شفيق الرحمان شاڪر پرسڪون زندگي گذارڻ لاء انسان کي سدائين ڪنهن مضبوط سهاري جي ضرورت هوندي آهي.اها ڳالهه هونئن ته سمجھڻ ۾ ايتري ڏکي ڪانهي پر ان جي مختلف پاسن کي سمجھڻ لاء ان تي تفصيلي بحث جي ضرورت آهي.ڪنهن شخص کي رهڻ لاء هڪ مضبوط گھر يا عمارت جي ضرورت هوندي آهي جيڪا ان کي هر قسم جي موسمي تبديلين ۽ حالتن ۾ پناهه ڏيئي سگھي ۽ سندس حفاظت به ڪري.هڪ مضبوط عمارت جي شروعات ان جي مضبوط بنياد سان ٿئي ٿي.اهو ٿي نٿو سگھي ته ڪنهن عمارت جو بنياد ته ڪمزور هجي پر اها عمارت مضبوط هجي.بنياد کان پوء ان جي ديوارن طرف اچو ته ديوار جي هر سر به مضبوط هئڻ گھرجي نه ته اها ديوار ڇت جو بار سهي نه سگھندي.وري هر ديوار ٻي ديوار جو سهارو بڻجي ٿي.بلڪل اهڙي نموني هڪ مضبوط سهارو ٻئي حصي جي مضبوطيء جو ضامن بڻجي ٿو.ڪنهن وڻ کي ڏسو! جيستائين ٿڙ طاقتور نه هوندو اهو ڪو مضبوط ۽ پختو وڻ بڻجي نه سگھندو.مضبوط ٿڙ کي سهارو ڏيڻ لاء وري مضبوط پاڙن جي گھرج پوي ٿي.مضبوط ٿڙ مان ٽاريون ڦٽن ٿيون جن تي گل.پن ۽ ميوا ٿين ٿا.توڙي جو اهي پاڻ نهايت نازڪ ۽ ڪمزور ٿين ٿا پر هڪ مضبوط ٿڙ سان ڳنڍيل هئڻ ناتي بلندي ۽ اوچائيء مان لطف اندوز ٿين ٿا. جيڪر سندن اهو مضبوط سهارو يعني ٿڙ ڪپيو وڃي ته اهي بلنديء سان گڏوگڏ پنهنجي زندگي به وڃائي مٽيء ۾ ملي وڃن ٿا يا وقت جون هوائون انهن کي پنهنجي مرضيء سان هيڏانهن هوڏانهن اڏائينديون رهن ٿيون.هاڻي انساني وجود کي ڪجهه دير لاء سوچ هيٺ آڻيون ٿا.ان وجود مان جيڪر هڏين جو ڍانچو ڪڍي ڇڏجي ته سندس طاقت مٽيء جي ڪنهن ڳنڍي سواء ڪجهه نٿي رهي.ماس جي طاقت جو دارومدار هڏن جي طاقت تي آهي.جيترو هڏ مضبوط هوندا ماس ۽ جسم به اوتروئي مضبوطي ۽ طاقت محسوس ڪندو.ماس کان هڏيء جو تعلق ٽوڙيو وڃي ته ماس جي طاقت ٻڙي بڻجي وڃي ٿي.اسان جا ڏند اسان کي کاڌو کائڻ،سخت شين کي چٻاڙڻ ۽ ٽوڙڻ ۾ اسان جي مدد ڪن ٿا،جڏهن اهي پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري موڪلائي وڃن ٿا ته اسان جو وات رڳو کچڻي کائڻ واري مشين بڻجي ڪري رهجيو وڃي.ان جو مطلب اهو ٿيو ته انسان جنهن سماج ۾ رهي ٿو اتي هن کي به هروقت ڪنهن مضبوط سهاري جي هروقت ضرورت رهي ٿي.انهيء مضبوط سهاري جي تلاش ۽ نفسيات هيٺ انسان پنهنجي خاندان جي پئدائش ۽ اوسر،ذات ۽ قبيلي جي واڌاري،علاقائي ، نسلي،مذهبي ۽ سياسي تعصب سان دلچسپي رکندو آيو آهي.انهيء ئي مضبوط سهاري جي سوچ هيٺ رياستن ،ملڪن ۽ اقوام متحده جو قيام عمل ۾ آيو.