انصاف جي اوسيئڙي ۾ ويٺل فرزانا جمالي. تحرير: ڪامريڊ منان چانڊيو . 7-10-18 فرزنا جمالي سان پيش آيل افسوسناڪ واقعي کي هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي، ان عرصي دوران سنڌي نياڻي سان سنڌ سرڪار ۽ يونيورسٽي انتظاميان پاران انصاف بدران سندس والد استاد اعجاز علي کي جيل تائين پهچايو ويو. ان کان علاوه ھُن جي ڀاءُ زوهيب به مبينا بم ڌماڪي ۾ زخمي هوندي به جوابدار طور پوليس ۽ ٻين ايجنسين جي تحقيقاتي عتاب هيٺ آھي. نه صرف اهو پر جيڪي سڄاڻ ڌريون ۽ فرد مظلوم نياڻي جي قانوني ۽ اخلاقي مدد ڪري رهيا آھن انهن کي به سنڌ حڪومت جا دادلا ھمراھ ڊيڄاري رهيا آھن، اهڙين ڏکين حالتن هوندي به فرزانا جمالي حق ۽ سچ جي سوڀ لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ نڪري باطل قوتن کي للڪاري رهي آھي. اڄ ڀلي کڻي حڪومت پاران قائم ڪيل مختلف ڪميٽين يونيورسٽي جي سموري انتظاميان کي بيڏوهي قرار ڏنو آھي، پر هن سان جيڪي سنڌ ڄايون بک هڙتالي ڪيئمپ تي ڪلهو ڪهلي ۾ ملائي ويٺيون آھن، ان مان اهو صاف ظاهر نظر اچي ٿو ته اڃان سنڌ گدڙن ڪونه کاڌي آھي. سنڌ واسين کي سرڪاري ڪميٽين جي شفافيت ۽ حيثيت جي خبر آھي ته اهي ڪيتريون آزاد هونديون آھن، ۽ انهن جو ضمير ڪيترو اڇو اجرو هوندو آھي. بحرحال شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاھ جي انگلش شعبي جي هوشيار شاگردياڻي فرزانا جمالي پاران اداري جي هڪ استاد عامر خٽڪ تي جنسي حراسمينٽ ڪرڻ واري هنيل الزام کان پوءِ جتي سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙھندڙ ھزارين شاگردياڻين ۾ خوف، بيچيني ۽ ڪاوڙ جي لهر پيدا ٿي وئي آھي. اتي سڄي سنڌ ۾ سنڌي نياڻي جي حمايت ۽ يونيورسٽي انتظاميان خلاف نه کٽندڙ احتجاج جو سلسلو جاري آھي، ستم ظريفي جي ڳالھ ته سنڌ جي اعليٰ درسگاهن ۾ ڪيتري وقت کان نياڻين سان اهڙي قسم جون بيهود گيون ٿينديون پيون اچن، جن جو ڪوبه مناسب تدارڪ ڪونه پيو ٿئي. جنهنڪري اهڙين واقعن ۾ واڌ ٿي رهي آھي الزام هڻندڙ ۽ جن تي الزام لڳن ٿا اهي پنهنجو پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائيندا آھن، اها به حقيقت آھي ته جڏھن به ڪنهن ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ اهڙي قسم جا منجهيل واقعا رونما ٿيندا آھن ته هڪ طرف متاثر نياڻين جي حمايت ۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين ۽ سڄاڻ فردن پاران احتجاجي مظاهرا ريليون، بک هڙتالون ڪيون وينديون آھن، ته ٻئي پاسي الزام هيٺ ايندڙن کي بچائڻ لاءِ سرڪاري ۽ انتظامي ڌريون به سرگرم ٿي وينديون آھن، ٽئين طرف سموري مامري جي تھ تائين پهچڻ واسطي ڪميٽيون قائم ٿينديون آھن. جيڪي هڪ ته درست نموني جاچ ڪونه ڪنديون آھن، ٻيو ته وقت اندر پنهنجي رپورٽون پڌريون ڪونه ڪنديون آھن، ٽيون مامري کي لئي مٽي ڪري ڇڏينديون آھن، نتيجي ۾ ڪنهن به مجرم کي جوڳئي سزا ڪونه ملندي آھي. هن ڀيري فرزانا جمالي واري واقعي ۾ ڪجھ ان قسم جي صورتحال ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مثال طورتي الزام هيٺ ايندڙ همراھ وڏي ٺٺ ٺانگر سان يونيورسٽيءَ جي ٻين اعليٰ عملدارن جن ۾ وي سي ارشد سليم آرائين به شامل آھي گڏجي پاڻ کي بيڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ پريس ڪانفرنسون ڪندو پئي وتيو. هتي اهو به ٻڌائيندا هلون ته مڙئي فارملٽي طور عامر خٽڪ معطل ٿيو، پر افسوس ان ڳالھ جو پڻ آھي ته صوبائي وزير صحت ۽ وڏي ورئيس جي ڀيڻ عزرا پيچوهو وزيراعليٰ ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي رپورٽن اچڻ کان پهريون ئي فرمايو، ته فرزانا جمالي ڪوڙ ٿي ڳالهائي ۽ ڊرامي بازي ڪري رهي آھي. محترمه اهو به چيو ته سنڌ ۾ اڪثر ڪري ڇوڪريون مارڪون حاصل ڪرڻ جي بهاني معزز استادن تي هٿ ٺوڪيا الزام مڙهينديو آھن. ميڊم صاحبه جي اهڙي غير ذميورا ۽ غير سنجيده جملن تي پوري سنڌي قوم ڏکاري آھي، سندس جي اهڙي گفتگو تي پاڻ کي اڳوڻي فوجي آمر پرويز مشرف جو اهو بيان ياد ٿو اچي، جيڪو هن پنجاب جي مختاران مائي سان پيش آيل اجتمائي ڏاڍائي واري ڪمينائپ واري ڪڌي ڪم کان پوءِ جاري ڪندي چيو هيو ته، پاڪستان ۾ ڪنهن به عورت کي غير ملڪي ويزا ۽ ججها ڏوڪڙ حاصل ڪرڻا هوندا آھن، ته پوءِ اهي پاڻ سان ريپ ٿيڻ جا قصا گهڙينديون آھن. خير اهي ته اخلاق ۽ غيرت کان وانجهيل ڳالهيون هڪ غاصب جون هيون پر سنڌي قوم سان تعلق رکندڙ هڪ عورت جيڪا ادي ۽ ادي جهڙين معتبر شخصيتن جي ڀيڻ هئڻ سان گڏوگڏ وزير هجي، اها جيڪڏھن اهڙي واحياتپڻي جي ڳالھ ڪري ته پوءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو. اسان جي فل پاور وزيرياڻي نه بينظير يونيورسٽيءَ جي انتظاميان سان باقائده ان واقعي کان پوءِ ملي، معلومات ورتي نه وري متاثر خاندان وٽ ڪهي کائن ڏکوئيندڙ مامري بابت آڏي پڇا ڪئي. ته پوءَ کيس ڪٿان الھام ٿيو ته فرزانا جمالي ڪوڙي ۽ عامر خٽڪ نيڪ صالح ٻانهون ۽ کير وانگر اڇو اجرو آھي .محترمه کي اهو به احساس ڪونه ٿيو ته سندس اهڙين غير ضروري ۽ ھلڪڙين ڳالهين جي ڪري سنڌ جي درسگاهن ۾ زير تعليم نياڻين جي توهين ٿيڻ کان علاوه جاچ ڪميٽين تي به اثر پوندا . ڀلا اسان جي حڪمرانن کي ڪهڙي خبر ۽ پرواھ آھي ته سنڌي سماج ۾ ننگن ۽ دنگن جي حفاظت لاءِ جان جا نظرانا ڏناويندا آھن. اڄ جڏھن فرزانا جمالي سان درپيش ايندڙ افسوس ناڪ واقعي تي وڏي رئيس جي سنگت کي پنهنجي ڳوٺائي نياڻيءَ تي احساس ڪونه ٿو اچي ، ته پوءِ پاڻ کي بلوچ اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي جي پوڙھائپ واري عمر ۾ بهادري ۽ ننگن تان نثار ٿيڻ وارو سونهري ڪارنامو ياد اچي ٿو. جيتوڻيڪ بگٽي خاندان جو ماضيءَ وارو ڪردار حب الوطني ۽ عوام دوستي وارو ڪونه رهيو آھي، ڇو ته انگريز سامراج جي حمايت کان ويندي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ بلوچن جي ٿيل بيگناھ ڪوس تائين اهي سرڪاري ڌر سان گڏ هئا. پر جڏھن مشرف جي دور ۾ نواب اڪبر بگٽي جي اباڻي ڳوٺ ڊيرا بگٽي جي هڪ سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽر شازيه بلوچ سان هڪ حاضر سرورس فوجي آفيسر جنسي ڏاڍائي ڪئي، ته پوڙھو شينهن گجگوڙ ڪڙي هٿيار کڻي وڃي پهاڙين تي پهتو . ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ مهمان ٿي آيل نياڻي جي لڄ خاطر جام شھادت پيتو. ۽ پنهنجي خاندان پاران وطن ۽ قوم سان ڪيل بيوفائي جو بدلو چڪائي ڇڏيو. اسان اهو ڪونه ٿا چئون ته زرداري خاندان جا فرد سنڌ سرڪار جا ڪارندا ۽ پ پ جا چونڊيل عيوضي قمر بند ٿي ڀولو پهلوان بنجي فرزانا جمالي ۽ ان جهڙين ٻين سنڌي نياڻين سان بيواجبيون ڪندڙ بد اخلاق ۽ بد ڪردرا فردن خلاف ميدان ملهائين، پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌي سماج لاءِ بدنماءَ بنيل داڳ ۽ ناسور وارو شيطاني ڪردار ادا ڪندڙن جو ساٿ ڏئي ظلم جي ستايل نياڻين جي ڪومل جذبن کي نه مرجهائين. فرزانا جمالي واري مامري ۾ عامر خٽڪ، وي سي ارشد سليم آرائين کان ويندي عزرا پيچوهو صاحبه جو موقف ڇسو ۽ کل جهڙو آھي، جيڪي سڀئين حضرات ڪورس جي انداز ۾ فرمائين ٿا ته مزڪوره شاگردياڻي پڙھائي کي گهٽ وقت ڏيندي هئي، انڪري جڏھن استاد مٿس حاضري لاءِ سختي ڪئي ته هن ڊرامي بازي شروع ڪئي آھي. ڏيو معزز ماڻهن جي ڏاهپ ۽ سنجيدگي کي منهن، جيڪڏھن فرزانا جمالي پڙھائي کي وقت گهٽ ڏيندي هئي ته پوءِ هوءَ پوزيشن هولڊر ڪيئن ٿي. ڇا يونيورسٽي جا استاد، ليڪچرار ۽ پروفيسر شاگردن سان ايئن سختي ڪندا آھن جيئن پهرين درجي کان ڏهين درجي تائين جي شاگردن سان ڪيو ويندو آھي، ستم ظريفي جي ڳالھ ته وزيراعليٰ پاران فرزانا جمالي واري مامري تي قائم ڪيل جاچ ڪميٽي ٽن چئن ڏينهن جي هڻ وٺ ڊڪ ڊوڙ ۽ ڳوڙھي جاچ جوچ کان پوءِ، ڏاڍي سهڻي ۽ فٽافٽ طريقي سان انتهائي چٽن اکرن ۾ تحرير ڪيل رپورٽ جاري ڪندي، شاگردياڻي کي ڪوڙو ۽ عامر کٽڪ کي مسجد جو ڪک قرار ڏئي ڇڏيو آھي. ٻئي ڳالھ به ڏاڍي دلچسپ هئي ته رئيس وڏي جي ڀيڻ ان روورٽ اچڻ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ فرزانا جمالي کي ڪوڙو ۽ ڊرامي بازي جي لقبن سان نوازيندي، عامر خٽڪ کي بيڏوهي ڄاڻايو هيو. ظاهر آھي ته جڏھن عزرا پيچوهو جھڙي بااختيار عورت سا به وزير هوندي اهڙي گفتار ڪري ته پوءِ ڪهڙي مجال ۽ طاقت آھي هڪ ٺڙڪائو ڪميٽي کي جيڪا ان جي ابتڙ رپورٽ ڏئي. اسان کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته فرض ڪريو ڪا ڇوڪري پنهنجي استاد تي جنسي حراسمينٽ جو ڪوڙو الزام هڻي، ته پوءِ ان مان هن کي حاصل ڇا ٿيندو؟ ڇا اهڙي عمل سان ان شاگردياڻي جي ذاتي زندگي يا تعليم ڪيريئر تي منفي اثر ڪونه پوندا؟ ڇا موجوده مرداڻي سماج ۾ ان ڇوڪريءَ کي لوڪ جا طعناٰ تنقا ڪونه ملندا؟ ڇا اها نياڻي پنهنجي ڪلاس فيلوز سهيلين ۽ خود استادن، ليڪچرارن، پروفيسرن کان ويندي هيٺيئن اسٽاف جي اڳيان ڪنڌ کڻڻ جي پوزيشن ۾ ھوندي؟ اهي سڀئين ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي برداشت ڪرڻ جھڙيون نه هونديون، پر اهڙي ڇوڪري والدين پنهنجي ڀيڻن، ڀائرن، پاڙي وارن ۽ قبيلي جي نظر ۾ مشڪوڪ نه لڳندي؟ چوڻ جو مطلب ته هر طرف کان آڱريون کڄنديون ته پوءِ آخرڪار اهڙي رسڪ کڻڻ جي ڪهڙي ضرورت آھي انڪري الزام هيٺ ايندڙن جي سپورٽرن کي پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي پنهنجي ڌيئرن ڀينرن جي عزت آبرو کي سامونهن رکي پوءِ پنهنجي ضمير کان ڪم وٺڻ کپي مگر ڇا ڪجي ته اسان جي ڪيترين ئي ڏسڻن وائسڻن ماڻھن جا ضمير اگهور ننڍ جي گيرٽن ۾ غرق ٿي ويندا آھن يا وري زنگجي ويندا آھن پر جيڪڏھن غفلت جي ننڊ مان جاڳندا آھن ته پوءِ مظلومن جو ساٿ ڏيڻ بدران ظالمن جي طرفداري ڪندي ڪا به ھٻڪ ۽ گهٻراهٽ محسوس ڪونه ڪندا آھن،حاصل مقصد ته هن وقت هر پاسي کان ڳوٺ وسايو جمالي جي رهواسي استاد اعجاز علي جمالي جي پوزيشن هولڊر نياڻي کي سنڌي قوم ۽ عوام جي باشعور، باضمير، باغيرت لکين ڪروڙين ماڻھن جي اخلاقي حمايت حاصل آھي مگر افسوس ته سنڌ سرڪار جي والي وارثن پ پ سان لاڳاپيل چونڊيل عيوضين جن کي سنڌي ماڻھو اڌ صديءَ کان وٺي ووٽ ڏئي اقتدار تائين پهچائين ٿا، اهي سنڌي نياڻي بدران غير سنڌي ڪرپٽ ۽ بيهودن عملدارن سان ٻٽ آهن هن وقت ڪير ڪنهن سان گڏ آھي جاچ ڪميٽيون ڪنهن کي ڪوڙو ۽ ڪنهن کي سچو هئڻ جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪن پيو، قطع نظر ان جي تاريخ ۾ فرزانا جمالي ۽ ان جي توڙي سپورٽرن کي سچو ۽ يونيورسٽي جي وي سي ارشد سليم آرائين، پروفيسر عامر خٽڪ ۽ انهن جي سڀني بااثر قوتن کي ڪوڙو قرار ڏيندي ،ڇو ته اصل امين ۽ صادق تاريخ هوندي آھي، نه وري ڪي باتل طاقتون. ها اڃان به حيرت انهن قلمڪارن پهلوانن جي فهم تي ٿئي ٿي، جيڪي هوئن ته ڪنهن عام معمولي ڳالھ تي پنهنجي ذھني گوناگون صلاحيتن جي آڌار تي قلم جي تيز ۽ شوخ نوڪ سان ٺوٺ جيڏا ليک لکي پڙھندڙن کان واھ واھ جا واهڙ وڄائي ڇڏيندا آھن. جن جي لکڻين لاءِ ڄڻ ته اخبارن جا صفحا سڪندا آھن، جن جي آرٽيڪل، ڪالم ۽ مضمون کان بغير اخبارون ٻسيون ۽ بيسواديون لڳنديون آھن، انهن معترمين کي سنڌي نياڻي تي ڪابه ڪهل ڪونه ٿي اچي. خبر ناهي ته انهن جا قلم ڇو جڏا ٻڏا ٿي ويا آھن، انهن جي تخليق الائي ڇو سڙھ ڏاند وانگي پڙ ڪڍي بيهي رهي آھي، انهن جي قلم ۾ جنبش بدران ماٺار ڇو ڇائنجي وئي آھي. يارن جون زبانون جيڪي نانگ جي زبانن وانگر مرڪنديون آھن. اهي ڪهڙن سببن ڪري جامند ٿي ويون آھن، اهي اسان جي دلبند ۽ دلربا مستند لکاري جڏھن ادبي ميڙاڪن ۾ يا تخليقي ويهڪن ۾ ڪانڀ ڪڍي اسٽيج تي برجمان ٿيندا آھن، ته پنهنجي سحرانگيز ۽ مدلل گفتار سان حاضرين ۽ ناظرين جي دماغن تي وجد طاري ڪري ڇڏيندا آھن. جن جي زبان مبارڪ مان نڪتل تڪيل توريل لفظ ڄڻ ته الهام هوندو آھي. اهي حضرات هن وقت تائين ايئن خاموش آھن ڄڻ ته سندن چپن تي چپ جي مهر لڳل هجي، يا وري سندن قلم ۽ ذھن ڪومان ۾ هليا ويا ھجن. بحرحال مامرا ڪهڙا به هجن اهڙن معززين لاءِ ڀٽائي گهوٽ فرمايو آهي ته، چڱا ڪن چڱايون، مندايون مندن. جو وڙ جن سونھين، سو وڙ سي ئي ڪن.