پوء سوال ته ٿيندو...!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏25 سيپٽمبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اڄ کان اٽڪل 22 سال پهرين عمران خان هڪ سياسي پارٽي قائم ڪري ملڪ ۾ نئون سياسي ڪلچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.توڙي جو ان وقت سندس ان سياسي سڏ کي ڪا خاص موٽ نه ملي هئي پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ عوام جيڪو ٻن مکيه سياسي جماعتن جي واري وٽيء واري راند ۽ ناقص حڪومتي ڪارڪردگين کان بيزار ٿيندا ويا تيئن تيئن تحريڪ انصاف پنهنجي جاء جوڙيندي ويئي.تحريڪ انصاف کي ملڪ جي هڪ پاپولر جماعت بنائڻ ۾ عمران خان جي محنت ۽ مستقل مزاجي پنهنجي جاء تي پر حقيقت ۾ گذريل حڪومتن جي انتهائي ناقص ڪارڪردگي ۽ انهن سياسي جماعتن جي قائدين جو ميگا ڪرپشن جي الزامن هيٺ اچڻ وارن معاملن تحريڪ انصاف جو ڪم خود بخود آسان ڪري وڌو.جڏهن عمران خان جا حامي سندس “ڊگھي جدوجهد” جي ڳالهه ڪن ٿا ته انهيء ۾ اهي ڪجهه وڌاء کان به ڪم وٺن ٿا.وقت جي لحاظ کان جدوجهد ڊگھي ضرور هئي پر اها جدوجهد پنهنجي فطري مرحلن مان بلڪل نه گذري هئي.نه رستي ۾ ڪي جيل،سزائون.ڪوڙا ۽ ڦٽڪا هئا ۽ نه ئي ڪارڪنن ڪي ايڏيون وڏيون اذيتون ۽ تڪليفون برداشت ڪيون جيڪي ان قسم جي جدوجهد جي رستي ۾ پيش اينديون آهن.اهڙيء طرح جيڪي ماڻهو تحريڪ انصاف کي هڪ نظرياتي يا انقلابي جماعت چون ٿا اهي به غلطي ڪن ٿا.جيئن ته هڪ ڪامياب ڪرڪيٽر جي حيثيت سان عوام خاص طور تي نوجوان طبقي جي ڪپتان سان جذباتي وابستگي جڙي پيئي ۽ ذاتي طور تي هن جي خلاف ڪو وڏو مالي اسڪينڊل به نه هو ۽ انهيء سان گڏوگڏ ڪينسر اسپتال ۽ نمل يونيورسٽيء جو قيام به هن جي حق ۾ مددگار ثابت ٿيو.پر انهن سمورين ڳالهين باوجود عمران خان کي ليڊر ملڪ جي هلندڙ سياست مان ماڻهن جي وڏي پيماني تي مايوسين بنايو.اسان جي ملڪ ۾ عام طور تي ماڻهو جارحاڻو ۽ جذباتي انداز رکندڙ اڳواڻن کي پسند ڪندا آهن پوء ڀلي انهيء انداز سان ڪو ليڊر اهڙيون دعوائون ۽ وعدا به ڪندو هجي جن جو حقيقت جي دنيا سان ڪو واسطو ئي نه هجي سو عمران خان به پاڪستاني قوم جي ان ڪمزوريء مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندي اهڙا ته عاليشان اعلان ۽ وعدا ۽ نت نوان نعرا ڏنا جو هر طرف تبديلي تبديلي جو راڳ وڄڻ لڳو.ماضيء جي سمورن حڪمرانن کي چور ۽ ڌاڙيل جي لقب سان نوازيندڙ،ملڪي لٽيل پئسو واپس وٺي عوامي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جا اعلان ڪندڙ،بک، بدحالي،بيمارين ۽ مهانگائيء کان عام ماڻهوء کي نجات ڏيارڻ جون دعوائون ڪندڙ،وي آئي پي ڪلچر ختم ڪري سادگي ۽ ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻ جا نعرا هڻڻدڙ عمران خان خوشقسمتيء يا بدقسمتيء سان اپوزيشن ليڊر واريون حدون پار ڪري هاڻي ملڪ جو وزير اعظم بڻجي چڪو آهي.اقتدار ۽ اختيار نه هئڻ وارو عذر به ختم ٿي چڪو آهي.هاڻي واڳون سندس وس آهن.هاڻي تبديليء جي دعوائن نه پر انهن دعوائن جي تڪميل جو وقت آهي.هاڻي ماڻهو سندس ڊگھيون تقريرون،نت نيون وضاحتون،عذر ۽ بهانا،مجبوريون ۽ معذرتون ٻڌڻ لاء هرگز تيار نه ٿيندا. هاڻي ته هن کان هڪڙو ئي سوال ٿيڻو آهي ته تبديلي ڪٿي آهي؟انهن نظرين ۽ سوچن جو ڇا ٿيو، انهن خوبصورت خوابن ۽ سهڻن سپنن جو ڇا ٿيو؟اهو انقلاب ڪيڏانهن ويو جيڪو ماضيء جي سمورين غلاظتن کي وهائي وڃڻو هو؟ انهيء آتش فشان جو ڇا ٿيو جيڪو عوام جو رت چسيندڙن ءُ سندن ست نوچيندڙن تي عذاب بڻجي ڦاٽڻو هو؟انهن وعدن جو ڇا ٿيو جن سان سورن ۾ ورتل سانگيئڙن جي نيڻن ۾ اميدن جي نئين جوت جرڪي هئي؟انهن آسن جو ڇا ٿيو جيڪي نراس جي ڪنهن ڪاري ڪڪر هيٺان ڍڪجي وييون؟جيڪر حڪومت ۾ ايندي ئي مهانگائيء جو پهريون بم پهرين کان ستم رسيده ۽ چهڪن کان چور چور غريب لوڪن تي ئي ڪيرائڻو هو ۽ جيڪر گئس ۽ بجليء جي بلن جو ٻارڻ انهن ئي غريبن کي بنائڻو هو ته پوء اهو سوال ته ضرور ٿيندو ته تبديلي ڪٿي آهي؟جيڪر ڀاڻ جون قيمتون وڌائي غريب ڪڙمين جو حشر نشر ڪرڻو ئي هو ته پوء اهو سوال ته ٿيندو ته ملڪ ۾ ڪنهن جي حڪومت آهي؟جيڪر ڪپتان کي به ماضيء جي حڪمرانن جيان عوام سان اهو مذاق ئي جاري رکڻو هو ته پوء سوال ته ٿيندو ته ڪنهنجي حڪومت آهي؟جڏهن هڪ طرف سادگي ۽ ڪفايت شعاريء جو پرچار ٿيندو هجي ته ٻئي طرف پنهنجن ويجھن توڙي اتحادين کي هر حال ۾ راضي رکڻ لاء وزارتن ۽ مشيرين جي بازار سجائي وڃي ته سوال ته ٿيندو ته ڪنهنجي حڪومت آهي؟هڪ طرف عوام تي نت نوان ٽيڪس لڳائي سندن ساهه سوڙهو ڪيو وڃي ته ٻئي طرف اربين ڊالر لٽي ۽ کسي ٻاهرين ملڪن ۾ گڏ ڪندڙ اشرافيا کان واپس روپيو به وصول ڪرڻ جو ڪو بندوبست نه ٿي رهيو هجي ته سوال ته ٿيندو ته ڪنهن جي حڪومت آهي؟جي احتساب جا اهي ئي ٻه ماپا رهن،قانون جا اهي ئي ٻه معيار رهن،ماڻهن لاء اهي ئي ٻه پاڪستان رهن،جيڪر عوام سان اهي ئي دوکا ۽ دولاب،ڍونگ ،تماشا ۽ تعديون ٿينديون.جن قومي ادارا تباهه ڪيا اهي ساڳين ڪرسين تي رونق افروز رهندا ۽ جن ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو اهي ملڪي معيشت مضبوط ڪرڻ لاء حڪومت جا وري مشير بڻبا،جن قانون کي پنهنجن پيرن هيٺان لتاڙيو جيڪر اهي ئي نوان قانون جوڙيندا،جيڪر اهو ئي ناني ويڙهو ۽ ناني وڌڻ واري ڏوهٽا کائڻ وارا جي ريت جاري رهندي ته پوء سوال ته ٿيندو ته ڪنهنجي حڪومت آهي؟