ڇا تعليم واري وزير جي قدم تي عمل ٿيندو؟ ڪامريڊ منان چانڊيو ڇنڇر ٽي آڪٽومبر جي سڀني سنڌي اخبارن ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاھ جي هڪ خوبصورت تصوير شايع ٿي آھي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آھي ته سندس جي چيچ ۾ ننڍڙي ڇوڪري هٿ وجهي سرڪاري اسڪول ۾ داخلا لاءِ اچي رهي آھي ان تصوير ڀرسان اهم خبر هن ريت تحرير ٿيل هئي ته ” تعليم واري صوبائي وزير سردار شاھ پنهنجي هڪ نياڻي ۽ هڪ ڌيءُ ۽ ٻن ڀائٽين کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائي سنڌ اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي واعدي کي عملي جامو پهرائي ڇڏيو“ موصوف جي اهڙي بهتر ۽ پهرين قدم تي ڪن اخبارن ۾ سندس شانَ ۾ شاعري سرجي وئي ۽ ڪن ۾ وري تعاريفي ايڊيٽوريل ۽ آرٽيڪل ڇپجي ويا،ڪن ۾ اهڙي تاريخي ڪارنامي ۾ تي سيد سڳوري کي جس ۽ شاباس جهڙن بهترين لفظن جي ڀيٽا ڏني وئي، چوڻ جو مطلب ته هر طرف کان سردار سائين جي ساراھ جا واڄٽ وڄي رهيا آھن. ڀلا مرشد سائين جي نيڪي ڇونه ٿيندي هڪ ته هو سيد سڳورو آھي ٻيو ته تعليم جهڙي اهم کاتي جو منسٽر پڻ! ٽيون ته نوجوان پڻ آھي، چوٿون هو ليکڪ ۽ اڃان اهم ڳالھ اها به آھي ته موجوده حالتن ۾ سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ ڪنهن وزير جي نياڻين جي داخلا هڪ معجزي برابر آھي،هن جي اهڙي انقلابي عمل تي اسان به سائين جن کي لک واڌايون ڏيون ٿا ۽ اها پڻ اميد رکون ٿا ته سنڌ جا ٻيا به وزير ڪبير، سردار ڀوتار، پير، مير، چونڊيل عيوضي ۽ آڙيڪاپ سرڪاري آفيسر به سردار شاھ جي تلقيد ڪندا. تعليم جي وزير پاران پنهنجيون نياڻيون سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ تي هڪ ڀلوڙ ليکڪ لکيو آھي ته هو جڏھن پهرين ڏينهن اسڪول ويو ته وٽس قلم سليٽ ۽ فرهي موجود ڪونه هئي انڪري الف ۽ ب پنهنجي اشھد آڱر سان هيٺ پٽ تي ڌوڙ ۾ ويهي لکي هئي.پياري يار جي اهڙي يادگار وارتا بيان ڪرڻ تي مونکي به پنهنجي پڙھائي وارو اهو زمانو ياد اچي ٿو جڏھن پنهنجي ڳوٺ کان ٽي چار ڪلو ميٽر پنڌ ڪري هڪ ڳوٺ ۾ قائم ڪيل لوڪل بورڊ جي هڪ ڪمري واري اسڪول ۾ پڙھڻ ويندا هئاسين ته سليٽ تي لکيل چاڪ وارا اکر ڊاهڻ لاءِ رومال يا ٻيو ڪپڙي جو ٽڪرو ڪونه هوندو هيو، انڪري مان پنهنجي قميص جي اڳئين پلاند سان اکر مٽائي وري ٻيا اکر لکندو هئس! نه صرف اهو پر ڪڏھن ڪڏھن ڪاٺ جي فرهي يا پٽي جا اڳ وارا اکر مٽائڻ ۽ نوان لکڻ لاءِ ان تي ميٽ جو هلڪو ليپو ڏبو هيو پر اسان وٽ ميٽ نه هئڻ جي صورت ۾ چيڪي