ڊاڪٽر ضمير احمد سومرو : معصوم فرشتن جو مسيحا آصف رضا موريو پاڪستان ۾ ڊاڪٽري جهڙو پيغمبري پيشو سرڪاري سطح تي گهڻو پوئتي پيل آهي جنهن ۾ انساني صحتن ۽ زندگين ڏانهن ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل سان سلهاڙيل اسٽاف جا رويا عملي طور تي غير ذميدارين، فرضن ۾ ڪوتاهين، ڏوهاري روين، بي قائدگين، بي ضابتگين، بيواجبين، بي رحمين، بي حرمتين، غيرقانونيت ۽ غير انسانيت جي هڪ ڊگهي ۽ ڪاري ڪوجهي تاريخ آهي جنهن ۾ ڪڏهن به بهتري ٿيندي ڏٺي ڪونه وئي آهي. بدقسمتي سان اتهاس جا ورق ان سلسلي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرڪاري توڙي نجي اسپتالن ۾ نج اونداها ڏٺا ويا آهن. ملڪ جو اهو پوش ترين طبقو جنهن کي اسان ڊاڪٽر ڪوٺيون ٿا اهي انڌا اونڌا ويڄ پنهنجي فرض ۾ ڪيل ڪوتاهين ۽ ڏوهن لاءِ ڪنهن به انتظامي کاتي، اخلاقي ضابطي يا قانون آڏو جوابدهه ڪونه ڏٺو ويو آهي. منهنجي شهر لاڙڪاڻو ۾ توڙي جو بظاهر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج به آهي ته بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي به. شيخ زيد عورتن جي اسپتال، ٻارڙن جي اسپتال ۽ ميڊيڪل سان سلهاڙيل بيشمار سرڪاري ادارا هئڻ سان گڏ ڪافي سارا پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽر ۽ سهولت گهر به موجود آهن پر انهن جي اندر جي ڪهاڻي لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو “ميڊيڪل انڊسٽري لاڙڪاڻو ۾ انڊر ورلڊ جي مربوط ۽ مظبوط ڏوهاري دنيائن ۽ انتهائي طاقتور مافيائن جو اهڙو ڳٺ جوڙ آهي جن جو کاڄ صرف ۽ صرف انساني مجبوريون، صحتون، حرمتون ۽ زندگيون رهنديون آيون آهن”. ميان جي مريضن واري هن انڌيرنگري ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪو اهڙو ڪاپڙي طبيب اهڙو به ظاهر ٿيندو آهي جنهن جي پنهنجي مريضن لاءِ مسيحائي، پرگهور ۽ واهر ڏسي هن گورک ڌنڌي تي اسان جو ٻڏل ايمان وري تار جا ترحا ٻڌندو آهي. ڪجهه مهينا اڳ منهنجي هڪ غريب دوست غلام محمد بروهي جي گهر هڪ ننڍڙي ڪڪي جي ولادت ٿي جنهن جا پير قدرتي طور تي مڙيل (کريل) هيا جنهن ڪري هو همراهه گهڻو پريشان هيو. اسان سنڌين وٽ ان قسم جي ڪنهن به مسئلي لاءِ جيترا وات اوتريون ڳالهيون هونديون آهن جن مان گهڻو تڻو بي ڪار، بي عمل ۽ اجايون ٿين ٿيون جيڪي جيئرن پيرن کان مئل ماڻهن، دعا، ڦيڻي، ڦوڪ کان وٺي هر ملاقاتي پنهنجي پنهنجي عقل مطابق اها ڪارستاني جنن، ڀوتن، گناهن، پٽن پاراتن وغيره تي ٿڦي پنهنجي پنهنجي ويساهه واري ڊاڪٽر، عقيدي، پير