جيڪر ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪڻ وارا ۽ عوام کي ٽڪي ٽڪي جو محتاج بنائڻ وارا آزاديء سان ولايتن ۾ عياشيون ڪندا ۽ پهريان کان چپيل لاچار ۽ بيوس غريب وڌيڪ چپبا رهندا ته پوء سوال ته ٿيندو ته تبديلي ڪٿي آهي؟جڏهن تبديليء جي فصل لاء ان لاء پهرين زمين ئي صحيح تيار نه ڪبي،ان مان پهرين کان موجود گند گاهه ئي صفا نه ڪبو،نج ۽ ڀلو ٻج ئي نه چونڊبو،انهن مرضن جو علاج ئي نه سوچبو جيڪي مرض ان فصل کي لڳي سگھن ٿا ته پوء سوال ته ٿيندو ته هيء ڪهڙي تبديلي آهي؟ جڏهن محروم ماڻهن ۽ ڪمزور قوميتن جي ڳالهه ئي نه ٻڌبي،جڏهن ننڍن صوبن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ جاري رهندو،جڏهن ڏاڍ ۽ طاقت جي بنياد تي ماڻهن تي پنهنجا فيصلا مڙهيا ويندا،سندن هر آواز ڌمڪين ذريعي دٻايو ويندو،صوبن جي عوام جي مرضيء خلاف تڪراري رٿائون جوڙيون وينديون، جڏهن ٽن صوبن جي عوام طرفان رد ٿيل ڪالا باغ ڊيم رٿا جو وري وري پڙاڏو ٻڌڻ ۾ ايندو، جڏهن جمهوري دور ۾ به اختلاف راء تي آئين جي آرٽيڪل 6 جي لاڳو ڪرڻ جون ڌمڪيون ملنديون،جڏهن سنڌ جي ڏڪار سٽيل علائقن جي ماڻهن لاء همدرديء جا ٻه لفظ ڳالهائڻ بدران سنڌ جي سرزمين تي بهاري،بنگالي ۽ برمي آباد ڪرڻ جا منصوبا جڙندا ته پوء سوال ته ٿيندو ته ڪنهن جي حڪومت آهي؟وزير اعظم هائوس ۾ نه رهبو سٺي ڳالهه آهي،گورنر هائوسز کي سيرگاهون بڻائبو سٺي خبر آهي،سرڪاري گڏجاڻين ۾ رڳو چانهه بسڪوٽ هلندا اهو به ٺيڪ،وزير هفتي ۾ هڪ ڀيرو تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽيريٽ ۾ حاضري ڀريندا اهو به صحيح،وي آئي پي گاڏيون استعمال نه ٿينديون سٺي شيء آهي پر انهيء سان عام ماڻهن جي زندگين ۾ ڪهڙي تبديلي ايندي؟تعليم،صحت ۽ روزگار جو ڇا ٿيندو؟ زندگيء جي بنيادي سهوليتن جو ڇا ٿيندو،پيٽ بکين ۽ انگ اگھاڙن جو ڇا ٿيندو؟سولي ۽ سستي انصاف جو ڇا ٿيندو؟ حڪومتي ادارن ۽ نوڪر شاهيء جي سڌارن جو ڇا ٿيندو؟قانون تي هڪجهڙي عملداريء جو ڇا ٿيندو؟حڪومتي ۽ رياستي معاملن ۾ عوام جي حقيقي شرڪت ۽ شموليت واري سوال جو ڇا ٿيندو؟ احساس محروميء جو شڪار صوبن ۽ قوميتن جي زخمن تي مرهم رکڻ جو ڇا ٿيندو؟بنيادي انساني حقن ۽ اظهار راء جي آزاديء جو ڇا ٿيندو؟عوام کي ڦري لٽي فقير بنائيندڙن انهن بادشاهن جي احتساب جو ڇا ٿيندو جيڪي اڄ به ملڪ جا بادشاهه آهن.جيڪر انهن ۽ اهڙن ٻين سوين بنيادي سوالن جا جواب نٿا ملن ته پوء سوال ته ٿيندو ته هيء ڪنهن جي حڪومت آهي ۽ هيء ڪهڙي تبديلي آهي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو