ٻولي جي ساختي جوڙجڪ جا ماهر ٻولي کي نج انفرادي لقاءُ مڃين ٿا. انهيءَ ڏس ۾ فرڊينڊ سوئيسرFerdenand de sussureجو چوڻ آهي ته ٻولي نشانين Signs جو مجموعو آهي. شين يا نشانين جو اظهار Signifier چوَرائي ٿو ۽ انهي اظهار سان ماڻهو جي سوچ ۾ جيڪا صورت اڀري ٿي، ان کي Signified يا مادي يا جامد صورت ٺهي ٿي. انهي صورت يا شڪل جو اظهار هر ٻولي ۾ هِڪ جهڙو ڪونه آهي يا ٻين لفظن ۾ اِها غير منطقي جوڙجڪ يا لاڳاپو آهي. سوئيسر چواڻي ته ٻلي ۾ ڪا اهڙي شيءِ ناهي، جنهن جي ڪري اسين ان کي ٻلي سڏيون ٿا، پر اِهو عمل هِڪ دفعو سماج ۾ رائج ٿي ويو ته اِهو ٻولي جو حصو ٿي وڃي ٿو. اِهو سڀ ڪجهه ڪنهن جي هٿ وس ڪونه آهي ته اِهو ان کي اتان هٽائي سگهي، انهي سڄي عمل کي Signification چئجي ٿو. يعني: جوڙجڪ = نشاني + اظهار/اُچار + مادي صورت اِهو اظهار يقينن انتهائي حيرت انگيز آهي ته ٻولي سماجي ڪارج سان گڏوگڏ حياتياتي جُز آهي. ٻولي هِڪ زنده ۽ ساهه کڻندڙ اهڃاڻ آهي. ٻولي کي مڪمل طرح اڃا تائين سمجهيو به ڪونه ويو آهي. ماڻهوءَ جي ورتاءُ جا سائنسدان اڃا تائين انهي ڳالهه تي بيٺا آهن ته ٻولي ٻن ماڻهن ۾ رابطي جو ذريعو آهي، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. ٻولي پنهنجي ڀرپور بيهڪ ۾ ماڻهوءَ لاءِ هِڪ اهڙو لقاءُ آهي، جيڪو ڪنهن ٻئي جاندار کي حاصل ڪونه آهي. ماڻهو کان علاوه جاندارن کي جيڪا ٻولي اچي ٿي سا حياتي ٻولي چئجي ٿي ۽ اِها آواز ڪڍڻ، شڪار ڳولهڻ، بچاءُ ڪرڻ، ٻوليون ڪرڻ کان وڌ ڪونه آهي. جڏهن ته انسان هِڪ ته اِها ٻولي جيڪا ماءُ ٻولي آهي، جيڪا هُو ڄمڻ کان ٽن سالن تائين سکي ٿو ۽ اِهو وقت آمريڪي ماهر لسانيات چومسڪي جي راءِ ۾ سي پي ايڇ (CPH) سڏائجي ٿو. پڙهائڻ جي علم ۾ ان کي L#1 چئجي ٿو ۽ ٻار جڏهن اسڪول پهچي ٿو ته هن جو واسطو ٻي ٻولي سان ٿئي ٿو، جنهن کي پنهنجي قابليت جي بنياد تي سکجي ٿو، ان کي L2 چئجي ٿو. اهڙي ريت ماڻهو هِڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائي ٿو، ان کي گهڻ ٻولي ڳالهائجندڙ Multilingual چئجي ٿو. لسانياتي تسلط تي ڪم ڪندڙ هِڪ ماهر لسانيات اسڪٽ نوڪنگاس چئي ٿي ته جيئن دنيا ۾ ڪن جاندارن جو نسل ختم ٿي رهيو آهي، اهڙي نموني ڪيترين ئي ٻولين جو جيون پڻ خطري هيٺ آهي، پر جاندارن جي نسل ختم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ دنيا ۾ تنظيمون جوڙيون ويون آهن، جڏهن ته ساڳي ريت ڪنهن ٻولي جو مرڻ جانور جي مرڻ کان وڏو مسئلو آهي ۽ انهي طرف وجه ڏيڻ جي ضرورت آهي، پر افسوس ته انهي طرف ڪوبه ڌيان نٿو ڏنو وڃي ۽ ٻوليون مرڻ وارو سِلسلو جاري آهي. ٻولين جي مرڻ جو سلسلو هِڪ ته فطرتي ٿئي ٿو، جيڪو ماڻهوءَ جي وس کان ٻاهر