تي ڪهڙي هنڌ اهڙي فرياد ڪن۔
    تاريخ گواھ آھي ته سنڌ جي هر هڪ ارڏي بهادر نوجوان، بزرگن بلڪه هر هڪ ٻچي ، ٻالڪ پنهنجين جانين جا نذرانه ۽ رت ست ڏئي پاڪستان کي آزاد ڪرايو۔
    ۽ اڄ تائين سنڌي ماڻھو محب وطن پاڪستاني سڏجن ٿا۔
    آئون نه ٿو سمجهان ته سنڌي عوام کان وڌيڪ پاڪستان سان ايتري محبت شايد ٻيو ڪو صوبو ڪندو هجي!
    اسين پاڪستان جي تمام اعلى فيڊرل ڪيبينيٽ، قيادت کي اپيل ٿا ڪريون ته اسانجي بي سهارا مظلوم سنڌ جي واهر ڪئي وڃي نه ته سنڌ ظلمن جي ڪري وري هڪ نئون باب جوڙيندي۔ اسان سان سازش تحت ظلم ٿي رهيو آهي اسان ماڻھن جي رڳو سٻاجهڙائپ ۽ سادائپ جي ڪري ايترو اسان سان ظلم ٿي رهيو آھي۔ سازشي عناصر اسانجي سادگي جو غلط فائدو وٺندي اسان جي معيشيت ۽ جانين کي نقصان رسائڻ جي لڳاتار ڪوشش ڪري رهيا آھن جنهن ۾ اهي ڪامياب به ٿي رهيا آھن۔ اهڙن عناصر کي روڪي سنڌ سان مسلسل زيادتن جو حساب ورتو وڃي ۽ انصاف ڏياريو وڃي۔
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    صرف اپيل ڪرڻ سان ڪجهه به نٿيندو ٻاهر نڪر آواز اٿارڻو پوندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو