خُدن خاموش (عبيد ٿھيم)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏28 آڪٽوبر 2018۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    خُدن خاموش
    ڪھاڻي
    *** عبيد ٿھيم ***
    ھُن ننڍپڻ کان ئي مئگزين ۾ لکڻ شروع ڪري ڇڏيو، ڏيھ جِي ھر مشھور اخبار ۾ سندس ڪالم، ڪھاڻيون ۽ شاعري ڇپجندي رھندي ھُئي، ھُن سوچيو! جيڪڏھن مان مري وڃان تہ گهٽ ۾ گهٽ مُنھنجي تخليق نہ مَري! ھِن پھريون ڀيرو سمارٽ فون ورتو ۽ دوستن جي چوڻ تي فيسبڪ آئي ڊي ٺاھيس.. سندس لکڻيون ھاڻ ڏيھ پرڏيھ ۾ ويٺل سندس مداحن پڙھيون ٿي ۽ خوب داد ڏِنو ٿي.. ’ھر تخليقڪار چاھيندو آھي تہ ھُو پنھنجي مداحن سان اڻ سِڌي طرح ئي صحي، رابطي ۾ اچي ۽ کين سندس قلم جِي نِب مان نڪتل لفظن جو روپ ورتل احساس پڙھائي‘.
    خُدن خاموش جا مداح ڏينھون ڏينھن وڌندا ٿي ويا، ڇوتہ ھاڻ سندس مداحن کي خبر پئجي وئي تہ سندس مَن پسند تخليقڪار (اديب) سوشل ميڊيا تي آيو آھي. ھُن ھڪ ڏينھن اسٽيٽس ڇڏيو، جيڪو انگريزيءَ ۾ ھو، جنھن جو سنڌي مفھوم ھيئن ٿو ٿئي :
    ”اسان سڀ ھڪ ٻئي ۾ سِڌي يا اڻ سِڌي طرح انٽريسٽڊ ھوندا آھيون، محبت ئي ھوندي آھي جيڪا اسانکي ھڪٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ ھڪٻئي ۾ ڪشش پيدا ڪندي آھي.. ھر انسان زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ھڪ ڀيرو پنھنجي اپوزٽ جنس يا پنھنجي ھمجنس طرف مائل ٿيندو آھي ۽ اِھا ئي محبت آھي..“
    ھُن پنھنجي خيالن کي ھاڻ پَنَن تي لکڻ بدران موبائل ذريعي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ ۾ ئي پنھنجي خوشِي ٿي سمجهيو، ھُن ھڪ ڀيرو سنڌيءَ ۾ لکيو :
    ”عشق حقيقي جو حاصل مطلب وحدانيت ئي آھي پر مجاز ۾ وحدانيت جو ڪو تصور ئي ناھي، مجاز سناتن ڌرم وانگي آھي جنھن ۾ ھڪ کان وڌيڪ محبوب خُدا جي رُوپ ۾ ھوندا آھن ۽ ھر محبوب جِي پنھنجي ادا ۽ پنھنجو مرتبو ھوندو آھي.“
    ھُن جي اِھا پوسٽ سندس کوڙ سارن مداحن پسند ڪري شيئر ڪَئِي، کيس بيحد خوشِي ٿِي.. ھُن پنھنجو سمورو وقت ھاڻ ڪاليج ۾ شاگردن کي ڏيڻ بدران سمارٽ فون کي ڏيڻ شروع ڪيو، کيس ھاڻ گهر جو سِيڌو وِسرِي ٿي ويو پر سندس ھرھڪ مداح جو ڪامينٽ ياد ھيو. ھُن رات جو ساڍين ٽِين وڳي ھڪ اسٽيٽس رکيو، ڇوتہ ساڍين ٽين وڳي رکيل اسٽيٽس صبح سان سندس مداح غور سان پڙھندا ھُئا... لکيس :
    ”مُحبت جيڪڏھن سچي دل سان ڪئي وڃي تہ تمام گهڻو لطف ايندو آھي پر ساڳي ئي محبت جيڪڏھن بددلي سان ڪئي وڃي تہ اُھا ھڪ عذاب بڻجي وڃي ٿي“
    ھُو ھاڻ سوشل ميڊيا تي سڀ کان وڌيڪ پڙھيو ويندڙ ليکڪ بڻجي چُڪو ھو، ڪافي عرصي بعد ھُن ھڪ ٻيو بہ اسٽيٽس رکيو تہ ”اديب! روزانو ٻہ ڪلاڪ اديب ۽ 22 ڪلاڪ ھڪ عام رواجي انسان ھوندو آھي“
    کيس روزانو ٽِن چئن ڀُورَن ڇوڪرَن جون فرينڊ رُڪئيسٽ اينديون ھيون، پھرين ھُو اُنھن کي مداح سمجهي فرينڊ رُڪئيسٽ ايڪسيپٽ ڪندو ويو، پوءِ جڏھن انگ اکر وڌيا تہ ھِي پاڻ پريشان ٿي ويو... ھُن کي ھاڻ ڇوڪرَن دُعا سلام ڪرڻ کانپوءِ ڊِنر جي دعوت بہ ڏِني ٿي، جنھن کي ھُن خوشيءَ مان ٿي قبوليو، ھُن پھرين سمجهيو تہ شايد نوجوان مون وٽان سِکڻ ٿا چاھِن.. کائنس روزانو ڪونہ ڪو ڇوڪرو سِڌي يا اڻسِڌي طرح ’ھوموسيڪس‘ بابت پُڇندو ھو ڪُجهہ تہ کيس ھوموسيڪس ڪرڻ تي اُڪسائيندا ھُئا. ھُو کين سمجهائيندو ھو تہ ”بابا! آئون اُنھن مان ناھيان جيڪي ھوموسيڪس جا شوقين آھن“ پر پوءِ بہ ڇوڪَرا کيس پنھنجون تنھائيءَ ۾ ٺاھيل وڊيوز انباڪس ڪندا ھُئا... ھِي پريشان ٿي ويو، ھِي اُنھن کي انفرينڊ ڪندو رھيو... جڏھن ميسيجن جو آزار وڌيو تہ ھُن پنھنجي سمورن فرينڊلِسٽ ۾ آيل ڇوڪرن کي رِيموو ڪيو ۽ ھر نئين ايندڙ فرينڊ رُڪئيسٽ جيڪا ڪنھن ڀورَي ڇوڪري جِي ٿي لڳي، تنھن کي ’نو لفٽ‘ ڪرايائين، پوءِ بہ سندس جند ڪانہ ڇُٽِي.. ھُن ھڪ ڏينھن فيسبڪ تي اسٽيٽس رکيو :
    ”اسان ھُجوم ۾ ھوندي بہ اڪيلا صرف انڪري آھيون جو اسان دلين ۾ رھڻ ئي ناھي سکيو“
    اُن ئي ڏينھن شھر ۾ ڪنھن مشھور اديب جي ياد ۾ ميڙاڪو ٿيو، جيئن تہ ھُو شھر جو مشھور ليکڪ ھيو تنھنڪري کيس خاص دعوت ڏِني وئي ھُئي، پروگرام جي اختتام تي ھڪ خوبصورت نوجوان اڇي شرٽ سُرمئي رنگ جي پئنٽ ۽ ڳچيءَ ۾ مفلر، اڳتي وڌي ساڻس باادب مليو، ھُن محسوس ڪيو تہ نوجوان جو ھٿ سندس ھٿ ۾ ڪا حرڪت پيو ڪري.. ھُو ڪُجهہ ڳالھائڻ وارو ئي ھو تہ نوجوان چيس : ”سھڻا سائين! اڄ منھنجي بہ دل ۾ رھي ڏِسو.. ڪجهہ گهڙيون مون سان بہ گهاريو تہ اوھان جا احسان ٿيندا“
    ھُو حيران ٿي ويو! ھِي نوجوان ڪير ھو کيس ڪا خبر نہ ھُئي پوءِ بہ... ھِن ”ادا ڪنھن ھوٽل تي چانھن پيون ٿا“ چيو تہ ھڪدم نوجوان وراڻيس ”پيارا! ھوٽل تي تنھائي ناھي ھوندي، منھنجي فليٽ تي ھلو نہ....“
    ھُن اڻڄاڻ ٿيندي ٿوري سخت لھجي ۾ چيو ”ڇا مطلب؟ فليٽ تي ھلان؟“
    ”ھا سائين، فليٽ تي، ڪُجهہ ڪلاڪ دل وندرائينداسين...“
    ”بدتميز! تو مونکي اھڙو سمجهيو آھي ڇا؟ مان انھن منجھان ناھيان...“
    نوجوان ڳالھ ٽوڙيندي چيس ”سائين! توھان جي فيسبڪ تي تہ لکيل آھي ’انٽريسٽڊ اِن مين‘ پوءِ ڪيئن ٿا چئو انھن مان ناھيان...“
    ۽ ان ڏينھن کان پوءِ خُدن خاموش آھي....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو