تعليم اسان سنڌ واسين جي بنيادي حق آهي اسان کي اسان جو حق ڏيو.... شرف الدين مرکنڊ طاهري

'تازيون خبرون' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏22 سيپٽمبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    تعليم اسان جو بنيادي حق آهي

    تحرير: شرف الدين مرکنڊ طاهري


    اڄ اسان جي معاشري ۾ مشهور و معروف قول بيان ڪيو ويندو آهي ته جنهن به ملڪ جي قوم کي تباهه،برباد ۽ ختم ڪرڻو هجي ته ان ملڪ جي قوم کان تعليم کي ختم ڪريو ته پوءِ اها قوم پاڻ ئي ختم ٿي ويندي،اڄ جي اسان ان قول تي ذري جيترو به ڌيان ڏينداسين ته معلوم ٿيندو ته اڄ اسان ۾ اسان جي تعليم صفا نه رهي آهي بلڪه اسان وٽ صرف نالي جا ڪتاب،نالي جا استاد صاحبان،نالي جا شاگرد، نالي جا اسڪول وڃي بچيا آهن.جنهن جون حالتون اسان پاڻ ڏسون سگهون ٿا.حالانڪه معاشري جو سڌارو تعليم سان ائين آهي.جڏهن ته تعليم کي انسان جي ٽئين اک شمار ڪئي ويندو آهي. جيڪڏهن اسان تاريخي ڪتابن جو مطالعو ڪنداسين ته ان مان اسان کي تعليم جي متعلق ڪافي ساري معلومات ملندي.جيئن ته قرآن ڪريم الله تعالى جو پاڪ ڪتاب ۽ آخري نازل ڪيل ڪتاب آهي،جنهن کي اڄ پوري دنيا جا مسلمان پڙهڻ ٿا. ان قرآن شريف ۾ الله تعالى پنهنجي نبي جي طرف وحي ڪري موڪلي،جيڪا پهرين نمبر تي نازل ڪيل آيت ڪريمه آهي،ان ۾ الله تعالى پنهنجي پياري نبي حضور اڪرم ﷺ جن کي حڪم فرمايو ته اي منهنجا محبوب پڙهه پنهنجي رب جي نالي سان،۽ حديث ڪريم ۾ اچي ٿو ته اسان جي پياري نبي ڪريم ﷺ جن جو فرمان عاليشان آهي ته ماءُ جي پيٽ کان وٺي ڪري قبر تائين علم حاصل ڪريو.جنهن مان صاف ظاهر معلوم ٿيون ته اسان جي معاشري جي فائدي لاءِ تعليم ئي هڪ اهم سهارو آهي.تعليم سان ئي اسان جو معاشرو ڪامياب ٿي سگھي ٿو.۽ تعليم سان ئي اسان جي معاشري ۾ تبديلي اچي سگھي ٿي. تعليم سان ئي معاشري جي صفائي ٿئي سگھي ٿي. تعليم سان ئي هر شيءِ ٿيندي آهي. جيڪڏهن اسان وٽ تعليم هوندي ته اسان ان تعليم جي ذريعي انسان جي قدر کي سمجھي سگهون ٿا.پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي اسان جنهن ملڪ ۾ رهو ٿا ان ملڪ ۾ تعليم جو قدر ڪوئي نه رهيو آهي،جنهن مان اسان سڀ بخوبي واقف آهيون،ڪجهه ڏينهن پهريان ڪنڊياري جي شهر ۾ دوست جي دڪان تي ويٺو هيم ته ان دوست وٽ اخبار هئي،مون ان کان اخبار وٺي ڪري پڙهي ته جنهن مان مونکي معلوم ٿيون ته اسان جنهن تبديلي جي ڳالهه ٿا ڪيو اها اڃان ڪڏهن ايندي اسان جي ملڪ ۾،مون جڏهن ان اخبار جي ٻئي صفحي کي کوليو ته ان جي اندر هي خبر شايع ٿيل هئي ته گهاجي کهاوڙ (تعلقه وارهه) جي ڀرسان هڪ ڳوٺ آهي جنهن جي اسڪول جي حالت تمام خراب آهي،۽ جڏهن ته اهو اسڪول اسان جي نياڻين جي تعليم جي لاءِ وقف ٿيل آهي، پر برحال مون ته صرف هن اسڪول جي خبر پڙهي پر ان کان وڌيڪه اسان جي صوبه سنڌ جي اسڪولن جي بهترين ۽ سٺي معلومات ڪنهن کان لڪيل ته ناهي،جيڪي هروز جي ايندڙ اخبارن جي سونهن ۽ شان،مان بڻيل هونديو آهن،جن جو اسان هروز جي اخبار ۾ پڙهندا رهندا آهيون ۽ خبرن ۾ ٻڌندا رهندا آهيون.