شفيق الرحمان شاڪر هونئن اسان جي ملڪ ۾ ”جمهوريت خطري ۾ آهي.“ جو راڳ ڪو نئون ناهي،آمريت جو دورهجي يا نام نهاد جمهوري دور اها ويچاري سدئين خطري ۾ رهندي ٿي اچي پر اڄ ڪلهه جنهن جمهوريت کي خطرو آهي سا آهي “اشرافيا جي جمهوريت“!هي گرم گرم پريس ڪانفرنسون،هي محبتن واريون ملاقاتون،هي گڏجاڻيون ۽ آل پارٽيز ڪانفرنسون،هي تيز ترين بيان،هي سياسي رهنمائن جي ڊوڙڊڪ،اهي نوان ۽ پراڻا اتحاد،اهو سڀ ڪجهه رڳو ان لاء آهي جو “جمهوريت“ کي خطرو آهي.تازو تازو ملڪ ۾ پرامن نموني چونڊون ٿي چڪيون آهن،عوام جا چونڊيل نمائندا اسيمبلين به پهچي چڪا آهن ۽ اهي پنهنجون پگھارون ۽ ٻيون سڀ مالي رعايتون به حاصل ڪري رهيا آهن پر جمهوريت خطري ۾ آهي.ملڪ ۾ سڀ معاملا آئين ۽ قانون مطابق هلي رهيا آهن،عدالتون به آئين مطابق آزاديء سان ڪم ڪري رهيون آهن پر پوء به جمهوريت خطري ۾ آهي.فوجي سربراهه کان ويندي ملڪ جو چيف جسٽس به اها پڪي خاطري ڪرائي چڪو آهي ته اهي جمهوريت جو ساٿ ڏيندا پر پوء به جمهوريت خطري ۾ آهي.نه ته ڪو فوجي آمر تخت تي ويٺل آهي ۽ نه ئي آئين جو ڪو حصو ئي معطل ٿيل آهي ۽ نه ئي ملڪ ۾ ڪا ايمرجنسي لڳل آهي پوء به جمهوريت خطري ۾ آهي. سڀ وزير ۽ مشير ۽ حڪومتون پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن پر پوء به جمهوريت خطري ۾ آهي. پارليمينٽ کان ٻاهر پارليامينٽ سجائي پيئي وڃي،پارليامينٽ اندر هڪ ٻئي کي گاريون گند ڪيا پيا وڃن ان ڪري جو جمهوريت خطري ۾ آهي.عوام به حيران آهي ته آخر جمهوريت ڪيئن خطري ۾ آهي؟انهيء سوال جو جواب ڳولهڻ ڪو ايڏو ڏکيو به ڪونهي.اسان جي ملڪ ۾ جمهوريت معنيٰ ڪجهه اشرافيا جي هڪ هٽي جن جي سوچ مطابق جمهوريت ۽ اهي هڪ ٻئي لاء لازم ملزوم آهن. جيڪر ڪنهن سياسي نظام ۾ اهي پوري اختيار سان موجود آهن ته چئبو ته جمهوريت به پنهنجي سموري جوڀن سان موجود آهي پر جيڪر اهي ڪنهن سبب يا قانوني رڪاوٽن يا عوام طرفان چونڊن ۾ رد ڪرڻ جي نتيجي ۾ حڪومت کان ٻاهر رهجي ويا هجن ته پوء واقعي جمهوريت کي خطرو آهي.سوچيو ته اڃا نئين حڪومت کي مس ٻه مهينا ٿيا آهن ۽ انهيء حڪومت جي لاء جيڪي مسئلا ۽ مونجھارا پهرين کان ئي موجود آهن اها انهن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.نه ته حڪومت طرفان ڪا انتقامي ڪاروائي ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن کان ڪا سياسي آزادي کسي ويئي آهي ته پوء اهي سڀيئي نامور سياستدان آخر ڪنهنجي خلاف ۽ ڇو گڏ ٿي رهيا آهن؟اهي سڀ آخر ڪهڙي مصيبت ۽ تڪليف جو شڪار ٿي پيا آهن؟پهرين خلائي مخلوق ۽ جوڊيشل مارشلا جي مالا پڙهي پئي ويئي پر جڏهن مٿان کان سخت شٽ اپ ڪال آئي ته انهن جي سمورين توبن جو رخ عمران حڪومت خلاف ٿي ويو.سمجھه وارن لاء اها ڳالهه سمجھڻ بلڪل سولي آهي ته اهي هن وقت جنهن” شاندار جمهوري جدوجهد“ ۽ ”عظيم مزاحمت“ جي شروعات ڪري رهيا آهن انهيء جو سبب ڇا آهي؟اهي جن کي وقت جي ستم ظريفين آڻي هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو آهي اهي سڀ هڪ ٻئي جا دوست به بنيل آهن پر انهن مان ڪوبه هڪٻئي تي اعتماد ڪرڻ لاء به تيار ناهي.اقتدار به وڏي ظالم شيء آهي جيستائين هٿ ۾ هوندو آهي ته هر طرف محبتين جا ميلا متل نظر ايندا آهن،هر موسم خوبصورت لڳندي آهي پر جڏهن اهو هٿن مان نڪري ٿو ته ان جي جدائيء جو غم برداشت ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.اهي جن جي پيٽ ۾ هن وقت جمهوريت جا وٽ پئجي رهيا آهن انهن جي ماضيء جي ڪارڪردگي ڏسو ته سندن جمهوريت پسندي ۽ عوام دوستيء جي پت وائکي ٿي وڃي ٿي.ٽيهه ٽيهه سال اقتدار ۽ اختيار ۾ رهڻ باوجود ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به مهيا نه ڪري سگھيا اهي اڄ ڪهڙي منهن سان عوام عوام جو رينگٽ وڄائي رهيا آهن؟ اهي سڀ هڪ هنڌ تي گڏ ته ٿي رهيا آهن جو انهن جو دشمن ساڳيو آهي پر انهن سڀني جا پنهنجا پنهنجا سور ۽ الم آهن.احتساب جي جن انهن سڀني کي ٻيهر گڏ ٿيڻ تي مجبور ڪيو آهي.ڪيترائي ڪرتوت سامهون اچي چڪا آهن ۽ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون اڃا اڻ شايع ٿيل آهن.اهي ملڪيتون جيڪي انهن وڏي ”محنت“ سان عوام جي محبت ۾ ملڪ توڙي غير ملڪن ۾ جوڙيون هيون اهي هڪ هڪ ٿي سندن هٿن مان نڪرندي محسوس ٿي رهيون آهن.انهن مان هڪ وڏي اڪثريت ترت ئي نااهلي ۽ ٻين سزائن جي ور چڙهڻ واري آهي.گھڻن جي سياست جو باب ئي بند ٿيڻ وڃي رهيو آهي.نه ته ماضيء جيان ڪنهن ٻاهرئين دوست جي چوڻ تي ڪو اين آر او ٿي رهيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن بليڪ ميلنگ ذريعي مٿانئن احتساب جي مصيبت ٽرڻ واري آهي.اهي پاڻ به اهو سڀ ڪجهه ڄاڻن ٿا پر “تنگ آيد بجنگ آيد“ جي مصداق جڏهن ٻڏڻ ئي مقدر بڻجي وڃي ته پوء وڏي شان ۽ دٻدٻي سان ڇو نه ٻڏجي؟ احتساب جي ان وڪڙ ۾ رڳو مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ ئي نه پر حڪومتي عهدن تي ويٺل ڪيترن ئي پارسائن جي پارسي به مٽيء ۾ ملڻ واري آهي.باقي رهيو عوام جي لاء همدرديء جا نعرا بلند ڪرڻ جو سوال ته اهي سڀ هاڻي عوام کي معاف ئي ڪن ته بهتر!عوام کي انهن جي انهن اجلاسن،ڪانفرنسن ،ڌرڻن ۽ تحريڪن سان ڪابه دلچسپي ڪانهي ۽ نه ئي عوام انهن جي سڏ تي هاڻي بيوقوف بڻجي ڪو روڊن رستن تي اچڻ وارو آهي.هن ڀيري انهيء اشرافيا کي پنهنجن مصيبتن ۽ مشڪلن کي اڪيلي پنهنجي سر پاڻ منهن ڏيڻو پوندو.نه ته ملڪ جي سر سان ڪا سر وڄندي ۽ نه ئي ڪو عوامي انقلاب جو سيلاب سڀ ڪجهه وهائي ويندو.جنهن جيڪي ڪجهه ڪيو انهيء جو فصل ڪپڻ جو وقت شايد اچي چڪو آهي.هڪ خوف ۾ ورتل ۽ اعليٰ انساني صفتن کان ڪوري مخلوق پنهنجي اقتدار ۽ اختيار جي آخري جنگ وڙهي رهي آهي،جنهن ۾ دانهون ۽ ڪوڪون به آهن،آهون ۽ سڏڪا به آهن ،الزام ۽ ڌمڪيون به آهن ته ماتم ۽ سينا پٽڻ به شامل آهي.اهي سڀ شيون هتان جي مجبور ۽ غريب عوام جو صدين کان مقدر بڻيل آهن،اڄ جيڪر انهن سمورن سورن مان ڪجهه حصو قدرت جي ڪرشمن سان ان اشرافيا جي حصي ۾ به اچي ويو آهي ته عوام لاء دل کي ٺارڻ جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو سامان ٿي سگھي ٿو.بقول شاعر؛ اي موج بلا ! ان ڪو ڀي ذرا دو چار ٿڦيڙي هلڪي سي جو لوگ اڀي تڪ ساحل سي طوفان ڪا نظارا ڪرتي هين. عوام جيڪو انهن جي ان نام نهاد جمهوريت جي طوفان هٿان جيئري دفن ٿيندو رهيو ۽ اهي سمنڊ جي ڪناري تي بيهي زندگيء جي سورن ۾ ٻڏندڙ ان عوام جو تماشو ڏسندا رهيا،اڄ جيڪر مصيبت جي ڪنهن موج انهن کي به ٻه چار ٿڦڙ وهائي ڪڍيا آهن ته ايترو شور مچائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟آخر انهن کي سدائين سڪون جون پينگھون لڏڻ لاء ئي ته پيدا ناهي ڪيو ويو.اڄ انهن کي عدالتي نظام کان وٺي احتسابي ادارن تائين موجود سڀ ڪميون ۽ ڪوتاهيون،عيب ۽ اوڻايون نظر اچي رهيون آهن.جيلن جون خراب حالتون به سمجهه ۾ اچي رهيون آهن،لاڪپ جي ڪوٺيء ۾ آفتاب جي نه ايندڙ روشنيء جون شڪايتون به زبان تي اچي رهيون آهن پر هتان جو عوام سالن کان انهن اذيتن ۾ سڙندو رهيو آهي انهن جون آهون ۽ دانهون ته ڪڏهن ڪنهن به نه ٻڌيون آهن.سو انهن سياسي رانديگرن کي به حوصلو ڪرڻ گھرجي،صبر ۽ برداشت جو مظاهرو ڪرڻ گھرجي جو انهن جي سمورين اٽڪلبازين جو هاڻي نه ته عوام تي ڪو اثر ٿيڻو آهي ۽ نه ئي قدرت جو قانون مڪافات عمل انهنجي جان ڇڏڻ وارو آهي.انهن جي جنهن جمهوريت کي خطرو آهي ان جمهوريت جا چنبا عوام جي رت سان رڱيل ۽ سندس پيٽ عوام جي ماس سان ڀريل آهي.