• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سر سريراڳ جو فلسفو

محراب علي سنڌي

سينيئر رڪن
سر سريراڳ جو فلسفو۔



(Siri Rag)



شاهه جي رسالي ۾ هڪ سر جو نالو. ”سري راڳ“، هندوستان جي مکيه راڳن مان هڪ آهي. ان جي ڳائڻ جو مکيه وقت، شام 4 وڳي کان 8 وڳي تائين هوندو آهي. هي هڪڙو ئي مکيه راڳ آهي، جيڪو شاهه جي رسالي ۾ آهي. هن سر ۾ شاهه صاحب، مهراڻ، معلمن، ملاحن ، غواصن ،سامونڊين، ٻيڙين، ٻيڙياتن، غورابن، ۽ جهازن جي مثالن وسيلي انسان کي روحاني هدايت ڏني آهي.
⬅⬅⬅⬅⬅⬅➡

لُڙَ، لَهِريون، لَسَ، ليٽَ، جِتي اَنتُ نه آبَ جو؛
الله! اُتِ مَ اولِئَين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ؛
جوکو ٿِئي مَ جَهازَ کي، ڦَرَهي اَچي مَ ڦيٽَ؛
لڳي ڪا مَ لَپيٽَ، هِنَ غارِيـبي غُرابَ کي!

سِڙهَ سَنوان، لاڄُو نَوان، مُهاڻا سندن مِيرَ؛
ساٿِي سَفَرِ هَليا، ٿِيا سَڻاوا سِيرَ؛
جي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙا رَکِين ٻاجَھ سين.
 
Back
Top