مرڪ جيڪا من موهي ٿي!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    شهر جي هڪ ڊنر پارٽيء ۾ هڪ مهمان عورت جنهن کي ورثي ۾ گھڻي دولت هٿ آئي هئي، ان ڳالهه جي خواهشمند هئي ته ٻين سان ملڻ وقت اها ٻين کي هر صورت ۾ متاثر ڪري سگھي.هن عمدي پوشاڪ سان گڏوگڏ نهايت ئي قيمتي زيور به پهري رکيا هئا پر سندس چهري تي اعليٰ قسم جي ميڪ اپ هئڻ باوجود به حقيقي تازگي نظر نٿي آئي.هن جو چهرو جذبن کان خالي هو بلڪه انهيء تي خود غرضيء جي جھلڪ صاف نظر اچي رهي هئي.هن کي اها ڄاڻ بلڪل ئي نه هئي ته ماڻهو سڀ کان اڳ ٻئي جو چهرو ئي ڏسندا آهن ۽ چهري تي مرڪ هئڻ ڪيتري قدر ضروري آهي؟ ان جو اندازو هن کي نه هو.ان جي ابتڙ سندس خيال هو ته هن جو سهڻو لباس ۽ قيمتي زيور خود بخود ماڻهن کي هن طرف ڇڪيندا ۽ اهڙيء طرح هوء محفل ۾ موجود سمورن مهمانن تي پنهنجي باري ۾ هڪ سٺو تاثر قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.

    چارلس شواب جي چوڻ مطابق “ سندس مرڪ جي قيمت هڪ لک ڊالر آهي.” هن بلڪل صحيح چيو آهي.شواب جي شخصيت،سندس جادوئي اثر واري گفتگو ،من کي موهيندڙ مرڪ ۽ ٻين ماڻهن ۾ دلچسپي ظاهر ڪري انهن کي سندس ذات ۾ دلچسپي وٺڻ لاء مجبور ڪرڻ چارلس شواب جي ڪامياب شخصيت جون منفرد خوبيون هيون ۽ سندس غير معمولي ڪاميابيء جو راز به اهو ئي هو.سندس پراثر شخصيت ۾ سڀ کان وڏو عنصر سندس خوبصورت مرڪ هئي.

    هڪ ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته اسان جي چهري تي اڀرندڙ تاثر لفظن کان وڌيڪ طاقتور هوندا آهن ۽ انهن مان هڪڙو تاثر مرڪ يا مسڪراهٽ به آهي.پر اهڙي مرڪ جنهن ۾ سچائي نه هجي يا ڪنهن زبردستيء واري مرڪ سان ڪنهن کي بيوقوف بنائي نٿو سگھجي.اهڙي ٺڳي جلد ئي پڪڙجي پوي ٿي.هتي رڳو ان مرڪ جي ڳالهه ٿي رهي آهي جنهن ۾ گرمجوشي هجي ۽ جنهن ۾ دل جا حقيقي جذبا شامل هجن.مشي گن يونيورسٽيء ۾ نفسيات جو هڪ پروفيسر جيمسن مرڪ جي باري ۾ لکي ٿو ته “ اهي ماڻهو جيڪي سدائين مسڪرائيندا رهندا آهن اهي جيڪر دفترن ۾ هجن ته سٺا نگران ۽ بهترين منتظم ثابت ٿين ٿا.جيڪر اهي استاد هجن ته شاگرد انهن کان خوش رهن ٿا.جيڪر سيلز مين هجن ته پنهنجون شيون نهايت ڪاميابيء سان وڪڻي سگھن ٿا.منهن تي گھنج جي بدران مرڪ نهايت ئي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.اهڙيء طرح پڙهائڻ وقت سزا جي بدران حوصلا افزائي وڌيڪ موثر ثابت ٿئي ٿي.”

    مرڪ جا اثر نهايت ئي طاقتور ٿين ٿا ايستائين جو توڙي اوهان اهڙي جڳهه تي مسڪرائي رهيا هجو جتي اوهان کي ڪو ئي ڏسڻ وارو به موجود نه هجي تڏهن به ان جا اثر گھڻو پائيدار ٿين ٿا.هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪر توهان مسڪرائڻ چاهيو ئي نٿا ته پوء ڇا ڪجي؟ٻه حل ٿي سگھن ٿا پهريون اهو ته زبردستيء کلڻ جي ڪوشش ڪجي. يا جيڪر اڪيلائي هجي ته سيٽي وڄائجي يا وري ڪو گانو ڳائجي ۽ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو ته اوهين خوش آهيو.انهيء ڳالهه کي ماهر نفسيات وليم جيمس هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو “ اسان جي هر عمل پويان اسان جا جذبا لڪل هوندا آهن.اهي ٻئي زندگيء ۾ گڏ گڏ هلندا آهن.عمل انسان جي اختيار ۾ هوندا آهن پر جذبا سندس اختيار ۾ نه هوندا آهن سو اسان پنهنجي عمل کي جيڪو اسان جي وس ۾ هوندو آهي قابوء ۾ آني پنهنجن جذبن تي به اختيار حاصل ڪري سگھون ٿا.جنهن ڪري خوش رهڻ جو رستو ئي اهو آهي ته اوهان اٿندي ويهندي خوش رهو۽ ڳالهه ٻولهه دوران به مسڪرائيندا رهو جنهن مان ٻين کي محسوس ٿيندو ته انهن سان ملندي يا ڳالهائيندي اوهان کي تمام گھڻي خوشي ٿي آهي.”

    هن دنيا ۾ اسان مان هر ماڻهو خوشيء جي ڳولا ۾ آهي پر انهيء کي حاصل ڪرڻ جو هڪڙو ئي يقيني ۽ بهترين طريقو آهي ته اسان پنهنجن خيالن تي قابو آڻيون.خوشيء جو تعلق ٻاهرين حالتن سان نٿو ٿئي پر اهي اسان جي اندر مان جنم وٺنديون آهن.خوشي اها ناهي ته توهان ڇا آهيو ۽ ڇا ناهيو يا اوهان وٽ ڇا ڇا آهي؟ مثال طور ڪنهن ساڳي هنڌ ۽ ساڳين حالتن ۾ رهندڙ ٻه شخص جيڪي ساڳئي قسم جو ڪم ڪندا هجن ۽ ساڳي پگھار وصول ڪندا هجن ۽ ٻنهي کي زندگيء جو هڪجهڙيون آسائشون به حاصل هجن پر انهن ٻنهي مان هڪڙو ّخوش ۽ ٻيو مايوس زندگي گذاري سگھي ٿو.آخر ايئن ڇو؟ انهيء جو سبب رڳو انهن ٻنهي جو ذهني رويو آهي.لڱ ساڙيندڙ اس ۾ به ڪنهن ڪڙميء کي خوش ڏسي سگھجي ٿو ان جي ابتڙ ڪنهن وڏي عاليشان ايئر ڪنڊيشنڊ بنگلي ۾ رهندڙ ڪنهن شخص کي رنج ۽ اداس پسي سگھجي ٿو.وليم شيڪسپيئر جو چوڻ آهي ته “ دنيا ۾ ڏک يا سک نالي ڪا شيء موجود ئي ناهي،اها اسان جي سوچ آهي جيڪا انهن شين کي جنم ڏئي ٿي.” ابراهم لنڪن هڪ ڀيري چيو هو “ ماڻهو صرف ايترو ئي خوش هوندو آهي جيترو سندس ذهن خوش هوندو آهي.”

    جڏهن به ٻاهر نڪرجي ته پنهنجي کاڏيء کي ٿورو اندر طرف موڙجي،مٿي کي اوچو ۽ ڦڦڙن کي کليل رکجي،سج جي روشنيء ۾ کائجي ۽ پيئجي،فطرت جي هوائن ۾ ساهه کڻجي ۽ پنهنجي دوستن جو آڌر ڀاء هميشه گرمجوشيء ۽ هڪ پرخلوص مرڪ سان ڪجي.ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪجي ته اسان جي ان رويي جو ماڻهو ڪهڙو مطلب وٺندا ۽ پنهن جن دشمنن جي باري ۾ سوچڻ ۾ هڪ منٽ به ضايع نه ڪرڻ گھرجي.اها ڳالهه مضبوطيء سان دل ۾ ويهارڻي آهي ته اسان جيڪي ڪجهه حاصل ڪرڻ گھرون ٿا سو نهايت ئي يقين سان آخر ڪار حاصل ڪري سگھون ٿا.پنهنجي ذهن ۽ سوچن کي عظيم،شاندار ۽ هاڪاري شين تي ئي مرڪوز رکڻو آهي جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويندا اندر ۾ يقين جي قوت وڌيڪ مضبوط ٿيندي ويندي ۽ اسان کي پنهنجي لاشعور ۾ اهو محسوس ٿيڻ لڳندو ته اسان ۾ اهي عظيم ۽ شاندار شيون حاصل ڪرڻ جو سموريون گھربل صلاحيتون بهترين نموني موجود آهن.پنهنجي ذهن ۾ ان عظيم انسان جو تصور ۽ خاڪو هروقت ويهاري رکو جيڪو اوهان بنجڻ گھرو ٿا.اوهان جون سوچون اوهان کي هر ڪلاڪ بعد وڌيڪ ان سانچي ۾ بدلائينديون وينديون رڳو پنهنجو ذهني رويو درست طرف ۾ رکڻو آهي.اهي سوچون ئي نئين تخليق هونديون آهن . مرڪ جنهنجو ڪو ملهه ناهي پر تاثير جي لحاظ کان اها نهايت ئي قيمتي شيء آهي.توڙي جو اها چند سيڪنڊن لاء هوندي آهي پر ان جو اثر دير تائين قائم رهي ٿو.جنهن کي مرڪڻ نٿو اچي اهو پنهنجو پاڻ کي سڃو سمجھي.مرڪ جيڪا گھر ۾ خوشيون پکيڙي ٿي،ڪاروباري دنيا ۾ نوان رستا جوڙي ٿي ۽ سماجي زندگيء ۾ نيون دوستيون پيدا ڪري ٿي.پريشانين ۾ آٿت ڏئي ٿي، مايوسين ۾ اميدن جو سوجھرو بڻجي ٿي،ڏکويلن لاء دلاسو بڻجي ٿي. اها قدرت جو اهڙو انمول تحفو آهي جنهن کي ڪنهن دوڪان تان خريد ڪري نٿو سگھجي ۽ نه ئي اها ڪنهن کان اڌاري وٺي سگھجي ٿي. ڪو انهيء کي چورائي نٿوسگھي جو اوهان جي دلي جذبن جو مظهر هوندي آهي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو