• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائنس ڇا آهي؟ سائنس جي مدد سان فزڪس کي سمجهڻ!

فلڪ لرننگ ٽيوب

سينيئر رڪن
jE87zWg.jpg


فزڪس ڇا آهي؟ فزڪس کي سمجهڻ لاءِ اسان کي سائنس کي سمجهڻو پوندو ڇو تـ فزڪس سائنس جي اهم شاخ آهي.
سائنس جي معنيٰ " ڄاڻڻ " آهي.
سائنس جي ضرورت کي اسان " Natural Phenomena " جي مدد سان چڱي طرح سکي سگهون ٿا. Natural Phenomena مطلب " قدرتي عملَ " .

Natural Phenomena جا ڪجه مثال هن طرح آهن.
’1‘ مينهن جو پاڻي ڪيئن ءِ ڪٿان اچي ٿو؟
’2‘ ڏينهن ءِ رات پنهنجي مقرر وقت تي ڪيئن تبديل ٿين ٿا؟
’3‘ انب وڻ مان ڇو ٿو ڪري؟
’4‘ لوه کي ڪٽ ڇو ٿي لڳي ؟
’5‘ سڙڻ ءِ برف ٿيڻ ؟
’6‘ شمسي نظام جو ٺهڻ؟
’7‘ ٻوٽن جي واڌ ؟
’8‘ جسمن جي چرپر؟
هي سڀ " Natural Phenomena " سوال پيدا ڪن ٿا، جن جو جواب ڳولهڻ لاءِ ’سائنس‘ استعمال ڪرڻي پوي ٿي، ڇو تـ ، سائنس جي معنيٰ " ڄاڻڻ " آهي.


 
آخري ترميم:
Back
Top