السلام عليڪم پيارا ڀائرو۔۔۔! مان توهان جي خدمت ۾ پهرئين ميڪروميڊيا فليش جون چند ڪلاسون پيش ڪري چڪو آهيان ۔ پر هن ڀيري توهان جي خدمت ۾ پورو ميڪروميڊيا فليش جو سنڌي لرننگ ڪتاب پيش ڪري رهيو آهيان ۔ نه ڪا ڪلاس بائي ڪلاس جي جنجهٽ نه ڪا بار بار ڳولا ڪرڻ جي تڪليف ڊاريڪ ڪتاب کي ڊائونلوڊ ڪريو ۽ پڙهي عمل ڪرڻ ڪري مزا ماڻيو۔ ۽ پنهنجي نيڪ دعائن ۾ اسان کي ياد ڪريو۔ هي ڪتاب www.sindhpk.com تي پڻ رکيل آهي۔ سنڌي ڪمپوٽنگ آرگنائيزيشن ڪتاب ڊائونلوڊ ڪريو۔
جواب: ميڪروميڊيا فليش ڪمپليٽ ڪتاب آسان سنڌي ۾ ادا ڄاموٽ اهڙي بهترين ڪتاب جي تياريءَ تي مان توهان کي ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ٻين دوستن کي دل جي گهراين سان مبارڪ ڏيان ٿو۔۔ فليش، ويب ڊزائيننگ اهڙيون شيون آهن جن کي سکي ڪري اسان جا سنڌي دوست گهر ويٺي ڪمائي سگهن ٿا۔۔۔ اميد ته توهان فليش جو ڪورس سنڌ سلامت تي اڳتي ضرور وڌائيندا۔۔۔
جواب: ميڪروميڊيا فليش ڪمپليٽ ڪتاب آسان سنڌي ۾ وعليڪم السلام مان توهان سمورن دوستن جو شڪر گذار آهيان ، جو توهان هن ڪتاب کي پسند ڪيو۔ ادا دعا ڪجهو اسان جي ته اهائي ڪوشش آهي ته اڳتي به توهان کي سيکاريندا هلون، دعا ڪجهو ته الله پاڪ ٽائيم ۽ همت عطا فرمائي۔
جواب: ميڪروميڊيا فليش ڪمپليٽ ڪتاب آسان سنڌي ۾ ادا توهان جي هن ڪتاب جي به جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي۔۔۔ هڪ سوال آهي ته ڇا فليش پروگرام کي ايم بي سنڌي يا ڪي مين ڪيبورڊ ذريعي سڌو سئون لکي سگهجي ٿو۔۔۔؟ مهرباني ڪري هڪ ننڍي ٽيوٽرل سان سمجهايو ته سنڌي تصويري لکائي کي فليش جي خوبصورتي ڪهڙي طرح ڏجي ۔۔۔ مهرباني
جواب: ميڪروميڊيا فليش ڪمپليٽ ڪتاب آسان سنڌي ۾ ادا اهو به بڌايو ته ميڪرو ميڊيا جو رجسٽرڊ ورجن ڪٿان ڊائون لوڊ ڪجي ؟
جواب: ميڪروميڊيا فليش ڪمپليٽ ڪتاب آسان سنڌي ۾ تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا ڄاموٽ صاحب توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو سدائينگڏ
جواب: ميڪروميڊيا فليش ڪمپليٽ ڪتاب آسان سنڌي ۾ السلام عليڪم تمام ڀائرو مان توهان جو تمام گهڻو مشڪور آهيان ، جن منهنجي ڪم کي سرايو۔ ڪجهه دوستن سوال ڪيا آهن انهن جا جواب ڏيا ٿو۔ ادا رشيد سمي جي چوڻ مطابق مان انشاء الله جلد فليش ۾ سنڌي آڻڻ جو ٽيوٽوليز بنائي شئير ڪندس۔ ٻيو ادا بشير احمد صاحب ، جيڪڏهن توهان کي ڪو رجسٽرڊ ورزن کپي ته مارڪيٽ ۾ فليش 6 کان وٺي فليش ايڊوبي 10 تائين جون سيڊيون دستياب آهن اهي خريد ڪري وٺو۔ انشاء الله وري ملنداسين۔
جواب: ميڪروميڊيا فليش ڪمپليٽ ڪتاب آسان سنڌي ۾ ادا بشير سائين رشيد صاحب وڌيڪ ان سلسلي ۾ اوهان جي مدد ڪري سگهن ٿا & ادو مست پڻ
جواب: ميڪروميڊيا فليش ڪمپليٽ ڪتاب آسان سنڌي ۾ ادا جي اوهان کي مڪمل ڪتاب پي ڊي ايف ۾ گهرجن هن سنڌي ويب پيج تي آهن "وائيس آف سنڌ ڊاٽ ڪام۔ جلد مان بي پنهنجي ويب اوهان آڏو آڻيندم "سنڌ لطيف ڊاٽ ڪام۔ ناچيز مشتاق علي سومرو۔
جواب: ميڪروميڊيا فليش ڪمپليٽ ڪتاب آسان سنڌي ۾ ادا مون وٽ ڪتاب ڊائونلوڊ نه ٿو ٿئ۔ Not Found The requested URL /files/Flash in Sindhi Part 01 (By Ghulam Hyder Jamot).pdf was not found on this server.
معاف ڪجو پر لڳي ٿو ته اوهان جي هي ونڊ فقط تنگ ڪرڻ لاءِ آهي ڇوته نه ته هتي اوهان درست لنڪ ڏنو آهي ۽ نه ئي توهان جي ويب سائيٽ ) جتي پهچي ماڻهو صفا بور ٿي ويندو آهي ( تي ڪو لنڪ آهي