فزڪس ڇا آهي؟ فزڪس کي سمجهڻ لاءِ اسان کي سائنس کي سمجهڻو پوندو ڇو تـ فزڪس سائنس جي اهم شاخ آهي. سائنس جي معنيٰ " ڄاڻڻ " آهي. سائنس جي ضرورت کي اسان " Natural Phenomena " جي مدد سان چڱي طرح سکي سگهون ٿا. Natural Phenomena مطلب " قدرتي عملَ " . Natural Phenomena جا ڪجه مثال هن طرح آهن. ’1‘ مينهن جو پاڻي ڪيئن ءِ ڪٿان اچي ٿو؟ ’2‘ ڏينهن ءِ رات پنهنجي مقرر وقت تي ڪيئن تبديل ٿين ٿا؟ ’3‘ انب وڻ مان ڇو ٿو ڪري؟ ’4‘ لوه کي ڪٽ ڇو ٿي لڳي ؟ ’5‘ سڙڻ ءِ برف ٿيڻ ؟ ’6‘ شمسي نظام جو ٺهڻ؟ ’7‘ ٻوٽن جي واڌ ؟ ’8‘ جسمن جي چرپر؟ هي سڀ " Natural Phenomena " سوال پيدا ڪن ٿا، جن جو جواب ڳولهڻ لاءِ ’سائنس‘ استعمال ڪرڻي پوي ٿي، ڇو تـ ، سائنس جي معنيٰ " ڄاڻڻ " آهي.