آهي، پر هِڪ اهڙي حقيقت آهي، جتي ٻولين کي هٿ وٺي ماريو وڃي ٿو. ان کي اسين لسانياتي قتلام يا ٻولين جي نسل ڪشي Linguistic genocide چونداسين، ان جا ڪئين سبب آهن. دنيا ۾ طاقت جو توازن هميشه بگڙيل رهيو آهي، ڪنهن به ٻولي جي تسلسل پٺيان ان جي طاقت Power موجود هوندي آهي. اِها طاقت سياسي فوجي، معاشي ۽ سماجي ٿئي ٿي. اِهو اڳ ڳڻئي دؤر کان جاري و ساري آهي ته سماج ڊهندا ۽ ٺهندا ۽ اهي هِڪ ٻئي ۾ ضم ٿيندا پئي رهيا آهن. هڪڙي دؤر ۾ هڪڙيون ٻوليون شاهوڪار، اهم ۽ قدر جو ڪارڻ ته ٻئي دور ۾ اِهي سُسُي سوڙهيون ماڳهين ڪنهن ميوزيم ۾ سجايل ڪنهن پراڻي شهپاري جي حيثيت وٺنديون رهيون آهن. ڪنهن وقت ۾ لاطيني ٻولي تمام گهڻي سگهاري ٻولي هئي، سلطنت روميه جو سڄو ڪاروهنوار هِن ٻوليءَ ۾ هلندو هو، پر اڄ انهيءَ ٻولي جو اوج ڪٿي آهي. ها البته ائين ٿيو آهي جو لاطيني ٻولي جو لپو Alphabet کڻي دنيا جي تقريباً سؤ ٻولين جي لپي ٺاهي وئي آهي. سِنڪسرت ۽ فارسي تمام گهڻيون اهميت واريون ٻوليون هيون. مغلن جي دؤر ۾ اسان وٽ فارسي ٻولي ڪاميابيءَ جو ڪارڻ هئي، پر اهي ٻوليون آهستي آهستي ٻين ٻولين جي هٿان ڌڪجي پاسي تي ٿي ويون، انهن جي جاءِ وري عربي ۽ انگريزي والاري. انگريزي ٻولي گذريل هِڪ هزار سالن جي عمر جيتري آهي، جيڪا جرمن قبيلن ۽ ايگلو فارمن قبيلن جي بيٺڪيت جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي. ٻولين مان نين ٻولين جو جنم به هِڪ دلچسپ علم آهي. پهرئين ٿورڙي لفظن جي ذخيري تي مشتمل ٻولي Pidgin چورائي ٿي، پوءِ اِها ڪريولCreulٿئي ٿي ۽ پوءِ مڪمل ٻولي. انگريزي ٻولي شروع شروع ۾ اهڙن ئي مرحلن جو مظهر رهي آهي. پوري دنيا ۾ انگريزي ٻولي جو ڦهلاءُ ۽ ان جي هِڪ هٽي قائم ٿيڻ پٺيان به انيڪ محرڪ شامل آهن، جيڪي ٿلهي ليکي هيٺ بيان ڪجن ٿا. انگريزي ٻولي جو اُڀار ۽ ڦهلاءُ ۾ بيٺڪيت جو ڪردار انگريزن جي جنگي ساز سامان ۽ ٻين گهڻين ئي حرفتن تي واپار جو هوندو هو. هو جتي به ويا اُتي جي ثقافت، تاريخ، تمدن، وسيلن زرخيز زمينن ۽ سڀ ڪجهه کي استعمال هيٺ آندائون، انهن پنهنجي بيٺڪيت ۾ کوڙ سهولتون ۽ ادارا به جوڙيا، جن مان گهڻو تڻو فائدو پاڻ کنيائون يا جيڪي به ٿورا ٿڪا خيراتي يا مذهبي مشنري ادارا جوڙيائون، انهن پڻ ماڻهن کي مسيحيت ۾ ويڙهڻ جو ڪم سرانجام ڏنو، انهي کان علاوه انگريزن پنهنجو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ مقامي ماڻهن کي اهي نوڪريون ڏنيون، جيڪي غلاميءَ جو ٻيو روپ هيون. هندوستان ۾ انگريزن جي تسلط هيٺ کوڙ سماجي معاشي ۽ ثقافتي تبديلين جنم ورتو. مثال طور داداڀائي نوروجي لکي ٿو ”ڪنهن به انگريز مرد کي هندوستاني عورت سان شادي ڪرڻ جي اجازت ڪونه هئي ۽ ڪنهن به انگريز عورت کي هندوستاني مرد سان شادي ڪرڻ جو حق ڪونه هو. ايستائين جو انگريزن جيڪي باغ باغيچا، ڪلب ۽ هوٽل ٺهرايا انهن ۾ هِڪ هندوستاني ۽ انگريز هِڪ ئي جاءِ تي ويهي ڪونه سگهندا هئا. ساڳي ريت انگريز آفريڪا ۾ پڻ پنهنجو ثقافتي تسلط قائم رکيو، جتان جو مشهور لسانياتي محقق هوگي واٿنگو چئي ٿو ”انگريزن کي ڪارن جي زمين کپندي هئي، انهي زمين جا وارث نه! انهن پنهنجي ٻولي جي ڦهلاءَ لاءِ اسان جي ڳچين ۾ ”مان گڏهه آهيان، ڇاڪاڻ ته مون کي انگريزي ٻولي نٿي اچي“ جهڙيون عجيب حرڪتون ڪيون، اهڙي طرح مقامي ثقافت، تاريخ، رنگن ۽ رسمن کي تمام وڏو ڪاپاري ڌڪ رسيو. جواهر لال نهرو لکي ٿو ته انگريزن جي اچڻ کان اڳ ڪلڪتا ۽ ممبئي ۾ ڪيئي ٿيٽر ۽ ثقافتي اظهار جا ميلا ٿيندا هئا، جن تي انگريزن پابندي وجهي هتان جي مقامي ڪلچر کي ڪاپاري ڌڪ رسايو. معاشي حوالي سان جيڪو فصل مقامي ماڻهو پوکيندا هئا، اِهو صرف ۽ صرف ڪمپني سرڪار کي ئي وڪڻڻو پوندو هو، انهيءَ سان ڪيئي هاري بکيا رهجي ويا. ساڳي طرح لارڊ ڪرزن جيڪو هندوستان جو طاقتور وائسراءِ ڪري مڃيو وڃي ٿو، جنهن چيو هو ته اِهو اسان انگريزن جو ذمو آهي ته اسين اوهان کي مهذب ۽ تهذيب يافته انسان بڻايون، White man's جڏهن ته هندستان لاءِ هن Sub humans يعني اڌ انسان، ڪارن لاءِ No human جهڙا محاورا جوڙيا. اهڙي سوچ ۽ ملٽري طاقت ثقافتن جون ثقافتون تهس نهس ڪري ڇڏيون. سامراجي ثقافت ۽ سامراجي لسانيت مقامي ماڻهن جي لباسن ۽ ريتن رسمن ۾ گهڙي آئي، انهيءَ کانپوءِ باقي رهيل ڪسر ميڪالي جي تعليمي پاليسي پوري ڪري ڇڏي، جنهن چيو ته اسان کي رنگ نسل ۾ انڊين ۽ سوچ ۽ ذائقي ۾ انگريز هندوستاني کپي ۽ هُو اڄ به پنهنجي سوچ ۾ ڪامياب آهن. تاريخ جا ستم ۽ تهذيب جا ڌڪ تمام گهڻا گهرا ٿين ٿا، ماڻهن جو وڏو انبوهه ۽ سندن ثقافت ٻولي ملي ڪري مقامي ٻولي ۽ ثقافتن کي دسي وجهندي آهي. اسڪاٽ لينڊ جي اصلي ٻولي ۽ سندن ثقافتن جا نمائندا تمام ٿورائي ۾ هئا، ان ڪري انهن مٿان انگريزي ٻولي مڙهي وئي. ساڳي طرح ڪئنيڊا، اتر آمريڪا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ٻيٽن، ويسٽ انڊيز ۽ ايسٽ انڊيز تائين انگريزي ٻولي جي سامراجيت پهچي پوري ثقافتي يلغار سان مقامي ثقافت ۽ مقامي اهڃاڻن تي تيزيءَ سان حاوي ٿي ويون ۽ ڏسندي ئي ڏسندي مقامي ڪلچر ۽ مقامي ٻوليون ائين ختم ٿي ويون جيئن ڪو هٿ جي تري تي ڪجهه رکي ڦوڪ ڏئي ڇڏي. ثقافتي ۽ لسانياتي سامراجيت جو نئون روپ Neo imperialism through culture and language هن وقت ظاهري طور هندوستان، هانگ ڪانگ ۽ ٻيا کوڙ ملڪ آهن، جيڪي انگريزن جي سڌي قبضي کان آزاد ٿي چڪا آهن، پر نه صرف اهي علائقا ملڪ آهن، جيڪي اڻ سڌي طرح