شفيق الرحمان شاڪر هيء جو چيو ويندو آهي ته انسان ارتقا يا اوسر ڪئي آهي ته ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته انسان ترقي ڪئي آهي.ارتقا يا اوسر هڪ حياتياتي حقيقت آهي،انهيء مان مراد اخلاقي بهتري هرگز ڪانهي.اها ڳالهه ئي غلط آهي ته دنيا ڪا ترقي ڪئي آهي.سڪندر اعظم هجي يا ڊونلڊ ٽرمپ، تاريخ ۾ صرف طاقتور ئي پنهنجي ڳالهه مڃائي آهي.ڏسڻ ۾ هي جيڪي آئن اسٽائين جهڙن سائنس دانن ۽ ماضيء جي ٻين وڏن وڏن فلسفين جي حوالي سان دنيا جي ترقيء جون ڪهاڻيون ٻڌايون وڃن ٿيون اهي سڀ فضول قسم جون ڳالهيون آهن.زمين تي ڇهه عرب انسان وسن ٿا.هي فلسفي ۽ سائنسدان ماضيء ۾ سڪندر اعظم جي ڪڇ ۾ ويٺل هئا ۽اڄ اهي سڀيئي گڏجي ڪري دنيا جي ظالم طاقتورن جي طاقت ۾ اضافي جو سبب بڻجي انهيء کي پنهنجي جديد فلسفياڻن ڪارنامن ۽ سائنسي کوجنائن جو نالو ڏيندا رهيا آهن.آمريڪا جنهن پهريون ايٽم بم ٺاهيو نه رڳو ٺاهيو پر انسانن مٿان استعمال به ڪيو پر پوء به هو دنيا ۾ امن جو عظيم علمبردار ئي قرار ڏنو ويو.سڄي انساني تاريخ اهڙن ئي بد معاشن جي بد معاشين سان ڀري پيئي آهي.هٽلر کي جنهن زماني ۾ طاقت جو بخار چڙهيو ته ان وقت جي سموري جرمن دانش،فلسفو ۽ سائنس هٽلر جهڙي پاڳل ماڻهوء جي جنوني خواب کي تعبير ڏيڻ لاء سندس درٻاري بڻجي ويا.تاريخ جو ڪهڙو به دور هجي،ظالم هميشه پهرين کان وڌيڪ طاقتور ٿيندو رهيو آهي.علم ۽ عقل سڀ کان وڌي ڪري قاتلن جي مدد ڪئي آهي.عدل ۽ انصاف هميشه پهرين کان وڌي ڪري پائمال ٿيندو رهيو آهي.مطلب ته دنيا جيئن پوء تيئن زوال طرف ئي وڌندي رهي آهي ۽ اوسر يا ارتقا جي نالي تي هڪ لاڳيتو اخلاقيات ۽ قدرن جي بربادي وڌندي رهي آهي.سوال اهو ته دنيا ته ڇهه بلين انسانن جي دم سان دنيا سڏائي ٿي.چار پنج فلسفي يا سائنسدان جيڪي خاص ٿين ٿا،اهي پوري دنيا جي انسانيت جي آئيندي جو فيصلو ڪيئن ٿا ڪري سگھن؟هيء زمين ته عوام جي آهي؟ زمين جي هر شيء ۽ وسيلا به عوام جا آهن.هي ڍنڍون.درياء،سمنڊ، ٻيلا، ميدان ۽ جھنگل به عوام جا ئي آهن.عوام ئي هڪ ٻئي سان رشتا ناتا جوڙي ٿو،هڪ ٻئي سان وڙهي ۽ پرچي ٿو.کلي۽ روئي،مري ۽ جيئي ٿو ته پوء اصل فلسفو ته عوام جو آهي جيڪو هلڻ گھرجي، انهن جي سوچ ئي اصل سوچ هئڻ گھرجي.اهي عام ماڻهو جن کي اڻ پڙهيل ۽ جاهل چيو وڃي ٿو. جن کي ٻن ٽڪن جو عام مزدور سمجھيو وڃي ٿو.اهي ڊرائيور،ڪلينر،ڌوٻي، ڪاسائي، رازا ۽ واڍا، اهي گاڏن ۽ ريڙهن وارا،اهي گڌهه هڪلڻ وارا،اهي رڪشا وارا ۽ پان وڪڻندڙ، اهي ئي ته اصل ماڻهو آهن،اهو ئي ته عوام آهي.ماڻهو جيڪي ڪجهه سوچين ٿا فلسفو ته اهو هئڻ گھرجي.ماڻهو جيڪي ڳالهائين ٿا اهو هئڻ گھرجي نظريو.پر ماڻهن جو اهو فلسفو،سوچون ۽ سائنس ڪهڙن ڪتابن ۾ آهن؟بادشاهن جي دور ۾ به اهي ئي عام ماڻهو چند اشرافيا جي لاء جيئندا ۽ مرندا هئا ۽ اڄ به اهي ئي انهن لاء وڌيڪ انگ ۾ مري رهيا آهن.ڪٿي آهي اها ترقي جيڪا ايڪويهينء صديء ۾ لاڳيتو مختلف بيانين جو حصو رهي آهي؟ هتي ته زوال ۽ برباديء جو هڪ المناڪ داستان وکريل آهي.هڪ اهڙي تاريخ جنهن جا عقلمند ڪڏهن ارسطو بڻجي سڪندر جي پٺي ٺپرين ٿا ته وڃ! ۽ وڃي شريف هندستان کي ڦري لٽي اچ.۽ ڪڏهن آئن اسٽائين بڻجي روز ويلٽ کي صلاحون ڏين ٿا ته جرمنيء کان پهرين ايٽم بم ٺاهي وٺ،نه ته جيڪر جرمنيء اهو ٺاهي ورتو ته اهو دنيا کي تباهه ڪري وجھندو.ظلم جو رت سان رنگين اهڙو داستان جنهن جي هر هر صفحي تي ڪربلا پکڙيو پيو آهي.ڪنهن ڪهڙي ترقي ڪئي؟ بيانين ۽ دعوائن کان ٻاهر به ڪنهن جيڪر ڪا ترقي ڪئي آهي ته ضرور ٻڌايو.ڪائي ترقيء نالي شيء نه ٿي آهي.بر صغير ۾ سنڌ جي امن پسند ۽ جنگين جي نالي کان اڻ ڄاڻ وادين جي زماني کان هندستان ۾ ويدن جي عروج واري زماني تائين جو فڪري اثاثو هڪ طرف جڏهن ته يونان کان شروع ٿيندڙ نئين قسم جو عقل جنهن کي بعد ۾ فلسفي جو نالو ڏنو ويو ۽ جنهن هميشه طاقتور ظالم بادشاهن جي طاقت ۾ واڌاري لاء پنهنجو پاڻ کي بنان روڪ ٽوڪ جي استعمال ڪيو،زمين جي گولي تي باهه ۽ رت سان تاريخ لکڻ جو دور آهي.عقل قاتلن جي خدمت ڪئي ۽ ماڻهن دل جي ڳالهه مڃي ۽ انهن جي دل ڪڏهن ڪهڙي ته ڪڏهن ڪهڙي نعري ۽ اعلان تي جيڪار چئي.دل جو مسئلو اهو آهي جو هن وٽ عقل نه هوندو آهي.عقل عيار ۽ مڪار سوين ويس بدلائي وٺي ٿو.ويچارو عشق ڪيڏانهن وڃي جيڪو نه ته زاهد آهي نه ملان ۽ نه دانشور.توڙي جو ان تاريخ ۾ اهڙا موڙ به آيا جو اهڙين دلين ڌڙڪڻ سکيو۽ سيکاريوجيڪي بصيرت جون صاحب هيون.پر مجموعي طور تي زماني رڳو عقل کي ئي رهنما تسليم ڪيو آهي. انهيء حقيقت کان منهن موڙيندي ته جنون به صاحب بصيرت هوندو آهي.پر گھڻين دلين قدم قدم تي انڌن ۽ مست هاٿين جي غلامي ڪندڙ عقل جي رهنمائيء جو بندوبست ڪيو.دنيا تي جيڪي قابض هئا سي قابض ئي رهيا ۽ اڄ به قابض آهن.اهڙن دلدارن کي جيڪر سندن چاهيندڙن پاران وساري نه سگھيو ويو ته سندن بعد سندن يادن کي ئي ان واپار جي جنس بڻايو ويوجنهن جو ڪم ئي زمين ۾ فساد پکيڙڻ ۽ مسلسل فساد پکيڙڻ هو.اها ڳالهه ئي غلط آهي ته دنيا ۾ علمن ۽ فنن ڪا ترقي ڪئي آهي.سائنس ڪي نوان راز کوليا آهن؟ڪهڙا راز؟ اهو ته دنيا جي انسانن کي سيڪنڊن ۾ تباهه ۽ برباد ڪيئن ڪري سگھجي ٿو ۽ انساني آبادين کي مفلوج ۽ معذور ڪيئن بنائي سگھجي ٿو؟ڪائنات جي ڪهڙن رازن تان پردو کنيو؟سائنس ۽ دانش انسانيت کي ڪهڙي تهذيبي بلنديء تي پهچايو؟ان جي ابتڙ انسانيت جيئن پوء تيئن زوال ڏٺو آهي.اخلاقي قدرن جي زنجير ٽٽي ته ٻين ڪمزور ملڪن تي چڙهائي سهي جو شڪار بڻجي ويو.“ تو منهن جو پاڻي ڇو گندو ڪيو؟” واري آکاڻي بگھڙ ۽ رڍ جي ٻچي کان ترقي ڪري ٽرمپ ۽ فلسطين تي وڃي دنگ ڪيو.دنيا هميشه قاتل ڏٺا ۽ مقتول پنهنجي جانين جي زڪوات ڏيندا رهيا.سڀ جو سڀ فن ۽ فلسفو قاتلن جو زر خريد غلام رهيو ۽ اڄ به آهي.ضرورت آهي ته اهڙي فلسفي جي جيڪو دنيا جي ڇهه ارب انسانن تخليق ڪيو هجي.اهو فلسفو اهي روايتون ۽ پختا عقيدا آهن جن جي بنياد تي اهي پنهنجي زندگيء جو هر پل جيئن ٿا.اهي فلسفا جن ۾ سچن جذبن جي سرهاڻ ۽ بي اختيار ڳوڙهن جي آلاڻ آهي.اهي فلسفا عظيم انساني ميڙ جي گڏيل روح جي چشمي مان بوڙيون ڏيئي ٻاهر نڪرن ٿا ۽ آسماني صحيفن جي صورت اختيار ڪري زمين تي نازل ٿين ٿا.اهي عقل ۽ دانش جا ڪرشما ناهن هوندا جو عقل ته گمانن ۽ وهمن جو گھر آهي.اهي فلسفا ته دلين مان ڦٽن ٿا جيڪي دليون صرف يقين جو گھر هونديون آهن.مطلب ته هي جو چيو وڃي ٿو ته انسان دنيا ۾ ارتقا يا اوسر جون منزلون طيء ڪيون آهن انهيء جو مطلب اهو هرگز ناهي ته انسان ترقي ڪئي آهي.ارتقا جي ڳالهه انسان جي هڪ حياتياتي حقيقت طرف اشارو آهي،هن جي اخلاقي بهتري ۽ ترقيء طرف نه. هونئن به اخلاقي بهتريء جو عمل سائنس ۽ فن سان تعلق ئي نٿو رکي.اخلاقي بهتريء ۽ ترقيء جو سڌو سنئون واسطو دلين جي بهتري ۽ ترقيء سان آهي ۽ دلين جي ترقي ۽ بهتري ئي عملن جي بهتري ۽ ترقيء جي ضمانت هوندي آهي.