يا درگاهه جو پاسو وٺڻ جي صلاح ڏيڻ فرض اولين سمجهندو آهي. ان پسمنظر ۾ ننڍڙي جي وارثن کي ڪو ڪراچي وڃڻ جي صلاح پيو ڏئي ته ڪو اسلام آباد، انڊيا، ڪو سعيدي موساڻي تي ست راتيون رهڻ لاءِ پيو زور ڀري ته ڪو يوسف شاهه جيلاني تي رات ٽڪڻ جي وغيره وغيره. اچي همراهه ڦاٿا نه ملاقاتي پيا کٽن نه صلاحون نه ڊاڪٽر، نه قبرون نه پير نه درگاهون. ننڍڙي جو والد مولائي مڙس ۽ منهنجو پراڻودوست آهي. هڪ ڏينهن مون وٽ ڪهي اچي سمورو حال احوال ڏنائين. مون کيس جلد از جلد ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ جي آٿت ڏيندي کيس روانو ڪيو. ڪجهه ڏينهن دوستن سان ان سلسلي ۾ معلومات جي ڏي وٺ ڪندو رهيم ته آخر ڇا ڪجي پر ڪوکڙ تيل ڪونه نڪتو. سوچيندي سوچيندي خيال آيو ته منهنجي دوست ڊاڪٽر ضميراحمد سومرو (جيڪو هڏن جو ڊاڪٽر آهي) ڪجهه ڏينهن اڳ ٻڌايو هيو ته هو ننڍڙي ٻارڙن جي ڪنهن علاج لاءِ ڪو خاص ڪم ڪري رهيو آهي ۽ مون کي پنهنجو وارڊ گهمڻ جي دعوت به ڏئي ويو هيو. اهو سوچي کيس فون ڪيم ته جيئن “سندس وارڊ گهمڻ جي بهاني هن ننڍڙيءَ جي علاج متعلق به ساڻس ڪا صلاح وٺان من ڪو رستو ملي وڃي”. ڊاڪٽر صاحب فون تي ٻڌايو ته مان سول اسپتال ۾ فلاڻي وارڊ ۾ ويٺو آهيان. آءُ تيار ٿي اڌ ڪلاڪ بعد ضميراحمد سومرو جي وارڊ ۾ چانهن پي رهيو هيم جتي سندس ڪشادي آفيس ۾ هو پاڻ او پي ڊي اڪلائي رهيو هيو. ٻه اڍائي ٻيا ڊاڪٽر، ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ ڪجهه ٻيو اسٽاف به متحرڪ پئي نظر آيو. چانهن مان فارغ ٿي ڊاڪٽر چيو “اٿو ته توهان کي وارڊ گهمايان”. پنهنجي آفيس جي ننڍڙي دروازي مان ڏاکڻئين پاسي وٺي ويو. جتي هڪ وڏي صاف سٿري هال ۾ پندرنهن ويهه عورتون پنهنجي ٻارڙن کي کنيون پنهنجي واري جي انتظار ۾ ويٺيون هيون. هال ۾ ايل سي ڊي هلي رهي هئي جنهن ۾ ڪنهن مخصوص بيماري متعلق معلوماتي ڊوڪيومينٽري هلي رهي هئي ته وارڊ جي ڀتين تي به هڪ بيماري ۽ ان جي علاج جي آگاهي وارا پوسٽر پڻ لڳل هيا. ان هال ۾ هڪ ڪمپيوٽر پڻ ڀت ۾ لڳل هيو جنهن ۾ ڊاڪٽر مريضن جي وارثن کي ليڪچر ڏيڻ وقت ضروري معلومات ڏئي ڊيمو ڏيکاري سمجهائيندو آهي. منهنجي لاءِ خوش آئندهه ۽ حيرت انگيز ڳالهه اها هئي ته “ڊاڪٽر ضمير حسين 0سومرو اهو ئي ڪم ڪري رهيو هيو جنهن جي معلومات لاءِ مان ساڻس ملڻ آيو هيم يعني ٻارڙن جي مڙيل ٽڙيل پيرن جو علاج”. ان لاءِ مان پهرئي فرصت ۾ غلام محمد کي سندس نياڻي ڊاڪٽر ضميرسومرو ڏانهن کڻي وڃڻ جي صلاح ڏني. ڊاڪٽر ضمير احمد سومرو جو جنم 1 مارچ 1971ع ڌاري محراب پور جتوئي تعلقو باڪراڻي، ضلعي لاڙڪاڻو ۾ ٿيو. هن پرائمري پنج درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهي، ميٽرڪ ڳيريلو هاءِ اسڪول مان، انٽر گورنمنٽ ڊگري ڪاليج مان پاس ڪري، 1995ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ماڻ ايم بي بي ايس ڪئي. 2005ع ڌاري آرٿوپيڊڪ ۾ ايف سي پي ايس ڪري اٽلي هليو ويو جتان پڻ آرٿوپيڊڪ جي جديد ٽيڪنيڪ اليزارو ILIZARO ۾ فيلوشپ ڪيائين. 1999ع کيس سرڪاري نوڪري ملي. نون ڄاول ٻارڙن جي مڙيل پيرن کي سڌو ڪرڻ واري پونسيٽي تيڪنڪ ۾ ڊاڪٽر ضمير سومرو آيووا پونسيٽي انٽرنيشنل مان فيلوشپ پڻ ڪئي جو 2012ع ۾ يونيورسٽي پنهنجي تربيت يافته فيڪلٽي پاڪستان موڪلي هئي جن پاڪستان ۾ 24 ڊاڪٽرن کي ٽرينڊ ڪري فيلوشپ ڏني هئي جن مان 12 سنڌ بلوچستان مان هيا ۽ 12 پنجاب مان هيا جن ۾ ڊاڪٽرضميرحسين سومرو پڻ شامل هيو. تنهن کان علاوه به ڊاڪٽر ضميراحمد سومرو دنيا ڀر ۾ پنهنجي شعبي سان سلهاڙيل بيشمار جديد ورڪشاپس ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪندو رهيو آهي. ڊاڪٽرضمير احمد سومرو غريب گهراڻي، سنڌ جي پوئتي پيل علائقي ۽ انتهائي پسمانده ماحول مان تمام وڏي جدوجهد ڪري موجوده مانائتي مقام تي پهتو آهي. سندس شخصي، تعليمي، تهذيبي ۽ تدريسي جدوجهد تي الڳ ۽ جامع نموني سان لکڻ جي پڻ ضرورت آهي جنهن کي پڙهي مونکي يقين آهي ته ايندڙ ۽ اڀرندڙ نوجوان طبقو يقينن مستفيض ٿي لاڀ پرائيندو. لاڙڪاڻو شهر جي تاريخ ۾ هن پيغمبري پيشي سان سلهاڙيل ڊاڪٽرن جو مسيحائي ڪردار سدائين ستل نظر آيو آهي جنهن ۾ حقيقي انساني ۽ سماجي خدمت جا ڪرداري مثال ورلي ڪي ملي سگهندا پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مانجهي مرد ڊاڪٽر جو انساني ڀلائي وارو ڪو اهڙو سماجي ڪردار سامهون ايندو آهي جو هن معزز پيشي تان اٿي ويل ارواهه ۽ ايمان وري تازو ٿي ويندو آهي. اهڙو ئي انسان دوستي جو ڪم ڊاڪٽر ضمير احمد سومرو ڪري رهيو آهي جو هو ننڍڙن ٻارڙن جي پيدائشي طور تي ٽيڏن پيرن کي مخصوص ورزش، مخصوص جوتن جي استعمال ۽ علاج سان نارمل بڻائڻ جو احسن ڪارنامو پنهنجي هڙان سرانجام ڏئي رهيو آهي جنهن کي ميڊيڪل ٽرمنالوجي ۾ پونسيٽي طريقي جو علاج چيو ويندو آهي. ڊاڪٽراگناشيو پونسيٽي ڊاڪٽراگناشيو پونسيٽي اسپينش فزيشن هيو جنهن جي خاصيت هڏن جي ڊاڪٽر جي هئي. سندس جنم 3 جون 1914ع ڌاري اسپين جي بيليرڪ جزيرن جي مينورڪا واري علائقي ۾ ٿيو ۽ وفات 18 آڪٽوبر 2009ع ۾ ٿي. 1950ع ڌاري ڊاڪٽر اگناشيو پونسيٽي هڪ نان سرجيڪل تيڪنيڪ جو استعمال ڪندي پيدائشي ٻارڙن جي مڙيل هڏن جي علاج جو طريقو جوڙو جنهن کي پونسيٽي طريقو يا پونسيٽي ٽيڪنيڪ جو نالو ڏنو ويو جيڪو مڙيل پيرن جي تمام علاجن کان سور درد کان بغير تمام آسان، اثرائتو ۽ سو فيصد ڪامياب طريقو هيو. پونسيٽي ٽيڪنڪ کي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ آمريڪن اڪيڊم آف آرٿوپيڊڪ سرجنز، پيڊياٽرڪ آرٿوپيڊڪ سوسائٽي آف نارٿ آمريڪا، يورپيئن پيڊياٽرڪ آرٿوپيڊڪ سوسائٽي، ڪيور انٽرنيشنل، اسٽيپس چيئرٽي يو ڪي، اسٽيپس چيئرٽي سائوٿ آفريڪا، اي ليگ ٽو اسٽينڊ آن انڊيا. جن ٻارڙن جا پير پيدائشي طور تي اڳتي يا پوئتي مڙيل هوندا آهن اهي درست طريقي سان نه گهمي سگهندا آهن يا پيرن جي درست چر پر کان قاصر هوندا آهن تنهن بيماري جو پنجاهه کان سٺ جي ڏهائين ۾ مقبول علاج صرف سرجري هوندو هيو جيڪا بذاتِ خود صحت جي ٻين بيشمار معامرن جهڙوڪ پير جو سدائين ڪمزور رهڻ ۽ سور رهڻ وغيره جهڙي تڪليفن کي جنم ڏيندي هئي جن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻيون سرجريون پڻ ڪرڻيون پونديون هيون. پونسيٽي علاج جي ايجاد کانپوءِ سرجري ۽ ان سان سلهاڙيل تڪليفن جو انت ٿيو ۽ ٻارڙن جي پيرن آڌارت اپاهجي جي علاج جي هڪ نئين، سڻائي ۽ بغير سور واري تاريخ جو آغاز ٿيو. پونسيٽي علاج جي شروعات لاءِ موزون ترين وقت پيدائش کان هڪ هفتو وارو آهي جو نئين ڄاول ٻارڙن جا پير ڪچڙا هئڻ ڪري ۽ انهن جي عضون ۾ لچڪ هئڻ سبب انهن جو علاج ٿيڻ سولو ٿي پوندو آهي. ائين پهرئين ڏينهن کان 16 ڏينهن جو ٻار پونسيٽي علاج لاءِ موزون ڀانئيو ويندو آهي. پونسيٽي علاج جي طريقي ڪار ۾ پيدائشي طور تي ٽڙيل مڙيل پيرين جو علاج ان مقصد لاءِ ٺهرايل جوتن ذريعي آهستي آهستي پنهنجي اصلي ۽ قدرتي شڪل ۽ ساخت ۾ آندو ويندو آهي. ان علاج ۾ ٻارڙن يا انهن سان منسلڪ فردن جي آگاهي تمام ضروري ڀانئي ويندي آهي جو ان پروسيس تحت اهڙي ٻارڙن جي پيرن ۾ غسل ڪرڻ واري وقت کي ڇڏي ڪري ٽن مهينن تائين مخصوص جوتا هر وقت پارائڻا پوندا آهن جنهن کان پوءِ چار سالن تائين ٻار کي اهي جوتا صرف رات جو پارايا ويندا آهن. ان تمام عرصي ۾ جوتا ڪيئن پارائجن، انهن ۾ پير ڪيئن وجهجي يا جيڪڏهن ڪو ٻار انهن جوتن پائڻ کان پوءِ روئن ٿا يا انهن جي پيرن وغيره تي ڪي نشان وغيره ٿين ٿا، يا انهن کي ڪهڙي ورزش ڪهڙي وقت ڪرائڻ گهرجي ۽ ڪهڙيون دوائون استعمال ڪرائڻ گهرجن جو هڪ سولو پروسيس آهي جنهن جي آگاهي جو سمورو بندوبست ڊاڪٽرضميرحسين سومرو پنهنجي وارڊ ۾ رٿيو آهي. پونسيٽي علاج جو طريقو ٻارڙن جي پير جي سمجهڻ جي تمام ترجيحات تي ٻڌل ٿئي ٿو جنهن جي شروعات وارو پلاسٽر پنجن ستن ڏينهن ۾ لاٿو وڃي ٿو جنهن کان پوءِ ساڳو پروسيس پنج ڇهه دفعا ورجايو ويندو آهي جنهن سان آهستي آهستي ڇهن کان اٺن هفتن تائين پير پنهن جي اصلي بيهڪ ۾ اچي ويندا آهن. ڪجهه صورتن ۾ هلڪي سرجري ۽ ڪجهه ٻيا ضروري ۽ سپورٽنگ معاملا پڻ استعمال ڪيا ويندا آهن. پونسيٽي علاج جي ان طريقي کي ستن حصن ۾ ورهايو ويو آهي جن کي انگريزي زبان ۾ اسيسمينٽ ۽ چارٽنگ، مينيپيوليشن، ڪاسٽنگ اينڊ مولڊنگ، ڪاسٽ ڪيئر اينڊ ريموول، پرڪيوٽينيوئس هيل ڪورڊ ٽينوٽومي، فائينل اپيئرينس آفٽر مينيپيوليشن، پري اينڊ پوسٽ ڪاسٽنگ ۽ ڊيمونسٽريٽ اينڊ ٽرين پيرينٽس فار ويئرنگ ڪيلپر آف پروپرسائيز اينڊ شو پوزيشن جو نالو ڏنو آهي. “Assessment & charting, Manipulation, Casting & Molding, Cast Care & removal, Precutaneous Hell cord Tenotomy, Final Appearance after manipulation, pre & post Casting, Demonstrate & train parents for wearing caliper of proper size and shoe position”. پونسيٽي سسٽم جي تربيت وٺڻ يعني پونسيٽي ٽرينڊ ڊاڪٽر ٿيڻ کان پوءِ ڊاڪٽر ضميراحمد سومرو 2007ع کان پنهنجي وارڊ ۾ ننڍڙن ٻارڙن جي پيدائشي مڙيل ٽڙيل پيرن جو درستگي ڪري رهيو هيو پر ڪيترن سالن تائين ڪوشش جي باوجود کيس ان مقصد لاءِ مناسب جگهه دستياب ڪونه پئي ٿئي. 2015ع ۾ هن پنهنجي ڪوششن سان سول اسپتال لاڙڪاڻو ۾ انتظاميه کان هڪ وڏو هال ورتو آهي جتي ان مقصد لاءِ هن هڪ آفيس ۽ وارڊ تيار ڪري مريضن کي ڏسڻ سان گڏ انهن جو علاج پڻ ڪندو آهي. ڊاڪٽر ضميراحمد سومرو پنهنجي وارڊ ۾ پنجن فردن جو عملو مقرر ڪيو آهي جن مان ٽي پونسيٽي تربيت يافته اسٽاف، هڪ ڪمپيوٽر آپريٽر ۽ هڪ ٻيو ملازم آهي جن جي پگهار، وارڊ جو خرچ، صفائي سٿرائي وغيره جو سمورو خرچ هو پنهنجي هڙان وڙان يا سنگت ساٿ، لوڪل فنڊن وغيره مان پورو ڪندو آهي. خدا تعالا جي ڪرم سان ڊاڪٽر ضمير سومرو پنهنجي ٽيم سان گڏجي هن وقت تائين 500 سان کان مٿي معصوم اپاهج ٻارڙن کي پنهنجي پيرن تي بيهاري چڪو آهي. ان علاج ۾ هن ڪاميابي جو تناسب 80 فيصد کان مٿي رهيو آهي. پنج سو ٻار يعني پنج سو خاندانن جو ذهني، سماجي ۽ نفسياتي تحفظ، انهن جون هزارين خوشيون، خواب ۽ ساڀيائون. هڪ مردي معاشري جي ڪنهن هڪ فرد جي شخصي ڪوششن سان ٿيندڙ اها سماجي چڱ ڀلائي ڪيتري نه اتساهيندڙ ۽ خوش آئيندهه ڳالهه آهي. مون کي ياد آهي ته ڪجهه سال اڳ پنهنجي رٽائرمنٽ تائين لاڙڪاڻو جو هڪ فرشتو صفت ڊاڪٽر