انگريزن جي قبضي هيٺ آهن ۽ ٻيا آهن، جيڪي اچي رهيا آهن. اسان وٽ انگريزي اسڪول ۽ انهن پاران تيار ڪيل نصاب، اڄ به اسان کي انهن طرف جهڪاءُ جو وڏو ڪارڻ آهي. پوري دنيا ۾ ٽيڪنالاجي، سائنس دواسازي ۽ ٻين انيڪ شعبن ۾ مواد، ڪتاب انگريزي ٻولي ۾ ڇاپيا وڃن ٿا ۽ اهڙيءَ ريت جيڪو ماڻهو انگريزي پڙهيل نه هوندو اِهو پٺيان رهجي ويندو. يعني انگريزي ٻولي کي ڪرنسي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو آهي. هر روز لکين هزارين لفظن جا ڀنڊار فيشن، ڊزائننگ ۽ مشينري جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن. لسانياتي سامراجيت تي تحقيق ڪندڙ رابرٽ فلپن اهڙي عمل کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چئي ٿو ته ”دنيا ۾ جيترو ڦهلاءُ ميڪڊونلڊ ۽ ڪي ايف سي جو ٿيو آهي ۽ انهي کي واپرائڻ لاءِ جهڙي طريقي سان ثقافتي ناهمواري پيدا ڪئي وڃي ٿي، انهي سان انگريز ڪلاس جو ماڻهو ٻين کان مٿانهون ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو.“ اهڙن سڀني عملن سان هِڪ اهڙي سوچ جڙي ٿي، جنهن سان عالمي سامراجيت کي هٿي ملي ٿي ۽ اهڙي ريت هُو پنهنجو تسلط قائم رکن ٿا. ڳالهه سمجهڻ ۽ سوچڻ جي آهي. دنيا جون ڪئين ٻوليون ۽ ثقافتون سامراجيت جو ڪارڻ رهيون آهن، اِهو سلسلو هلندو رهي ٿو. اڄ جيڪڏهن دنيا ۾ انگريزي ٻولي ۽ ثقافت جي سامراجيت آهي ته سڀاڻي ڪا ٻي ٻولي ۽ ثقافت اهڙو روپ ڌاري سگهي ٿي. جهڙي طرح ٻي هر شيءِ وانگر ٻاهرين سامراجيت ۽ يلغار جي ور چڙهي رهي آهي، تهڙي ريت سنڌي ٻولي به محفوظ ڪونه رهي آهي. سنڌي ٻولي کي گهڻ طرفا مسئلا سامهون آهن. هِڪ ته سنڌي ٻولي ڪرنسي ٻولي ڪونه ٿي آهي. ماڻهو سنڌي پڙهي يا پڙهائي ڪهڙيون ڪليڪٽريون وٺي سگهندا؟ عام ماڻهوءَ جي اِها ئي سوچ آهي جو ٻولي هڪ هنر پڻ آهي، پر اهڙو هنر جنهن مان گهڻي معاشي اپت ڪونه ٿي سگهندي هجي، ان جو قدر ڇا ٿو ٿي سگهي؟ اوهين بهتر سمجهي سگهو ٿا. ان کان علاوه اڃا تائين سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڪونه ملي سگهيو آهي. ان درجي ملڻ سان گهٽ ۾ گهٽ ٻولي کي تحفظ ۽ تشخص لاءِ سرڪاري پٺڀرائي ۽ فنڊز ملي سگهن ٿا، جنهن سان پڻ گهڻو فائدو ٿي سگهي ٿو. ورهاڱي کانپوءِ لکن جي تعداد ۾ پناهگير پهتا، جن کي سنڌ ۾ ترسايو ويو، جنهن کي اڄ سوڌو سنڌي ٻولي ۽ ثقافت سمجهه ۾ ڪونه آئي آهي. حالانڪه هي ڪو الجبرا جو حساب ڪونه آهي، پر ٿيو ائين جو هِڪ نسلي سياسي تنظيم جنهن جو جياپو به انهيءَ ڳالهه تي آهي ته اوهان جيڪڏهن پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت ڇڏي ته ڄٽ ٿي ويندا ۽ مقامي ماڻهو جيئن ته سادا ۽ اٻوجهه آهن، ان ڪري انهن جي ٻولي ۽ ثقافت سکڻ سان ڪو