اهو ئي نظريو طاقت حاصل ڪرڻ،معاشي ۽ دفاعي بلاڪ جڙڻ ۽ بين الاقوامي تنظيمن ۽ ادارن جي جوڙ جڪ پويان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اها ئي سوچ انسان کي روحانيت طرف ڇڪي وڃي ٿي.مضبوط سهاري جي ڳولا ۽ جستجو ۾ انسان پوري زندگي ڊوڙندو رهي ٿو.ان جو بنيادي سبب اهو جو انسان پنهنجي فطرت ۽ بيهڪ ۾ گھڻو ڪمزور آهي.هن جي مجبوري آهي ته هن سان روز نت نوان حادثا پيش ايندا ٿا رهن يا پيش اچي سگھن ٿا.وري کيس بيمارين کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو.انسان جي سڀ کان وڏي ڪمزوري سندس مري وڃڻ آهي.موت هروقت سندس پيڇو ڪندو رهي ٿو جيڪو کيس اوچتو بنان ڪنهن اڳواٽ اطلاع جي قابو ڪري وٺي ٿو.انهن فطري ڪمزورين سبب هن کي هر وقت ڪنهن مضبوط سهاري جي ضرورت رهي ٿي.ان کان سواء انسان جي سماجي زندگيء جون گھڻيون بنيادي شيون ڪنهن سهاري کان سواء سرانجام ڏيئي نٿيون سگھجن.هاڻوڪي اولهه جي دنيا کي ڪنهن حد تائين ڇڏي ڪري سدائين انساني سماجن ۾ خاندان جي واڌ ويجهه هڪ اهم ۽ لازم فيڪٽر رهيو آهي.هونئن ته ڪنهن حد تائين جانورن جي زندگيء ۾ به خاندان جو تصور پاتو وڃي ٿو ۽ اهو به جھنگلي زندگيء ۾ پيش ايندڙ خطرن سبب وجود ۾ ايندي محسوس ٿئي ٿو.جيڪي جانور شڪار ڪندا آهن اهي اڪثر ننڍن ٽولن ۾ جڏهن ته شڪار ٿيندڙ جانور وڏن ٽولن ۾ هوندا آهن.سماجي طور تي انسان کي سدائين خاندان جي ضرورت رهي آهي.خاندان جي رشتن کي مذهب ۾ به هڪ مقدس حيثيت حاصل رهندي ٿي اچي.هونئن به انسان کي فطري طور تي پنهنجي ماء پيء سان محبت ٿئي ٿي ساڳيء طرح ماء پيء کي وري اولاد سان انيڪ پيار هوندو آهي.ننڍپڻ ۾ ماء پيء ٻارن لاء مضبوط سهاري وارو ڪم ڪن ٿا جو ان وقت ٻارن کي زندگيء جي وک وک تي سهاري جي ضرورت رهي ٿي پر جڏهن اهي جوانيء ۾ قدم رکن ٿا ته سهاري جي اها ضرورت به گھٽبي ويندي آهي.پر جڏهن هو پوڙها ٿين ٿا کين واپس سهاري جي ضرورت پوي ٿي. قبيلي،ذات ۽ برادريء جو تصور به انسان جي مضبوط سهاري جي ڳولا جو آئينادار آهي.ڪٽنب يا خاندان هڪ محدود سهارو آهي پر سماجي زندگيء ۾ انسان کي وڏن وڏن ٽولن سان مقابلي جي نوبت اچي ٿي جتي ڪٽنب کان وڌي ڪري برادري يا قبيلي جي مدد جي ضرورت پوي ٿي.انسانن جون ذاتيون ۽ قبيلا اوڀر جي دنيا ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم رهيا آهن.قبيلي ۽ برادريء کان پوء علاقائي،لساني يا نسلي تعصب کي به هڪ مضبوط سهاري طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.