• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو: مهراڻ ڌامراهو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
42044420_1112902502197846_4649790100694106112_n.jpg


سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت شاعر مهراڻ ڌامراهو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
مهراڻ ڌامراهو جي شاعريءَ ۾ سادگي، سچائي ۽ زميني صحيفن جا اهڃاڻ جابجا جهلڪندي نظر اچن ٿا، سندس شاعريءَ ۾ انفراديت جا رنگ ان ڪري به نمايان محسوس ٿيندا جو مهراڻ لفاظيءَ جي پاڇي کان پرڀرو ٿي پنهنجو رستو جوڙي بغير هام جي مسلسل لکندو رهي ٿو. ”اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو“ مهراڻ جي انهن خوابن جو مجموعو آهي جيڪي خواب ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جي عشق مهراڻ کي ڏيکاريا آهن.

سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪريو يا آنلائين پڙهو:
 
Back
Top