مٽيءَ جو معمولي ليپو ڏيندا هئاسين، هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته مون ان اسڪول ۾ صرف پهرين درجي جا 28 سبق پڙھيا ته استاد بدلي ٿي ويو جنهن کان پوءِ ٻيو ڪو به ماستر ڪونه آيو نتيجي ۾ اهو اسڪول بند ٿي ويو ۽ مون گهر جو چوپايو مال چارڻ کان پوءِ هارپو ڪرڻ لڳس پر انهن سبقن جي آڌار تي هن وقت سنڌي اردو لکي پڙھي وڃان ٿو، تنهن وقت پڙھڻ ۽ پڙھائڻ جو وڏو شوق ۽ بهتر معيار هوندو هيو جنهنڪري سنڌي جا ست درجا جنهنکي فائينل چيو ويندو هيو اهي پاس ڪرڻ کان پوءِ ماستري، ڪلارڪي ۽ ٻيون ننڍيون نوڪريون ڏنيون وينديون هيون، حقيقت ۾ ان دور جي سنڌي فائينل پاس ڪرڻ وارا اڄ جي يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪرڻ وارن کان به وڌيڪ هوشيار ۽ ايماندار هوندا هئا جيڪي پنهنجي سرڪاري ذميوارين کي عين عبادت محسوس ڪندا هئا، وڏي ڳالھ ته ان وقت اڄ وانگي هر 10 گهر ۾ ٽيوشن سينٽر يا وري هر ٻي گهٽي ۾ پرائيويٽ اسڪول به ڪونه هوندا هئا، نه وري اخبارن ٽي وي چئنلن ۽ سوشل ميڊيا جي ڀرمار هوندي هئي، اهڙي ريت استاد يونينيون به ڪونه هيون، نه وري اڄ جيئن استاد ڪارن ۽ موٽر سائيڪلين تي پنهنجي ڳوٺ ۽ شھرن کان سوار ٿي ڪنهن ٻئي شھر يا ڳوٺ ۾ قائم سرڪاري اسڪول ۾ ڊيوٽي لاءِ ويندا هئا، بلڪ ماستر مذڪوره ڳوٺن جي اسڪولن يا نيڪ مردن جي اوطاقن تي مهينن جا مهينا رهي ٻارن کي سنڌي سان گڏوگڏ ديني تعليم پڻ ڏيندا هئا،سندن جي اهڙي ايمانداري ۽ محنت واري جذبي جي ڪري ڳوٺاڻا ماسترن کي ادب احترام جي نظر سان ڏسڻ کان علاوه ڪڻڪ، چانور، سچو گھ، ماکي ۽ ٻيون سوکڙيون پاکڙيون ڏئي دلي سڪون محسوس ڪندا هئا. خير اهي ته هيون اڳ واريون مثبت،تعليم دوستي واريون انمول سوغاتون مگر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌ ۾ تعليم جهڙي اهم ۽ بنيادي شعبي کي فوجي آمر جنرل ضياءُالحق جي دجالي دور کان قهري نظر لڳي وئي جنهن جا منفي اثر اڄ تائين به ميٽجي ڪونه سگهيا آھن، ان ئي دور ۾ جتي ڪاپي ڪلچر عروج تي پهتو اتي وري ڄاڻي واڻي درسگاهن ۾ گنڊا گردي جو راڄ قائم ڪيو ويو!! جنهنڪري تعليمي ادارن مان ڊاڪٽرن، انجنيئرن، معاشدانن ۽ سماج سڌارن بدران. نااهلن، جاهلن،رشوتخورن ۽ سماج دشمن عنصرن جا ٽولا برپا ٿيڻ لڳا جن سنڌ سنڌي عوام جي قومي اثاثن ۽ عوامي کي لاڀ پهچائيندڙ سرڪاري توڙي نيم سرڪاري آفيسن ۽ ادارن جي ڀينگ ڪري ڇڏي، وري ويل اهو به ٿيو ته وقت جي حاڪمن، وزيرن، چونڊيل عيوضين ۽ بااثر ڌرين جي دادلن پنهنجي ڳوٺن ۾ ڪيترائي غير ضروري پرائمري اسڪول قائم ڪرائي انهن ۾ تعليم ڏيارڻ بدران اوطاقن، دوڪان ۽ اَن جا ڀانڊا قائم ڪرائي ماسترن کي پنهنجا ڪاراوا ڪمندار ۽ منشي رکرائي ڇڏيا، نه صرف اهو پر سوين هزارين جعلي ڀرٿيون، گوسڙو ماستر ۽ گوسٽ اسڪول ٻڌڻ ۾ آيا جن کي باقائده سرڪاري خزاني مان پگهارون ملڻ ۽ اسڪولن کي ايس ايم سي جا هزارين فنڊ ملندا پيا اچن، وڏو الميو اهو به آھي ته ڪيترين اسڪولن جا اهي فنڊ ايس ايم ڪميٽي جا چيئرمين ماسترن سان ملي ڀڳت ڪري ڳڙڪايو وڃن.مقصد ته گذريل ڪيترين ئي سالن کان سنڌ ۾ تعليم جي ٻيڙي وچ سير ۾ لڏي لمي رهي آهي ۽ ان ٻيڙي کي پار اُڪارڻ لاءِ وقت جون سرڪاريون پنهنجي پر ۾ وڏا جتن ڪنديون پيون اچن، مثال طور تي ڪڏهن تعليمي ايمرجنسي جو نفاذ، ڪڏهن بايوميٽرڪ نظام متعارف ڪرائڻ وغيره. پر پوءِ به تاحال ڪي به مثبت نتيجا ظاهر ڏسڻ ۾ نٿا اچن ! هاڻي وري سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزير تعليم هڪ تجويز ڏني ته هر هڪ وزير ۽ چونڊيل عيوضي پنهنجي پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائي ، جنهن تجويز تي صاحب موصوف عمل ڪندي پنهنجي ننڍڙين کي ٻه ٽي ڏينهن اڳ سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو آھي . ڇا اُها داخلا صرف علامتي هوندي يا واقعي اُن تي عمل ٿيندو؟ سنڌ واسين کي اهڙي شروعاتي قدم يا عمل تي خوشي محسوس ٿئي ٿي ۽ اُها به اميد ڪريون ٿا ته هر هڪ وزير ، صلاحڪار، ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ سينيٽرز کا ويندي يونين ڪائونسل جو هر هڪ ميمبر پنهنجي پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ڏانهن موڪلڻ سان گڏوگڏ ننڍا وڏا سرڪاري آفيسرَ ۽ ٻيا بااثر فرد به ايئن ڪن ته جيئن اُنهن فردن ۽ ڌُرين جي ٻارن سان گڏوگڏ عام ۽ مسڪين ماڻُهن جي اولاد به ھُنن جي صدقي بهتر تعليم پرائي، پنهنجي مستقبل کي روشن ڪري سگهي. اسان آخر ۾ وري به سنڌ سرڪار ۽ اُنهن جي لاڏلن کي نماڻي گذارش ڪريون ٿا ته خدارا گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ طبقاتي متڀيد واري هلندڙ روايت کي ختم ڪري مذڪوره درسگاهن ۾ سياست ۽ پنهنجا نوازيو واري مُدي خارج پاليسي ختم ڪري سنڌ جي مستقبل جي معمارن کي پنهنجي بهتر آئينده اڏڻ جا موقعا ميسر ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌ ۽ سنڌي قوم ايڪويهين صدي جي چيلينجز کي منهن ڏئي سگهي.
جي هان بلڪل سيد سردار شاھ جو منسٽر ٿيڻ اسان جي لاء انتهائي خوشي جي ڳالھ آھي سائين تعليم لاء وڏي محنت ڪندو اسان به ڀرپور ساٿ ڏينداسين