جيئن ڪراچيء ۾ هندستان کان لڏي آيل ماڻهن وٽ پنهنجي ڪا زمين نه هئي ان ڪري انهن جي اڪثريت سدائين ان خوف جو شڪار رهي ۽ انهيء خوف کي ڪن خاص سياسي مقصدن لاء اڀاريو به ويو ته اردو ڳالهائيندڙ آباديء کان ڪنهن به وقت زمين کسجي سگھي ٿي تنهن ڪري ان خوف خلاف هڪ مضبوط سهاري طور زبان ۽ نسل واري سوچ اختيار ڪئي ۽ پنهنجي بقا ۽ سلامتيء لاء مهاجر ڪارڊ استعمال ڪيو. مذهبي تعصب به انسانن لاء هڪ وڏو مضبوط سهارو رهندو ٿو اچي. انسان جو مذهب سان لڳاء ٻين سمورين مادي شين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو.مذهب جو اهو سهارو هر مذهب کي مڃيندڙن کي ميسر رهي ٿو۽ اهو سڀ کان وڌيڪ سهارو هوندو آهي.زميني ۽ آسماني قدرتي مصيبتن ۽ آفتن مهل اڪثر انسان مذهب طرف ئي رجوع ڪندو آهي .ڪنهن عيسائي شخص کي اها ڳالهه سهارو ٿي ڏئي ته هن جا هم مذهب دنيا ۾ ڪٿي ڪٿي موجود آهن؟ ساڳيو ئي معاملو ٻين مذهب ني مڃيندڙن جو به آهي.انهيء کان پوء سياسي تعصب ۾ به ماڻهو پنهنجي لاء مضبوط سهارو تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿاجڏهن دنيا ۾ جمهوري نظام نه هئا ته ماڻهو مختلف سياسي جماعتن ۾ ورهايل نه هئا پر هاڻي اٽڪل هر ملڪ ۾ ماڻهو جمهوريت جي بنياد تي سياسي طور تي به مختلف گروهن ۾ ورهايل آهن ۽ اهي انهن سياسي گروهن يا پارٽين ۾ پنهنجي لاء ڪو مضبوط سهارو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.اهي پنهنجن سياسي ليڊرن جي چوڻ تي وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ لاء به تيار ٿي وڃن ٿا. ڪنهن ملڪ يا رياست جو وجود به ڪنهن انسان لاء ذهني ۽ دلي سهارو هوندو آهي.ڪنهن شخص لاء اهو سهارو ته هن جو به دنيا ۾ ڪو پنهنجو ملڪ آهي.خاص طور تي اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي ملڪ کان ڪنهن ٻئي ملڪ جو سفر اختيار ڪندا آهن.ڌارين جي ڌرتيء تي رهندي انهن لاء پنهن جي ملڪ جي محبت ۽ ياد وڏو سهارو بڻبي آهي. طاقت جو حصول به سهارو طلب ڪرڻ واري نفسيات هيٺ اچي ٿو.انسان طاقت ان ڪري حاصل ڪرڻ گھري ٿو ته جيئن هو ٻين کان محفوظ ۽ سلامت رهي سگھي يا ٻين کي پنهنجو تابع رکي سگھي .اڄ ڪلهه ماڻهن سان گڏ هر ملڪ به اڻ محدود طاقت حاصل ڪرڻ جو خواب ڏسي ٿو.ان جو ئي نتيجو آهي جو پوري دنيا جنگي هٿيار وڌ ۾ وڌ حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ رڌل نظر اچي ٿي.