تڪراري منصوبا ۽ آئين جي ڀڃڪڙي جو سوال؟

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    تڪراري منصوبا ۽ آئين جي ڀڃڪڙي جو سوال؟
    ڪامريڊ منان چانڊيو
    هوئن ته ٽن قومن، ٽن صوبن ۽ ٽن اسيمبلين پاران رد ڪيل ڪالاباغ ڊئم رٿا جورينگٽ ورهين کان وٺي ورجائجي رهيو آھي پر هن ڀيري خيرن سان ملڪ جي سڀ کانوڏي عدالت جي چيف جسٽس صاحب پاران سنڌ، بلوچستان، کي سڪائڻ ۽ خيبر پختونخواه جي ڪيترين ئي علائقن کي ٻوڙائڻ واري ملڪ دشمن منصوبي کي اڻٽر قرارڏيڻ ۽ وڏن ڊئمن خلاف آواز اٿارڻ وارن تي آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪيس داخلڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي. صاحب موصوف جيڪا نئين ڳالھ ڪئي آھي ان جو کيساختيار آھي يا نه!؟ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب ميان ثاقب نثار کيتڪراري منصوبن کي ڪنهن به ريت ۽ قيمت تي پايئه تڪميل تي پهچائڻ جو فرمانجاري ڪرڻ سو نهين ٿو يا نه!؟ ان تي هن وقت وڏو بحث ڇڙي پيو آھي. جتي ڊئمجي امڪاني متاثر سنڌين، بلوچن، ۽ پختونن پاران پرامن احتجاجي تحريڪ هلائڻجون سرگرميون شروع ٿي ويون آھن، اتي وري آئيني ۽ قانوني ماهرن جو به سخت۽ پراثر دليلن تي مشتمل موقف سامهون اچڻ شروع ٿي ويو آھي.اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کان پوءِ يقينن ڌريون ئي پنهنجي پنهنجي موقف تيقائم رهندي جيڪي به فيصلا ڪنديون يا وري عملي قدم کڻنديون اهي هڪٻئي بيابتڙ ۽ ضد ۾ هوندا. انڪري ملڪي ماڻهن جي ذھنن ۾ ڪيترائي مونجهارا ۽ شڪشھبا پيدا ٿيڻ فطري اڻٽر هوندا. هتي اهم ڳالھ اها به آھي ته هڪ طرف ملڪجي اعليٰ عدالت جو منصف صاحب، پنجاب جي اشرافيا قوت اسٽيبليشمنٽ ۽ عسڪريطاقتون هونديون. ٻئي پاسي پياري پاڪستان جي باني صوبي سنڌ جا رهواسيبلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جا اصلوڪا ماڻھو هوندا.اسان جي چوڻ جو اهو مطلب ڪونهي ته طاقتور ڌريون ڊئم جون حامي ۽ ڪمزورڌريون مخالف آھن. نه وري اهو ٿا چاهيون ته ڌريون ميدان تي اچي پنهنجيطاقت جو مظاهرو ڪن، پر اصل حقيقت معلوم ڪرڻ يا ڏسڻ چاهيون ٿا ته ڪهڙي ڌرجو موقف درست آھي. وڏن ڊئمن ٺھڻ جي گنجائش آھي به يا نه؟ جيڪڏھن مجوزهڊئم ٺھيا ته اهي ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ هوندا يا صرف ڪن مخصوص ڌرين جيذاتي فائدي ۾ هوندا؟ سڀ کان پهريون تعجب خيز قصو اهو آھي ته وڏن ڊئمن جياڏاوت جي ڳالھ ڪندڙ ۽ ان لاءِ چندا مهم هلائيندڙ ڪورٽ سڳوري جي چيف جسٽسصاحب ذاتي طور تي ان وقت سرگرم ٿي ويو، جنهن وقت ملڪ ۾ نگران سرڪار جڙياڃان راس ئي مس ٿي هئي. جيئن ته نگران حڪومت جو ڪم صرف مقرر وقت اندرآزادانا چونڊون ڪرائي اقتدار ڪامياب ٿيل ڌر جي حوالي ڪرڻ هيو. اليڪشنڪيتري شفاف ٿي اها سڀ ڪنهن کي خبر آھي پر ان بي اختيار سرڪار جي ڪمزوريمان فائدو وٺي سپريم ڪورٽ جي جسٽس ڊئمن جي اڏاوت لاءِ راھ هموار ڪرڻ لاءِڀرپور هوم ورڪ شروع ڪيو. هن صاحب پاڪستاني عوام کي اپيل ڪئي ته دل کوليچندو ڏين، ته جيئن ڊئم ٺاهڻ لاءِ رقم گڏ ٿي سگهي.