ته اڄ فلاڻي اسڪول ۾ ڳوٺ جي رئيس ان ته قبضو ڪيو آهي، ته وري ڪٿي اسڪول جي اندر گڏهه ۽ ڪتا مال وغيرهه بيٺل هوندو آهي ته وري ڪٿي اسڪول ۾ استاد موجود ناهن ته ڪٿي وري اسڪولن ۾ سهولتون نه آهن ته ڪٿي اسڪول جي صفائي نه هوندي آهي ان جو سبب هي آهي اڄ جا پٽيوالا اسڪول وڃن ئي نه ٿا جو اسڪول جي صفائي ڪن صرف پگھار وٺي ڪري گھر ويٺا آهن.جڏهن مون ان اخبار جي اندر هي ڳالهه پڙهي ته گاجي کهاوڙ (تعلقه وارهه) جي گرلس اسڪول جيڪو هن وقت عبرت جو نشاني بڻجي چڪو آهي ۽ انهيءِ اسڪول جي اندر نياڻيون پٽ تي ويهي ڪري پڙهڻ ٿيون.ان ڳالهه مان اسان ۽ اوهان ٿورو اندازو ڪري سگھون ٿا ته اڃان ان کان وڌيڪه ڪهڙي تبديلي ايندي اسان جي ملڪ ۾، جنهن جي اڄ اسان جا حڪمران ڳالهه ٻولهه ڪن ٿا.جڏهن ته اسان جي پياري ملڪ جا حڪمران صرف ڳالهين جي مٿان ڳالهيون ته ڪن ٿا پر ان تي عمل نه ٿا ڪن.بلڪه اڄ اسان جا حڪمران ڳالهين تائين محدود بڻجي چڪا آهن.ان اخبار ۾ لکيل هيو ته ان اسڪول ۾ نه ڪو صفائي جو بندوبست ٿيل آهي، نه ڪو پيئڻ جو پاڻي آهي نه وري باٿ روم جي سهولت آهي ۽ نه وري بجلي جي، جڏهن ته اسڪول جو ڪم اڌ ۾ رهيل آهي جنهن جو سبب هي آهي ته ٺيڪيدار اسڪول جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي ڪري ڀڄي ويو آهي انهن ڳالهين مان اسان اندازو لڳايو ته جيڪڏهن امير طبقي جو ماڻهون آهي ته اهو پنهنجا ٻار پرائيوٽ اسڪول ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ان جي ٻار کي هي سڀ سهولتون ملن ٿيون جيڪي سرڪاري اسڪول ۾ ملڻ گھرجن.جيڪي سرڪاري اسڪول ۾ اڄ نه ٿيون ملن.پر جيڪڏجن غريب طبقي جو ماڻهو آهي ته اهو ايترا خرچ ڪٿي ڪري سگھندو.جڏهن ته پرائيوٽ اسڪولن جي فيس گھٽ به ناهي، في ٻار جي فيس 1000 کان 1500 سو تائين ورتي ويندي آهي،جڏهن ته غريب ماڻهو ڏينهن جو 500 سو کان 300 سون تائين ڪمائي ٿو ته اها ڪمائي پنهنجي گھر جي ڀاتين تي خرچ ڪري ٿو، پوءِ اهو ماڻهو پنهنجا ٻار ڪيئن پڙهائي،اگر جي ٻار پڙهائي ته گھر ان جي گھر جا ڀاتين بک مرندا،اگر جي پنهنجي اولاد کي نه ٿو پڙهائي ته ان جي اولاد اعلى تعليم جھڙي اهم نعمت کان محروم ٿئي ٿئي ٿي.جڏهن ته اسان جي پرائيوٽ اسڪولن وارن پنهنجا ڪاروبار بڻائي ڪري اسڪول کوليا آهن.جنهن مان انهن کي هر مهيني لکين رپيا ملن ٿا. مان اعلى آفيسرن کي عرض ڪندم ته خدارا ڪجھ غريبن جو به سوچو جن جي ووٽن جي ڪري اوهان اعلى عهدن تي ويٺا آهيون، اگر جي اوهي توهان کي ووٽ نه ڏين ها ته اوهان انهن اعلى عهدن تي نه ويهو ها پر انهن غريبن جا اوهان تي وڏا احسان آهن انهن جي احسانن جو به قدر ڪريو. تعليم جھڙي توهان جي اولاد جي لاءِ آهي،اهڙي ئي تعليم غريب جي اولاد جي لاءِ به آهي.تعليم جي وزير سيد سردار شاه،۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه کي اپيل ڪندم ته تعليم اسان سنڌ واسين جو بنيادي حق آهي، اسان کي اسان جو حق ڏيو....
     
    آخري ترميم: ‏29 سيپٽمبر 2018
    سليمان وساڻ ۽ ابراهيم لاشاري هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو