شفيق الرحمان شاڪر معذوري جا مختلف قسم ۽ ڪيفيتون ٿين ٿيون.ڪجهه ظاهري ته ڪي لڪيل ۽ اڻ واضح.معذوري پئدائشي به ٿي سگھي ٿي ته حادثاتي پڻ.ڪي معذوريون وقت سان گڏوگڏ ڪنهن ذهني يا جسماني عارضي سبب وجود ۾ اچن ٿيون.اهڙن سمورن ماڻهن لاء خاص ماڻهو يا اسپيشل پرسنس جو لفظ استعمال ڪيو وڃي ٿو.سماج ۾ والدين ۽ سماجي ادارا اهڙن ماڻهن جي مناسب تعليم ۽ تربيت جو خيال رکن ٿا ته جيئن اهي بنان ڪنهن احساس ڪمتريء جي پنهنجن پيرن تي بيهي سگھن ۽ بين نارمل ماڻهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سماج جا بهترين فرد بڻجي سگھن ۽ عملي زندگيء ۾ ڪنهن جا محتاج نه ٿين.قدرت طرفان انهن کي ڪنهن جسماني ڪمزوري يا معذوريء جي بدلي ٻي ڪا غير معمولي صلاحيت عطا ٿيل هوندي آهي ان ڪري اهي سماج ۾ زندگيء جي شاهراهه تي وڏي حوصلي ۽ همت سان اڳتي وڌڻ جي ڀرپور توانائي ۽ طاقت رکن ٿا.انهيء بنياد تي چئي سگھجي ٿو ته جسم ته ڪنهن سبب معذور ٿي سگھي ٿو پر ڪنهن ماڻهوء ۾ موجود صلاحيتون ڪڏهن به معذور نٿيون ٿين.بدقسمتيء سان اسان جي ملڪ ۾ اهڙن ماڻهن کي خاص ماڻهو ته چيو وڃي ٿو پر انهن سان ملڻ جلڻ ۽ سندن ويجھو وڃڻ جي روايت گھٽ آهي.ان طرح سان هو اسان جي پيار ۽ شفقت کان محروم رهجيو وڃن.توڙي جو اهي به اسان وانگر ئي انسان آهن پر گھڻا انهن کي حقارت ۽ گھٽ نظر سان ڏسڻ جا عادي آهن.پر ملڪ ۾ اهڙن ماڻهن جي به کوٽ ناهي جيڪي اهڙن خاص ماڻهن سان انيڪ محبت وارو رويو اختيار ڪندي کين اهو محسوس ٿيڻ نٿا ڏين ته اهي ڪنهن به طرح ٻين کان گھٽ آهن ۽ حقيقت به اها آهي ته انهن خاص ماڻهن دنيا ۾ اهڙا ته ڪارناما سرانجام ڏنا آهن جو عقل دنگ رهجيو وڃي.اسان جي نابينا ڪرڪيٽ جي رانديگرن جي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ڪاميابي ان جو واضح مثال آهي.وقت ثابت ڪيو آهي ته ڪنهن به قسم جي معذوري نه ته ڪنهن شخص کي ڪامياب زندگي گذارڻ کان روڪي سگھي ٿي ۽ نه ان کي سندس جسماني ۽ ذهني صلاحيتن کي مڃائڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي سگھي ٿي.ڪجهه اهڙو ئي ڪارنامو فارس مغل ڪري ڏيکاريو آهي.هڪ عام رواجي ۽ عمدي زندگي گذاريندڙ فارس کي مسلز ڊس آرڊر سبب هلڻ ڦرڻ کان معذوري ٿي ويئي ته هو وهيل چيئر سان چنبڙي ڪري رهجي ويو.پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ان قسم جو سانحو ڪنهن سان ٿي وڃي ته انسان گھڻو مايوس ٿي وڃي ٿو پر فارس مغل ايئن ٿيڻ نه ڏنو.هن معذوريء دوران گذاريل گھر واري زندگيء ۾ قلم پڪڙي ورتو.انهيء دوران هن نيون تخليقون ۽ تصنيفون وجود ۾ آنديون.ٻه شاعريء جا ڪتاب لکي ورتا. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جتي بيروزگاريء جي شرح تيزيء سان وڌي رهي آهي اتي اهي ماڻهو جيڪي ڪنهن معذوريء جو شڪار آهن انهن مان ڪجهه پنڻ واري لعنت طرف به هليا وڃن ٿا.پر اهڙن ماڻهن جي به کوٽ ناهي جيڪي حوصلو ۽ همت هارڻ بدران حالتن جو مقابلو ڪرڻ پسند ڪن ٿا. سيربرل پالسي نالي بيماريء جو شڪار “ويسلي” جي بيماري دوائن ۽ علاج باوجود ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي ويئي.حالت اها ٿي ويئي جو هاڻي هو جسم جي زياده حصن تي قابو نٿي رکي سگھيو. وهيل چيئر تي هئڻ باوجود هن جي پيرن تي هن جو مڪمل اختيار هو.سو هن پنجن سالن تائين پنهنجن پيرن سان ٽائپنگ ڪري پنهنجي زندگيء جي باري ۾ ڪتاب لکي ورتو.سڄي زندگي اذيتن جو شڪار رهندڙ ويسلي خراب حالتن ۾ به همت نه هاري،جنهن کي سندس ماء اهي لفظ چئي چڪي هئي ته “مري وڃ ته اهو ئي بهتر آهي!” ٻئي طرف نامور پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب اختر کي به ڊاڪٽرن ته جواب ڏيئي ڇڏيو هو ته سندس پير ايترا مضبوط ناهن جو هو ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ لهي ڪا ڪاميابي حاصل ڪري سگھي پر شعيب اختر ان معذوريء کي پنهنجي ڪمزوري بنجڻ نه ڏنو.هن پنهنجي حوصلي ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد سان ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ نه رڳو پنهنجي قابليت مڃرائي پر ڪنهن وقت ۾ هو دنيا جي تيز ترين بائولرن ۾ شامل رهيو.ڪاميابيء حاصل ڪرڻ لاء محنت،جذبي ۽ حوصلي جي ضرورت هوندي آهي.معذوري نه ته صلاحتين کي محدود ڪري سگھي ٿي ۽ نه ئي مفلوج.ڪنهن به قسم جون حالتون ۽ واقعا انسان جي صلاحتين کي مڃرائڻ کان روڪي نٿا سگھن بلڪه انسان خود پنهنجي سوچ کي محدود ڪري پنهنجي صلاحتين کي زنگ لڳائي ٿو.پاڪستاني فوج جا ڪيترائي اهڙا جوان جيڪي وطن جي دفاع ۾ پنهنجي جسم جي ڪنهن حصي کان محروم ٿيڻ باوجود پنهنجو پاڻ کي سرگرم زندگيء جي مصروفيتن ۾ لڳايو ويٺا آهن.اها سڀ حوصلي جي ڪرامت آهي.مصنوعي ٻانهون ۽ ٽنگون لڳل ڪيترائي ماڻهو پنهنجن خوابن جي تعبير حاصل ڪري رهيا آهن.دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا سائنسدان،رانديگر ۽ اديب آهن جن پنهنجن صلاحتين ۽ قابليتن جو ڏونڪو وڄايو.انهن زندگيء سڀ لاها چاڙها ڏٺا پر پوء به پنهنجون ڪوششون جاري رکيون.انهن مان اسٽيفن هاڪنگ جو نالو چوٽيء تي آهي جنهن جي وفات هن سال 2018ع ۾ ٿي آهي.پاڪستان ۾ هڪ سول جج سليم يوسف نابين آهي.سندس ڀيڻ صائما سليم اها واحد خاتون آهي جنهن نابينا هئڻ باوجود سول سروسز جو امتحان 2007ع ۾ پاس ڪيو.ماضيء ۾ مس هيلن ڪيلر جو مثال سڀني جي سامهون آهي جنهن گونگي ۽ ٻوڙي هئڻ باوجود پنهنجن ڪارنامن سان دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو هو.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنهنجن صلاحتين مطابق پنهنجو پاڻ کي مڃرايو وڃي ۽ معذرويء جي روڳ کي پنهنجي سر تي سوار نه ڪيو وڃي.