اقوام متحده ۽ ٻين اهڙين بين الاقوامي تنظيمن جي قيام جي پويان به اها ئي مضبوط سهاري واري سوچ ڪم ڪندي نظر اچي ٿي ته جيئن دنيا جي انساني آباديء کي ڪنهن وڏي جنگ جدال کان روڪي سگھجي.اقوام متحده جي تنظيم جي ڪارڪردگي توڙي جو ڪا مثالي نه رهي آهي پر ان جي سمورين ناڪامين ۽ ڪمزورين باوجود حقيقت اها آهي ته دنيا جي رهيل کهيل امن کي بچائڻ لاء في الحال اها ئي قومن لاء آخري سهارو بڻيل آهي. معاشي ۽ دفاعي بلاڪن جو وجود به انهيء ئي مضبوط سهاري واري سوچ جي هڪ ڪڙي آهي.جيئن مسلمان ملڪن او آئي سي جي نالي سان هڪ تنظيم جوڙي رکي آهي،اهڙيء طرح يورپي ملڪن يورپي يونين جي نالي سان تنظيم سازي ڪئي آهي،سارڪ، نيٽو،ٽاپي ۽ سي پيڪ وغيره به انهيء ئي نفسيات تحت عمل ۾ آيا آهن ته جيئن ماڻهن کي سهارو ملي سگھي ته انهن جو آئيندو محفوظ آهي.بين الاقوقوامي اتحاد ۽ اتفاق جي گھرج سدائين رهندي آهي ۽ عالمي امن به انسانيت جو وڏو سهارو آهي.انهيء مقصد جي لاء ئي عالمي ڏينهن ملهايا وڃن ٿا،عالمي رانديون منعقد ڪرايون وڃن ٿيون ۽ مذاڪرا،سيمينار ۽ مباحثا منعقد ڪيا ويندا آهن ته جيئن دنيا جا ماڻهو هڪٻئي جي ويجھو اچن ۽ عالمي ڀائيچاري ۽امن جو ماحول پيدا ٿي سگھي.آخر ۾ روحانيت ۾ مضبوط سهارو ڳولهڻ واري معاملي طرف اچون ته پوء انسان کي پنهن جي ٻاهر جي دنيا کان واپس اندر جي دنيا طرف موٽڻو پوي ٿو.جيئن ته انسان جو گھڻو وقت اڪيلائيء ۾ گذري ٿو جتي هنن کي پنهنجي زندگيء جي سوين مسئلن ۽ معاملن کي روزانو اڪيلي منهن ڏيڻو پوي ٿو ان ڪري هن کي هر وقت ڪنهن اهڙي مضبوط سهاري جي اشد ضرورت محسوس ٿئي ٿي جيڪو اڪيلائيء ۾ به هن جو ساٿ ڏئي.اها هڪ اهڙي لڪيل طاقت آهي جيڪا مادي شين مان حاصل ٿي نٿي سگھي.اها روح جي طاقت آهي جنهن کي روحانيت چيو وڃي ٿو.ان روحاني سهاري جي ضرورت اولهه جي ڀيٽ ۾ اوڀر جي ماڻهن کي وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي.ان جي ضرورت محسوس ته اولهه جي قومن کي به ٿيندي هوندي پر روحانيت نالي شيء تي انهن جي اڪثريت يقين نٿي رکي.اهو ئي سبب آهي جو سمورين مادي سهوليتن ۽ آسائشن جي حصول باوجود انهن قومن ۾ بي سڪوني وڏي پيماني تي موجود رهي ٿي جنهن کي ڪڏهن اهي سيڪس جي ڇڙواڳي ته ڪڏهن نشي آور شين جي ذريعي گھٽائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون.پر جيڪو سڪون روحانيت ۾ سمايل آهي اهو دنيا جي ڪنهن به ٻي مادي شيء ۾ شامل ناهي.روحاني سهارن سوا انسان رڳو جسماني سهارن جي زور تي بيهي نٿو سگھي.