شفيق الرحمان شاڪر چوندا آهن ته نصيحتون ۽ ڀاشڻ ٻڌڻ لاء پيٽ ۾ ڪجهه هئڻ ضروري آهي،خالي پيٽ ڪا به نصيحت ڊول ۾ نه ويهندي آهي.جڏهن پيٽ ۾ پوليس پيٽرولنگ ڪري رهي هجي ته ملڪي معيشت جي باري ۾ ڪهڙا ويهي قصا ٻڌجن بلڪه ان وقت اهي انگ اکر غذاب بڻجي ڪڙڪندا آهن.ملڪ جو موجوده وزيراعظم جنهن کي سندس مريد عقيدت وچان “ڪپتان” جڏهن ته پنجاب جو هيوي ويٽ پهلوان راڻو ثناءاﷲ محبت وچان “الزام خان ” سڏيندو آهي تنهن جي حڪومت آخر قوم کي خوشخبري ڏني آهي ته آئي ايم ايف وٽ وڃڻ به ضروري آهي جيئن استاد راحت فتح علي خان غزل ڳايو آهي ته “ تيري آنکون ڪي دريا ڪا اترنا ڀي ضروري ٿا، محبت ڀي ضروري ٿي، بڇڙنا بهي ضروري ٿا.” سو مطلب اهو ٿيو ته تبديلي به ضروري هئي پر آئي ايم ايف وٽ وڃڻ به ضروري هو.ڳالهه پئي ڪئيسين خالي پيٽ جي ته اسان جي ملڪ کي اهو خاص اعزاز حاصل آهي ته هتي ڀريل پيٽ ئي اڪثر بکيا رهندا آهن ۽ اهڙا پيٽ رڳو اشرافيا جي حصي ۾ آيا آهن.رهيا غريب غربا ته انهن جا پيٽ هميشه خالي ئي رهندا ٿا اچن.شاباس هجي دال سڳوريء کي جنهن انهن غريبن سان هر حال ۾ نڀايو آهي،رهيو سوال مسمات مرغيء جو ته اها غريبن جي نصيب ۾ ڪٿي! اها غريبن کي رڳو ٻن شرطن تي ئي دستياب ٿي سگھي ٿي يا ته غريب بيمار ٿئي يا وري مرغي پاڻ بيمار ٿي پوي.ڄڻ ته مرغي هن دنيا ۾ نازل ئي وڏن پيٽن وارن لاء ٿي هجي!انهيء اشرافيا لڏي جا اڳواڻ اسان جا ڄائي ڄمندي حڪمران آهن جن جي پيٽن جي ايراضي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌندي ئي ٿي وڃي.هر ڀيري قرض وٺڻ جو احسان اسان تي ڪندا آهن پر اهو ڏوڪڙ ميدان تي لهڻ کان اڳ وڃي ڪهڙن پيٽن ۾ ٿو سو راز سمجھڻ لاء اسان کي شايد اڃا صديون گھرجن.ڏاڍ مڙسيء جي انتها جو سڀ ڪجهه هضم ڪري به اسان کي دڙڪا ڏيندا رهن ٿا ته خبردار! اسان تي بي بنياد الزام نه هڻو نه ته هتڪ عزت جو ڪيس داخل ڪنداسين.ها سائين! عزت رڳو اوهان جي ئي آهي باقي عوام کي ته هڪڙو پوليس جو سپاهي به بنان ڪنهن ثبوت جي ماڻهن سامهون مرغو بنايو ڇڏي.ماڻهو بنان ڪنهن فيصلي جي سالن تائين جيلن ۾ سڙي مري ويا.چوندا وري ڇا ته اسان جي خلاف هڪڙي روپئي جي به چوري ثابت ڪري ڏيکاريو! چون بلڪل صحيح ٿا جو پهرين ڳالهه اها ته اهي هڪڙي روپئي جي چوري ڇو ڪندا جو هن ملڪ ۾ روپئي جو چور ئي موچڙا سهي ٿو باقي جيڪر چوريء جو انگ خدا جي فضل سان اربن ۽ کربن ۾ هجي ته پوء اها چوڻي بلڪل ٺهڪي اچي ٿي ته “ قانون انڌو هوندو آهي.”يعني قانون کي ڪجهه به نظر نه ايندو آهي.قانون برابر انڌو هوندو آهي پر ڇا خلق خدا به انڌي هوندي آهي؟.ٻي ڳالهه اها ته “ثابت ڪريو.” واقعي ! اهي اهڙا ڪرتب اهڙي ته هٿ جي صفائيء سان سرانجام ڏين ٿا جو انهن کي ثابت ڪرڻ لاء جاچ ادارن کي سڄي زندگي ئي ڪوئي ٻليء واري راند ئي کيڏڻي پوي ٿي ۽ نتيجو اهو جو الٽو جاچ ڪندڙ ئي توبه زاريون ڪندا رهجي وڃن ٿا.سمجهه ۾ اهو اسرار نٿو اچي ته جيڪا به نئين حڪومت اچي ٿي سا ساڳي رڙ ڪري ٿي ته خزانو ٻڙي ٻڙي!جيڪو به نئون مسيحا اچي ٿو اهو ايندي ئي عوام کي صبر جي تلقين ۽ ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ سختيون سهڻ جا ڀاشڻ ٻڌائڻ لڳي ٿو.ڇا ڪجي پيارا! جيڏو اٺ تيڏا لوڏا،جيڪو حڪمران جيترو وڏو انقلابي اوترو ئي ان جا لوڏا به وڏا! اٺ جي لوڏن تان ياد آيو ته ڪو ٻهراڙيء جو همراهه مال پڙيء تان اٺ خريد ڪرڻ ويو.اٺ جي مالڪ اٺ جي جيڪا ڳري قيمت ٻڌائي اها ٻڌي خريدار کي بخار اچي ويو، حيرت وچان پڇيائين؛ “ ميان! آخر تنهن جي اٺ ۾ اهڙي ڪهڙي خاص خوبي آهي جو ان جي هيڏي وڏي قيمت رکي اٿئي؟” اٺ جي مالڪ فرمايو“ منهنجو هي عجيب ۽ غريب اٺ اٿڻ ساڻ ئي ٽي لوڏا گڏ ڏيندو آهي.” خريدار پريشان ٿيندي چيو ته “ آئون ته ان جي پهرئين لوڏي ۾ ئي ڪري ويندس باقي ٻه اضافي لوڏا اهو اجايا ڏيندو!” سو سمجھڻ وارن لاء اها ڳجھارت ايتري ڏکي به ناهي پر اسان جي خيرخواهه حڪمرانن جي في الحال فرمائش اها آهي ته “دانهن نه ڪريو.صبر کان ڪم وٺو.” ڪنهن شاعر جي چوڻ مطابق “ تڙپني ڪي اجازت هي نه هي فرياد ڪي هي، گھٽ گھٽ ڪي مرجائون يي مرضي صياد ڪي هي.” چون ٿا ڙڙيون ۽ فرياد نه ڪريو.چهنڊڙي پوي ته رڙ به نه ڪيون،ڪپڙن تي ٻرندڙ الا اڇليو ته ڇرڪ به نه ڀريون،ڪن مهٽيو ته ڪنجھون به نه، چاليهه هزار وولٽ جو جھٽڪو لڳي ته ڏڪون به نه،سالن جي سنگتي بڻيل اڪيلي دال سونهاري کسجي ته گھوڙا گھوڙا به نه ڪريون.جيڪا اوهان جي مرضي! جو مرضي ته نيٺ اوهان جي ئي هلڻي آهي.اوهين اسان جا آقا ۽ اسين اوهان جاغلام،اوهين اسان جا رهبر ۽ اسين اوهان جا ڄائي ڃمندي تابعدار، اوهان سان اسان جو جھيڙو ڪٿي ٿو ٺهي؟جيڪي ڪيو ۽ جيئن به ڪيو جواب ۾ اها ئي قبرستان واري خاموشي ئي اوهان کي ڇانئيل ملندي جيڪا گذريل ستر سالن ۾ اسان جي گڏيل قومي سڃاڻپ ۽ فخر جي نشاني رهندي آئي آهي.