فائدو ڪونه آهي ۽ اِهو مفروضو اڄ سوڌو کين ڪم پيو اچي، جو چيني ۽ چترالي ماڻهو سنڌي ٻولي سکي ويا ۽ ڳالهائين پيا، پر 70 سالن کان هن ڌرتي تي موجود پاڻ کي هتان جو واسي سڏرائيندڙ اڄ به ”ڏيڏر“ چوندي ڏڪندو آهي. انهيءَ ڳالهه جو به خوب اندازو هجڻ گهرجي ته ٻوليون صرف جذباتن سان نه بلڪه وڏين حڪمت عملين سان محفوظ ٿينديون آهن. سنڌي ٻولي گهڻو تڻو ٻهراڙين، واهڻ وستين ۾ زندهه آهي، پر افسوس ته هاڻ سنڌ جا ڳوٺ ۽ واهڻ وستيون کنڊر بڻجندا وڃن پيا ۽ ماڻهو روزگار ۽ نوڪرين سانگي اتان ٻاهر آيا آهن، نتيجي ۾ سندن ٻار اسڪول پڙهن ٿا. جيئن ته سرڪاري اسڪولن ۾ ڪجهه به ڪونه آهي، ان ڪري نالي ۾ نهال خانگي اسڪول انگريزي ٻولي جو وکر وڪڻي اهڙن گراهڪن کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪن ٿا، اهي ٻار وڏا ٿي سنڌي ٻولي سان اها جذباتيت ڇو ته رکندا؟ انهيءَ کان علاوه ميڊيا ۽ ڊجيٽل گجيٽس (سامان) جي ڀرمار جي ڪري ماڻهو انهن جا عادي ٿي رهيا آهن ۽ سنڌي ٻولي ۾ جيئن ته انهن لاءِ ڪابه لغت ۽ لفظ موجود ڪونه آهي ته اهڙي ريت سنڌي ٻولي پنهنجي اندر ۾ جهري رهي آهي. ٻولي جي ڦهلاءُ ۾ ميڊيا جو وڏو ڪردار هوندو آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌي ڪيبل چئنلن تي جهڙي نموني سنڌي ثقافتن ۽ ٻولي ۽ ان جي رهواسين کي وڏيرو، ڪمدار، صدورو ڌاڙيل ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو، انهي سان جيڪو نقشو جڙي ٿو، ان مان مطلب اِهو ئي نڪري ٿو ته هِي ڪو اهڙو علائقو آهي، جيڪو هزارين سال پٺ تي آهي، جن جي هٿ ۾ اڃا تائين رائيفل موجود آهي ۽ انهن جي گهرن ۾ ائين رليون ٽنگيون پيون آهن. اهڙو بيٺل ۽ جامد ڪلچر هِڪ عجيب ئي اهڃاڻ ٺاهي سگهي ٿو. سنڌي ٻولي لاءِ موبائل ايپليڪيشن اڃا تائين نه جڙي سگهيو آهي. مارڪيٽ ۾ هوڪا، واڪا، واڪ ۽ نعرا بينر ۽ ٻيو سڀ ڪجهه سنڌي ٻولي ۾ ڪونه ٿو ٿئي. سنڌي ٻولي ۾ سٺو ادب سرجي رهيو آهي، پر افسوس ته اهڙي ادب جي سرڪاري ۽ ادارتي همت افزائي ڪونه ٿي ٿئي، تنهن ڪري اِهو فقط وقتي وندر رهي ٿو ۽ اڳتي هلي اِهو ڪل وقتي ڪرت ڪونه ٿو بڻجي، جيڪو ان کي ڪل وقتي بڻائي ٿو. اِهو خود شيخ اياز ۽ نسيم کرل جيان شاهوڪار هجي ته انهن جا شاهڪار به شاهوڪار رهن ٿا، پر جيڪڏهن پئسي ڏوڪڙ ۾ سرس ناهي ته انهن جا ڪتاب يا انهن جون لکڻيون ڇپجڻ کان رهجي وڃن ٿيون ۽ آخر ۾ هُو ڪسمپرسي ۽ مفلسي ۾ مري وڃن ٿا. ثقافتي ۽ لسانياتي سامراجيت جا ڪئين روپ آهن، ان کي سمجهڻ ۽ پنهنجي ٻولي کي بچائڻ پنهنجي اظهار ۽ پنهنجي وجود کي بچائڻ آهي، ان لاءِ متحد ٿي ايمانداراڻي جدوجهد جي ضرورت آهي ۽ جدوجهد قرباني ۽ وقت جي گهرجائو ٿئي ٿي. 24/09/2018 daily Sindh express Hyderabad