گل حميد شيخ پڻ ڪيترن سالن تائين لاڙڪاڻو ۾ بي پهچ، لاوارث ۽ لاچار مريضن لاءِ مسيحائي وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو هيو جو جنهن وٽ به دوائن جا پيسا ڪونه هوندا هيا تنهن کي هو دوائون مهيا ڪندو هيو. ان ئي پس منظر ۾ اسانجو هڪ ٻيو دوست پروفيسر ڊاڪٽر عالم ابراهيم صديقي پنهنجي وقت ۽ ڪرت جو هڪ حصو فلاحي ڪمن کي سونپي رهيو آهي جو هن پنهنجي ڊاڪٽري وري سموري ڪيريئر ۾ هن وقت تائين ڪوبه مريض خانگي ميڊيڪل سينٽرن ۾ داخل نه ڪيو آهي پر پنهنجي سرڪاري وارڊ کي هڙان وڙان خرچ ڪري پنهنجي پيسن سان خانگي ملازم رکي به پرائويٽ ميڊيڪل سينٽرن ۾ ڏنل سهولتن کان بهتر بڻايو آهي. منهنجي دوست غلام محمد بروهي جي ننڍڙي هاڻي پنهنجي پيرن تي گهمي ٿي جنهن کي کيڏندي، کلندي، ڪڏندي ڏسي غلام محمد ۽ ان جي زال کي ايترو ته خوش ٿيندا آهن جنهن جو اندازو صرف اهي ئي ڪري سگهن ٿا. هڪ ڏينهن غلام محمد پلي مڇي پچرائي دعوت ڏني. ماني کائي ويٺاسين ته پنهنجي نياڻي کي وٺي اچي منهنجي هنج ۾ ويهاري حيرت انگيز انگل ڪيائين ته “ننڍڙي جو نالو رک ۽ دعا به ڏي”. مون هڪو بڪو ٿي پڇيو “هن جو نالو اڃان نه رکيو آهي ڇا؟. تنهن تي کلي چيائين ته “هن کي صحتمندي جو نئون جنم مالڪ سائين تنهنجي ذريعي ڊاڪٽر ضمير سومرو کان ڏياريو آهي. جيڪڏهن هي ننڍڙو هجي ها ته نالو ضميرحسين رکان هان پر نياڻي آهي ان لاءِ نالو تون رکيس”. مون کي سنڌيا نالو تمام گهڻو وڻندو آهي جو سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن مالڪ سائين نياڻي ڏني ته ان جو نالو سنڌيا رکندس. ان ڏينهن نه رڳو ننڍڙي جو نالو سنڌيا رکيو پر مون کي ائين به لڳو ته “مالڪ مون کي اڄ نياڻي پڻ ڏئي ڇڏي”. ٽي مهينا اڳ غلام محمد کي پٽ جي اولاد ٿي جنهن تي نالو ضمير احمد رکيو اٿائين. ڪاش اسان جا ڊاڪٽر پنهنجا تمام پروفيشنل معاملا اڪلائڻ کان پوءِ ڪجهه فيصد ذاتي، سماجي، فني ۽ اخلاقي خدمتون پنهنجي ضمير، انسانيت، اخلاق، ڪردار ۽ خدا خوفي کي دان ڪري شفائن دوائن جو ڪو اهڙو ڪردار ادا ڪن ۽ مسيحائي جو ڪو اهڙو باب رقم ڪن جهڙو ڊاڪٽرضميراحمد سومرو جوڙي رهيو آهي ته هوند انهن جي ننڍڙي ابتدا، ٿورڙي وقت ۽ سچائي سان نه رڳو اسان جي موجودهه بيمار نسلن جي “صحتمند معاشري واري خواب” جي هڪ ڏينهن ساڀيان ٿيڻ ممڪن ٿي پوندي پر اهي ڊاڪٽر منهنجي دوست غلام محمد جهڙي هزارين انسانن، خاندانن ۽ بيواهي لاچار انسانن جون بي لوث دعائون پڻ ڪمائيندا جيڪي کين زندگي ۾ ڪاميابيءَ ڏيڻ سان گڏ سندن عاقبت ۽ آخرت پڻ اجارينديون.