حقيقت ۾ چندو يا فنڊ ڪنهن ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيو ويندوآھي ۽ اهو رضاڪارانه نموني ڏنو ويندو آھي.پهرين ڳالھ ته ڊئمن جي اڏاوت واري منصوبي پويان ڪا به ايمرجنسي واريصورتحال ڪونه آھي. ٻئي ڳالھ ته چندو تڪراري رٿا لاءِ ڪيو پيو وڃي. ٽئينڳالھ ته چندي جي نالي ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن مان هڪ، ٻن يا ٽن ڏينهنجي پگهار ذبردستي ڪٽي پئي وڃي. چوٿين کل جهڙي ڳالھ اها به ته مختلف قسمجي ڏوهارين تي وڌل ڏنڊ واري رقم به ڊئمن لاءِ مختص ڪيل فنڊ ۾ جمع ڪئي پئيوڃي. مزي جي ڪهاڻي اها به آھي ته مختلف منافعي خور ڪمپنين کي بليڪ ميلڪري انهن کان به ڳري رقم ورتي پئي وڃي. حيرت انگيز قصو اهو به آھي تهڊئمن لاءِ فنڊ اهو شخص ڪري رهيو آھي جنهن جو اهڙين مامرن سان ملڪ جي آئين۽ قانون موجب ڪوبه تعلق ڪونهي. هتي دلچسپ ڳالهه آھا به آھي ته معزز همراھڊئمن جي مخالفت ڪندڙن تي آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪيس داخل ڪرڻ جي ڌمڪي پڻڏني آھي.اسان کي حيرت ٿئي ٿي ته چيف جسٽس جهڙي اهم عهدي تي فائذ شخصيت کي پهريوناهو ڏسڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ته مٺڙي ملڪ جي آئين ۾ ملڪي ماڻھن کي اهو مڪملاختيار ۽ آزادي مليل آھي ته اهي پنهنجي سياسي، معاشي، ثقافتي، مذھبي توڙيانساني حقن جي تحفظ لاءِ آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي تقرير، تحرير ذريعيپرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهن ٿا. اهڙي اظھار جي آزادي يا پنهنجي بنياديحقن جي حاصلات لاءِ ٿيندڙ جدوجهد کان کين ڪير به روڪي نٿو سگهي، نه صرفاهو پر آرٽيڪل 6 انهن ڌرين يا فردن تي لاڳو ٿي سگهي ٿو جيڪي آئين سانغداري يا ان جي انحرافي ڪن، اڃان اهم نقطو اهو به آھي ته اهڙي آرٽيڪل جيڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪيس صرف ۽ صرف وفاقي سرڪار داخل ڪرائي سگهي ٿي، نه وريجج صاحبان. هاڻي ڪير چوي محترم ثاقب نثار صاحب کي ته آرٽيڪل 6 جو ڊئممخالف ڌرين سان ڪهڙو واسطو؟ ڇا آئين جي ڪنهن به شيڊيول، آرٽيڪل يا شق ۾ڪنهن به وڏي يا ننڍي ڊئم جي اڏاوت سابه زبردستي ۽ چندي جي ڏوڪڙن سان ذڪرٿيل آھي؟ ڇا چيف جسٽس صاحب کي اهو آئيني، قانوني ۽ اخلاقي حساب ساناختيار مليل آھي ته هو ڪن مخصوص ڌرين جي ذاتي ۽ مالي مفادن جي حاصلاتلاءِ پنهنجي صوابديدي اختيارن جي آڌار تي تڪراري فيصلا ڪري پاڻ کي تڪراري۽ ڌر بنائي؟ ڇا ملڪ جي ستن ڏھاڪن واري ڄمار ۾ اڳ ڪڏھن ۽ ڪنهن به ججزصاحبان ان قسم جا فيصلا ڪيا آھن؟ جنهن جو جواب يقينن نه ۾ آھي. ته پوءِهرو ڀرو هاڻي اهڙا هڪ طرفا ۽ اٻهرائپ وارا قدم ڇو پيا کنيان وڃن؟ جيڪڏھنآرٽيڪل 6 جو استعمال ڪرڻو ضروري آھي ته پوءِ ان جي بسم الله مرحوم جنرلضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف کان ڪرڻ گهرجي جن آئين ۽ قانون جا بکيا اڊيڙيندييا تختا ڪڍندي وقت جي چونڊيل حڪومتن کي لانگ بوٽن ۽ خاڪي وردي جي ڏڍ تيبرطرف ڪري سالن جا سال ملڪ جا خود ساختا والي وارث رهيا. جيڪڏھن موجودهچيف جسٽس صاحب کي پاڪستان جي آئين ۽ قانون جي مڪمل رٽ قائم ڪري ان تي عملڪرائڻو آھي ته پوءِ انهن ازغئبي ڌرين ۽ قوتن خلاف قدم کڻڻ کپي جيڪيپنهنجي ئي رياست جي ماڻهن کي سياسي ۽ نظرياتي اختلافن جي بنيادن تي زوريکنڀي کڻي گم ڪرڻ، ٽارچر سيلن ۾ ازيتون ڏئي کين ماري لاشن کي ساڙي ۽بربيگانن ۾ اڇلائي جهنگلي جانورن جو کاڄ بنائي، انساني قدرن جي تذليل ڪريرهيا آھن. جناب چيف جسٽس صاحب کي پنهنجا عدالتي پاور استعمال ڪندي سنڌ جيانهن هزارين ليڊيز هيلٿ ورڪرز جا جائز مسئلا حل ڪرائي جيڪي سنڌ سرڪار جيبي حسي ۽ نا اهلي خلاف گذريل سوين ڏينهن کان سراپا احتجاج آھن. ٻئي ڳالھته هن وقت جن تڪراري ۽ ناقابل عمل وڏن ڊئمن خاص ڪري ڪالاباغ ڊئم جي چيفجسٽس وڪالت ڪري رهيو آھي اها سازش گذريل ڏيڍ صدي کان وٺي پنجاب سنڌودرياھ ۽ سنڌي قوم خلاف ڪندو پيو اچي. اهڙي سازش جي آڏو تنهن وقت جيانگريز سرڪار بند ٻڌي ڇڏيا هئا. مثال طورتي پنجاب پاران سنڌ جو پاڻي زوريکڻڻ واري سنڌ جي دانهن تي 1919ع ۾ ڪاٽن ڪميٽي، 1935ع ۾ اينڊسرن ڪميٽي ۽
    1941ع ۾ رائو ڪميشن ٺاهي وئي. 1945ع ڌاري وري هڪ ڀيرو ٻيهر رائو ڪميشنٻنهين ڌرين لاءِ قابل قبول فيصلو ڪيو پر ان تان پنجاب حڪومت ڦري وئي.اهڙي ريت پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ٽي چار ڪميٽيون ۽ ڪميشنيون،جهڙوڪ 1968ع ۾ اختر ڪميٽي، 1981ع ۾ جسٽس انوار الحق ڪميشن ۽ 1983ع ۾ جسٽسحليم ڪميشن ٺاهي وئي. پر پنجاب جي هٺ ڌرمي ڪري سنڌ سان پاڻي واري مامريتي انصاف ڪونه ٿي سگهيو. مگر ان جي ابتڙ 1991ع ۾ سنڌ کي اڃان وڌيڪ نقصانڏيڻ لاءِ هڪ طرف ٺاھ ٿيو جنهن تي سنڌ کي سخت تحفظات هئا. ته وري 1994ع ۾وزارتي فارمولي تحت سنڌ کان بنا پڇڻ ۽ بغير ڪنهن سوچ ويچار تي سنڌ تيزوري ٺاھ مڙھيو جيڪو هن وقت تائين هلي رهيو آھي. سنڌ ۽ سنڌين سان پاڻيبابت ٿيندڙ ڏاڍاين جي سلسلي جي ڪڙي طور تونسا پنجند ۽ جهلم چشما لينڪڪئنالن ذريعي روزانا تقريبن 33 هزار ڪيوسڪ پاڻي کنيون پيو وڃي. ان کانسواءِ سنڌو درياھ مان لفٽ مشينن ۽ ٻين طريقن سان به هر روز هزارين ڪيوسڪپاڻي زوري ۽ چوري کنيون پيو وڃي، جنهنڪري سنڌ ورهين کان وٺي پاڻيءَ جيهٿرادو کوٽ ۽ اڻهوند جي ڪري ڏڪر جي ور چڙهيل آھي. چوڻ جو مطلب ته ڪيترينئي غير قانوني طريقن سان سنڌو درياه جي پاڻيءَ تي پنجاب وفاق جي ٽيڪ تيڌاڙا هڻندو پيو اچي. پاڻيءَ جي اهڙي ڦرلٽ کان پوءِ به سنڌي قوم جي نڙيءَتي لت ڏيڻ لاءِ وڏن ڊئمن ٺاهڻ جي خفت کان همراهه باز ڪونه پيا اچن. هتياهو به ٻڌائيندا هلون ته سنڌي قوم ڀاشا ڊئم، ديامير، مهمدن ۽ ٻين وڏنڊئمن خلاف ۽ انهن کي قبول ڪونه ٿي ڪري. نه وري ڪالاباغ ڊئم رٿا لاءِ وڏيپئماني تي ٿيندڙ رٿابندي کي قبول ڪندي. واضح رهي ته وڏن ڊئمن خاص ڪريڪالاباغ ڊئم جي اڏاوت جي حامي جنرل ضياءُ الحق پوءِ نواز شريف بعد ۾پرويز مشرف ڀري. سندن اهڙي سنڌو درياه ۽ سنڌي، بلوچ ۽ پختون قوم دشمن رٿاکي سنڌي، بلوچ ۽ پختون قوم ۽ ان جي قيادت ٻڌي ۽ عوامي جدوجهد سان ناڪامبنائيندي پئي اچي. اهڙي عوامي سگهه ۽ پرامن احتجاجي تحريڪ ۾ محترم رسولبخش پليجو، بشير خان قريشي، خالد محمود سومرو، ڊاڪٽر قادر مگسي، ممتازعلي ڀٽو کان ويندي محترمه بينظير ڀٽو تائين جتي سنڌ پرستن جو اهم ڪراداررهيو اتي اي. اين. پي جي قيادت خان عبدالولي خان، اسفند يار ولي، اجملخٽڪ کان سواءِ پختون قوم پرست محمود خان اچڪزئي، عبدالرحيم مندوخيل تائينپختونن جون ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون، ڌريون ۽ انهن جي ڪارڪنن پاڻملهايو. اهڙي ريت بلوچ قومپرست اڳواڻن ۾ سردار عطاءُ الله خان مينگل،اختر جان مينگل، نواب خير بخش خان مري، عبدالمالڪ بلوچ، عبدالحئي بلوچ،حبيب جالب بلوچ ۽ انهن جي پارٽي ڪارڪنن به پنهنجي حصي جو قومي فرض نڀايو.واضح رهي ته جنهن ڏينهن سنڌ پرستن پ پ پ جي قيادت سان گڏجي ڪمون شهيد وٽڪالاباغ ڊئم خلاف لکين ماڻهن جو تارخي ڌرڻو هنيو ان ساڳئي ڏينهن تي خيبرپختون خواه جي قيادت اٽڪ پل وٽ ۽ بلوچ قيادت ڪوئٽيا ۾ هزارين ماڻهن تيمشتمل پرامن ڌرڻا هنيا.هن وقت پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌو دريائن ۾ ايترو پاڻي آهي ئي ڪونه ته پوءِڀاشا ۽ ٻين ڊئمن جا اجگر پيٽ ڪيئن ڀري سگهبا!؟ ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾چيف جسٽس صاحب کي وڏن ڊئمن ٺاهڻ جو ڪٿان الهام ٿيو. اسين آخر ۾ محترمسائين کي گذارش ٿا ڪريون ته هن وقت تائين ڊئمن لاءِ جيڪو به فنڊ گڏ ٿيوآهي اهو مارئي جي ماڳ جي مسڪين ماڻهن ۽ باقي سنڌ جي انهن علائقن جتيسانوڻي جي مند ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري ڏڪر واري صورتحال پيدا ٿي آهي، سندن جيبکين پٽن جون بکون اجهائڻ لاءِ ڪتب آندو وڃي.

    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو