مولانا جلال الدين رومي چيو آهي تہ” تنهنجي اصل هستي تہ تنهنجي سوچ آهي باقي تہ رڳو سکڻا هڏا ۽ گوشت آهن“، انساني سوچ جي بلندي ۽ سندس اهميت مولانا جي هن چواڻي مان واضع ٿيندي نظر اچي ٿي، انساني ذهانت توڙي سوچ واقعي قدرت جو هڪ شاهڪار نمونو آهي، انساني سوچ جي ئي سبب دنيا جديد کان جديد تر بڻي آهي، هاڻ وري اتي ئي اگر ان ڳالھ تي فڪر ڪجي تہ انساني ذهن جي منتشر ٿيڻ مهل انساني ذهن کي ڪهڙا نقصانات لاحق ٿين ٿا يا وري ٿيڻ جا انديشا پيدا ٿين ٿا اچو تہ انهن تي ويچار ڪريون…! جهڙي ريت جسم کي پنهنجي بقا لاءَ خوراڪ جي ضرورت هوندي آهي اهڙي ريت ذهن کي درست نموني ڪم ڪرڻ لاءَ مطالعي جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي، جيڪي ماڻهو ڪتابن جو باقاعده مطالعو ڪندڙ هوندا آهن انهن جو ذهن تخليق جو سفر طئي ڪندي آهي انهن جي مقابلي ۾ وري جيڪي ماڻهو پنهنجي ذهن کي ڏيوالپڻي جو شڪار ڪندي مطالعي کان پري رکندا آهن انهن جو ذهن هميشه مختلف قسمن جي انتشارن جي ور چڙهيل هوندو آهي…! هاڻ هتي هڪڙي ڳالھ واضع ٿي چڪي آهي تہ ذهن کي پرسڪون بنائڻ لاءَ مطالعي جو عادي بڻائجي نت انساني ذهن آپي مان نڪري ويندو ۽ سندس آپي مان نڪرڻ واري حالت کي زمانو چريو چوڻ شروع ڪندي آهي…! انساني ذهن جڏهن منتشر ٿيڻ شروع ٿيندو آهي تہ اُن مهل سڀ کان پهريان کيس پنهنجي وجود کان ڌڪارت محسوس ٿيڻ لڳندي آهي ڇو تہ ان مهل انساني ذهن انتشارن جي ور چڙهيل هجڻ سبب پاڻ خود ساختہ ڪو بہ فيصلو ڪرڻ جي حالت ۾ ناهي هوندي، ان لاءَ جنهن مهل اوهان اهو محسوس ڪريو تہ هاڻ ذهن مختلف قسم جي انتشارن جي ور چڙهي رهيو آهي يا وري اڻ وڻندڙ خيالات سندس مٿان پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن تہ انهي مهل ترت ئي اوهان کي پنهنجي پاڻ تي ضابطو آڻيندي ڪنهن اهڙي مسئلي، نقطہ نظر يا فڪري پهلو تي ويچارڻ گهرجي جنهن تي اڳم اوهان ڪڏهن ويچاريو نہ هجي يا فرصت ۾ انهي عمل تي ويچارڻ اوهان کي ڏکيو لڳو هجي…! اهڙي ريت اوهان پنهنجي ذهن جي منتشر هجڻ جو مثبت نموني سان فائدو وٺي سگهو ٿا، انساني ذهن دٻاءُ ۾ ڪارائتا ڪم سرانجام ڏيندي آهي، ڪجھ ماڻهن کي اهو ڪمال قدرتي طور تي حاصل ٿيل هوندو آهي تہ هو ڪنهن بہ وقت پنهنجي ذهن کي سڪون واري حالت ۾ رکي سگهن ٿا ۽ وري پنهنجي مرضي تي پنهنجي ذهن کي گرمائي ڪري ماحول ۾ مانڊاڻ مچائي سگهن ٿا…! انساني ذهن جيتوڻيڪ ڪنهن قدر پوري جسم کي پنهنجي تابع بڻائيندي کيس مختلف ڪم ڪار سرانجام ڏيڻ لاءَ حاڪميت جو ڪم ڪندي آهي ان جي باوجود بہ هڪ بهترين ڳالھ اِها پڻ آهي تہ اُهو ئي حاڪم بڻيل ذهن وري حضرت انسان جي تابع هوندي پنهنجا ڪم سرانجام ڏيندي آهي، ڪي فرد سوچن جا غلام بڻجي ڪري پنهنجي وجود تان هٿ ڌوئي وٺندا آهن تہ وري ڪي مرد مجاهد پنهنجي سوچن کي پنهنجو غلام بڻائي ڪري انهن تي حاڪميت حاصل ڪندا آهن، هاڻ اِهو فيصلو اوهان تي ڇڏجي ٿو تہ اوهان پنهنجي سوچن جا غلام ٿيڻ پسند ڪندئو يا انهن کي پنهنجو غلام بنائڻ پسند ڪندئو…؟ جنهن مهل اوهان پنهنجي سوچن کي پنهنجي تابع بنائڻ واري حڪمت عملي سکي ورتي تہ يقين ڄاڻو اوهان جون سڀئي پريشانيون، اهنجون، تڪليفون دور ٿي وينديون، توهان وٽ هڪ جرتمند صلاحيت جنم وٺندي جنهن جو هوندي اوهان هر هڪ ڏکي ڪم کي سرانجام ڏئي ڪري پاڻ کي سرخرو ڪري سگهو ٿا، تڏهن ئي تہ ڪنهن ڏاهي چيو آهي” سوچ بدلايو زندگي خود بخود بدلجي ويندي“…! يوسف جميل لغاري